ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) سنڌ هاءِ ڪورٽ گيس فيلڊز ويجهو واقع ڳوٺن کي گيس فراهم ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران سوئي سدرن ڪمپني(ايس ايس جي سي) جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ٻهراڙين ۾ گيس جي فراهمي بابت 51 سيڪڙو ترقياتي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته سال 23-2022ع دوران وفاقي حڪومت طرفان ڪو فنڊ نه مليو آهي، جنهن تي عدالت پڇيو ته ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري ڪٿي آهي؟ جنهن تي عدالت کي ٻڌايو ويو ته ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري ڪجهه مصروفيتن سبب پيش ٿي نه سگهيو آهي، جنهن عدالت ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري کي شوڪاز جاري ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي وضاحت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، عدالت پڇيو ته گيس فيلڊز ويجهو واقع ڳوٺن کي گيس فراهم ڪرڻ لاءِ ٻن مهينن جي مهلت ڏني وئي هئي، انهي ۾  ڪيتري اڳڀرائي ٿي آهي؟ جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته هڪ هفتي جي مهلت ڏني وڃي، عدالت ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿي عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪرائڻ بابت وضاحت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان موقعي تي عدالت کي ڄاڻ ڏني وئي ته عدالتي معاون مخدوم علي خان سپريم ڪورٽ ۾ مصروف  هجڻ سبب پيش ٿي نه سگهيو آهي، عدالت سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي 21 نومبر تي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي، ڪالهه ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر برسات سبب رليف جي ڪمن ۾ مصروف آهن، جنهن ڪري عدالت کي استدعا آهي ته ڊگهي تاريخ ڏني وڃي، جنهن تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.