جنرل ضياءَ جي دور حڪومت ۾ وزير خزانه رھندڙ ڊاڪٽر محبوب الحق پنھنجي ڪتاب The  Poverity  Curtain Choices of Third World ۾ لکي ٿو ته جڏھن مون جنرل ضياءَ کي تجويز ڏني ته سچو پچو امير المومنين ٿيڻو اٿئي ته زمينون جاگيردارن کان ڦري عام ماڻھو ۾ ورھائي ڇڏ، جنرل ضيا چيو ته مارائيندين ڇا ؟ ڀٽي جي ڦاسي کانپوءِ عوام ۾ اڳئي ڪاوڙ آھي ۽ ڀٽي سان ڪاوڙيل سردار،جاگيردار، خان ۽ پير مون سان بيٺا آھن، پوءِ وري منھنجو تختو اونڌو ڪن.
ملڪ جي حڪمراني ڀل فوجي آمرن وٽ ھجي يا زرداري ۽ نواز شريف جھڙي جمھوري حڪمرانن وٽ ھجي پر اسيمبلي ۾ پير، جاگيردار،ڀوتار،مخدوم،خان،سردار،رئيس، ارباب ۽ ملڪ ئي چونڊبو،ڇاڪاڻ ته اليڪشن ۾ بيھڻ ۽ کٽڻ ڪنھن غريب ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ جي وس جي ڳالھه نه آھي. ھنن ملڪ جي چند قبائلي سردار،ڀوتار،جاگيردار ۽ گادي نشين خاندانن وٽ ھزارين ايڪڙ زمينون آھن، سندن زمينن ۾ وڏا ڳوٺ برادرين، قبيلن ۽ ھارين جا ڳوٺ اڏين ٿا جيڪي نسل در نسل ماڻھو نه رڳو ووٽ پر ھر طرح جي غلامي ۾ جڪڙيا پيا آھن. ايئن مخدومن، پاڳارن، قريشين، گيلاني، جيلاني، سيدن ۽ درگاھن جي گادي نشينن جي مريدي خادمي آھي جنھن سبب ماڻھو به ڪھڙي به ڀوتار جي زمين ۾ ويٺو ھجي پر ووٽ مرشد جي چوڻ تي ڏيندو. ڀل اسان ڪيترا به باشعور،ترقي پسند، روشن خيال، انقلابي، قومپرست، آزادي پسند ۽ گوريلا ھجون يا ڪامورا پر ووٽ رئيس کي ڏيڻو آھي يا سندس چوڻ تي ڏيڻو آھي. اڳ ۾ووٽ ڀٽي جو ھو پر اثر رسوخ وري به تر جي ڀوتار جو ھلندو ھو،ڪافي ماڻھن ڳٺجوڙ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪامي ٿي. ھينئر به ڳوٺن جا چڱا مڙس  جيڪي اليڪشن ۾ بيھڻ جي حيثيت رکن ٿا يا سؤ کن ووٽ سندن ھٿ ۾ آھن انھن کي ميڙي چونڊي پ پ ۾ شامل ڪرائين ٿا ته جيئن ڪو مقابلو ۽ مخالفت ڪرڻ وارو ئي نه ھجي، جڏھن علائقي ۽ تر ۾ مخالفت نه ھوندي ته پوءِ ڪم ڪيو يا نه ڪيو، ويھي آرام سان کائو. پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ به ساڳي صورتحال آھي ۽ شھرن جي صنعتي علائقن ۾ پڙھيل لکيل شھرين جو ساڳيو ٽڪساٽ ٺھيل آھي پر ڇاڪاڻ ته مرڪزي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ اڪثريتي چونڊيل ميمبرن جو تعداد ٻھراڙين سان تعلق رکي ٿو تنھنڪري شھري ووٽ تي حاوي رھي ٿو، ان ڪري ملڪ جي حڪمران ٽولي کي زرعي ۽ قبائلي معاشرتي نظام وڌيڪ ڪارآمد لڳي ٿو.سڀ پارٽيون نظام بدلائڻ جون ڳالھيون ڪن ٿيون پر وري به پراڻي نظام کي مضبوط ڪن ٿيون،سموري قانون سازي پنھنجي مفاد ۾ ڪن ٿيون جڏھن پاڻ ۾ وڙھن ٿا ته چون ٿا سسٽم کي ڊي ريل ٿيڻ نه ڏبو، اچو ته گڏجي نظام بچايون، ڇاڪاڻ ته ھي نظام سندن طبقي کي ٽيڪ ڏيو بيٺو آھي. ذوالفقار علي ڀٽو نظام کي ٽوڙي جاگيرون ڦري ھارين ۾ ورھائي زرعي سڌارا ڪيا ۽ ڪارخانا قومي ملڪيت ۾ ورتا ته سڀني گڏجي سندس پاڙ پٽي ڇڏي. ملڪ تي حاڪميت ڪندڙ چند خاندانن جن ۾ فوجي، جج، ڪامورا، وڏيرا،سردار،سرمائيدار،رئيس،گادي نشين ۽ ٻي اشرافيه جن جون پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون ٿيل آھن، ھي نظام سندن مستقل اقتدار کي مضبوط ڪري ٿو، ان ڪري ھو جاگيرداري کي ختم ڪري زرعي سڌارا نٿا آڻين. ماضي ۾ تباھه زراعت دوران زميندار زرعي ترقياتي بينڪ مان قرض کڻي گھر ھلائيندا ھئا، وڏيون گاڏيون وٺندا ھئا،عيش ڪندا ھئا،اليڪشن وڙھندا ھئا پر پوءِ زرعي بينڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيائون ۽ پاڻ به گروي ٿي ويا. ھاڻ ته موسمياتي تبديلين، زراعت ۾ جديد مھارت جي گھٽ استعمال، پاڻي کوٽ، جنسن جا گھٽ ريٽ ھجڻ  ۽ فصلن جي پيدائش گھٽ اچڻ سبب زميندار ۽ ھاري تباھه ٿي ويو آھي.سڄي دنيا ۾ زمين رکڻ جي حد مقرر آھي. دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ذاتي زمين نه آھي. زمين رياست جي ملڪيت جيڪو کيڙي يا ٺيڪي تي کڻي،ھتي ڪوڙن کاتن تي ھزارين ۽ لکين ايڪڙ زمين سردار، ڀوتار جاگيردار، رئيس ۽ پير رکيو ويٺو آھي.سمورن ننڍن ۽ بي پھچن جو پاڻي به بند ڪري، پنھنجي ھارين سان به حساب نه ڪري ۽ کين غلام ڪري ۽ زمين به جھڙي پيداوار ڏئي کيس فصل ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ سان ڪو فرق نٿو پوي ڇاڪاڻ ته سندس ذريعه معاش سياست آھي. وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جو زراعت طرف ڪو ڌيان نه آھي. دنيا جو ھي زرعي ملڪ جنھن وٽ بھترين ايريگيشن سسٽم آھي پر نا اھل حڪمرانن ۽ ڪامورن ايريگيشن نظام کي تباھه ڪري ڇڏيو. پنجاب ۾ وري به اسان کان نظام بھتر آھي باقي اسان وٽ ڀينگ لڳي پئي آھي. آءُ جس ٿو ڏيان انگريزن کي جن زمينن جي سروي ڪئي، نقشا ٺاھيا، بيراج سسٽم اڏيو، زمين جي حساب سان پاڻي ماپ مقرر ڪئي. واٽر ڪورس، واهه، شاخون، ڪئنال ۽ بيراج ٺاھيا، قدرتي وھڪرن کي بحال رکيو، پاڻي جي سالياني دستيابي ۽ ورڇ مقرر ڪئي، علائقائي موسمن آھر ۽ پاڻي جي طلب موجب فصلن جي آبادي ۽ ماڻھن جي خوراڪ جي طلب موجب فصلن جي پوکائي جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو پر ڇاڪاڻ ته ان نظام کي 200 سال گذري چڪا آھن. ماڻھن جي آبادي به وڌي آھي. سائنسي اوزارن ۾ به جدت آئي آھي. ٽيڪنالاجي جو دور آھي، ان باوجود ھر حڪومت ايندڙ چئلينجن کي منھن ڏيڻ لاءِ سالياني يا ڊگھي مدي جي رٿابندي ڪندي آھي پر پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ اسان ترقي بجاءِ تنزلي طرف ھليا ويا آھيون ۽ انگريز طرفان عطا ڪيل سسٽم کي سڌارڻ بجاءِ انکي ماڳھين تباھه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. وقت جو ھر حڪمران زراعت ۾ جديد سڌارا آڻڻ بجاءِ انکي وڌيڪ تباھه ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته زراعت ترقي ڪئي ته عام ماڻھو ترقي ڪندو، جنھن سان حڪمران ٽولي جي تخت ۽ تاج کي خطرو ٿيندو. حڪمرانن وٽ صنعت لاءِ سڀ مراعتون آھن پر زراعت کي شعوري طور تباھه ڪن ٿا. زرعي ملڪ ھوندي ڪڻڪ، کنڊ، چانور، دالين، ٽماٽي، بصر ۽ ٻين جنسن جي يا کوٽ ٿئي ٿي يا وري ايتري وڏي مقدار ۾ ٿئي جو خريدار ئي نه ملي. پوکيندڙ کي ايترو نقصان ٿئي جو ٻيھر اٿي ئي نه سگھي،حڪومت امپورٽ ته ڪري ٿي پر ايڪسپورٽ نٿي ڪري.اسان وٽ زراعت، خوراڪ ۽ روينيو کاتي جو ڪردار ئي نه آھي ۽ نه وري ايريگيشن کاتي کي وقت سر پاڻي پورو ڪري ڏيڻو آھي، ساڳي وقت نين جنسن جي تحقيق ۽ آبادگار کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ڪيترا ملازم ۽ ماھر رکيل آھن پر اڄ تائين تحقيقاتي ادارن جي سائنسدان ڪا نئين جنس پيدا نه ڪئي آھي جيڪا موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪري، نه ماھرن طرفان آبادگارن کي ڪا سڌ ڏني وڃي ٿي ته فصل ڪڏھن ۽ ڪھڙا پوکجن ۽ انھن مان وڌيڪ پيداوار ڪيئن حاصل ڪجي؟ پيسٽيسائيڊ ۽ نج ٻج جي لاءِ ڪو مڪينزم نه آھي، جنھن سبب آبادگار آسري تي فصل پوکي توڪل ڪري ويھي رھي ٿو پوءِ جيڪو ٿيو.
ھاڻ ڇا ٿيڻ گھرجي؟
(1) زمينن جي نئين سر سروي ٿئي، نامي ۽ بي نامي کاتن جي رجسٽريشن ٿئي.
(2) زمين رکڻ جي حد مقرر ٿئي، مخصوص يونٽن کانسواءِ سڀ زمين عام ماڻھو يا جيڪو زمين کيڙي سگھي ان کي ٺيڪي تي ڏني وڃي.
(3) زمينن جي ڊولپمينٽ ۽ پوکائي لاءِ خاص زرعي تربيت ڏني وڃي  ۽ فصل جي پوکائي لاءِ آبادگار کي رعايتي قرض ڏئي فصلن جي انشورنس ڪئي وڃي، قدرتي نقصان يا جنسن جا اگھه نه ٿيڻ سبب آبادگار کي پريميم ڏنو وڃي.
( 4) موسمياتي تبديلن موجب ٻج تيار ڪيا وڃن ته جيئن پيداوار تي اثر نه ٿئي.
(5) ڪنھن به فصل جي پوکائي لاءِ ملڪي ۽ ٻاھرين ملڪن جي آرڊرن موجب جنسون پوکايون وڃن.
(6) وافر مقدار ۾ ٿيندڙ پيداوار کي محفوظ بنائڻ لاءِ گودام ۽ ڪولڊ اسٽوريج ٺاھيا وڃن.
( 7) تيل، ڀاڻ، ٻج ۽ زرعي دوائن جا اگھه سستا ڪيا وڃن ته جيئن جنسن جا اگھه مناسب ٿين ۽ عام ماڻھو جي قوت خريد وٽان ھجن.
( 8) ملڪ ۾ لکين ايڪڙ غير آباد زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ ننڍا ننڍا ڊيم ٺاھڻ گھرجن.
(9) آبپاشي نظام جي نئين سر جوڙجڪ ڪجي جنھن پاڻي دستيابي ۽ ورڇ جو اندازو لڳائي سگھجي.
(10) دريائن ۽ جرن جي پاڻي تي ڀاڙڻ سان گڏ ھٿرادو برسات تي فصل پوکڻ جي ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ گھرجي، زراعت ترقي ڪندي ته ملڪ جي 80 فيصد آبادي جي قسمت بدلجي ويندي ۽ صنعت کي به مقامي مال ملندو ۽ ملڪ ترقي ڪندو.