پاڪستان جي اها بدقسمتي رهي آھي جو هتي سدائين غير جمهوري قوتن هٿرادو نظريا گهڙي جمهوريت جو ڳلو گهٽيو آھي. ڏيھه ۾ جمهوريت کي پروان ئي چڙھڻ نه ڏنو ويو آھي. جمهوريت دنيا جي بهترين سياسي نظامن مان هڪ آھي. انيڪ خامين باوجود به جمهوريت ٻين سياسي نظامن فوجي آمريت، بادشاهي،فسطائيت وغيره کان عوامي نظام يا عوام دوست نظام آھي، هن سياسي سسٽم ۾ حڪومت ٺاهڻ ڊاهڻ جو اختيار عوام وٽ ئي هوندو آھي پر هي نظام ان وقت تائين ڊليور نه ڪندو جيسيتائين ان کي پنهنجي اصل روح مطابق لاڳو نه ٿو ڪيو وڃي. هتي الميو اهو آھي تي جمهوريت کي صرف اليڪشن پروسيس يا ووٽ وٺڻ تائين محدود ڪيو ويو آھي ۽ تاثر اهو ڏنو ويو آھي ته جمهوريت رڳو حڪومت ٺاهڻ تائين ئي آھي جيڪا ڳالهه امر حقيقت جي ابتڙ آھي. جڏهن غير جمهوري قوتن ۽ سياستدانن جمهوريت کي رڳو چونڊ تائين محدود ڪيو آھي ته عوام به هن سياسي سسٽم کان لاتعلق ٿي بيٺو آھي جيڪو عمل عوام جي نقصان ۽ ٻين حلقن جي حق ۾ آھي. عوام جي ان غير جمهوري روش ڪرپٽ ۽ نااهل سياستدانن ۽ غير جمهوري قوتن کي هٿي ڏني آھي ته ملڪي دولت کي لٽين ڦرين. اهو وساريو ويو آھي ته جمهوري سيٽ اپ ۾ سياسي طاقت عوام ئي آھي، شرط اهو آھي ته عوام ان طاقت جو درست وقت تي استعمال ڪري جمهوريت هڪ سياسي ڪلچر آھي جيڪو حڪومت ٺاهڻ ڊاهڻ کان وٺي روز مره جي حقن جي حاصلات جي عمل جو نالو آھي پر عوام جي هن سڄي سسٽم مان لاتعلقي جي ڪري ملڪ ۾ جمهموري قدرن جي کوٽ آھي جمهوري روين جي قحط مان عوام تي ڪهڙا اثر پون ٿا ؟ انهن جو هيٺ تفصيل جائزو وٺجي ٿو.
اظهار جي آزادي جيڪا جمهوري نظام لاءِ اهم آھي پر اها وڏي مڪاري سان عوام کان کسي وئي آھي، اظھار جي آزادي جمهوري سسٽم جي واڌ لاءِ انتهائي وڏي اهميت رکي ٿي، اظھار جي آزادي آمريت ۽ جمهوريت جي وچ واري سَنڌي کي الڳ ڪري ٿي، جڏهن اظھار جي آزادي نه هجي ۽ ڀلي سرڪار ڪنهن وٽ به هجي ان کي آمريت ئي تصور ڪبو آھي، ملڪ ۾ هڪ مخصوص بيانيي کانسواءِ ڳالهائڻ ۽ لکڻ تي اڻ اعلانيل يا اعلانيل طور بندش آھي.
ٻي غير جمهوري روش ملڪ ۾ اها آھي ته عام ماڻھن لاءِ سياسي سيٽ اپ ۾ شموليت جا دروازا بند ڪيا ويا آھن، هيٺين ڪلاس جا ماڻھو اسيمبلين ۽ سينيٽ جا ميمبر ٿيڻ جو سوچي به نٿا سگهن، اسيبلين جا ميمبر رڳو مٿين ڪلاس جا وڏيرا مير پير ٿي سگهن ٿا، سياست ڄڻ تي انهي طبقي جي جاگير آھي. هيٺين طبقي جي مزدور هاري شاگرد اڳواڻ تعليمي ماهر معاشي ماهرن کي اسيمبلين جو ميمبر ٿيڻ لاءِ موقعا نه ٿا ملن. جمهوري نظام ۾ سياسي پارٽين جو جمهوري هجڻ لازمي آھي پر ملڪ جي ڪا به پارٽي جمهوري طرز تي ڪم نه پئي ڪري. هن وقت ڪنهن به سياسي جماعت پنهنجي جماعت اندر اليڪشن نه ڪرائي آھي. پارٽي ليڊرشپ نسل در نسل منتقل ٿي رهي آھي. ساڳي طرح اليڪشن لاءِ پارٽي ٽڪيٽ صرف الڪٽيبل اميدار کي ڏني ويندي آھي، نتيج ۾ اقتداري ايوانن تائين صرف مٿيون ڪلاس پهچي ٿو. ملڪي تاريخ ۾ ڪو اهڙو مثال نه ٿو ملي جنهن ۾ پارٽي ڪنهن عام ورڪر کي پارٽي ٽڪيٽ ڏئي ان کي اليڪشن کٽرائي هجي. وڏيرا ڀوتار 30 30سالن کان اقتدار تي قابض لڳا ويٺا آھن، انهن کان پوءِ ان جا پٽ پوٽا اسيمبلي ميمبر ! هي ڪهڙي قسم جو جمهوريت جي نالي کيڏ کيڏيو پيو وڃي تي ؟؟ تعجب جهڙي ڳالھه ته اها آھي ته جيڪڏهن ان انڌي منڊي جمهوريت ۾ ڪا عام ڀلائي جا ڪم ٿين ها تڏهن ڪنهن قدر بهتري جي اميد ڪجي ها پر هتي ته انڌير نگري جو راڄ آھي. عوامي دولت ٻنهي هٿن سان لٽي ڦري وڃي ٿي.   ڇا هي غير جمهوري ۽ غير آئيني نه آھي؟ هاڻي جڏهن اهڙي صورتحال هجي ته جمهوري نظام ڪيئن ڊليور ڪري سگهي ٿو؟؟ سٺي حڪمراني ڪيئن اچي؟ عام ڀلائي وارا ڪم ڪيئن ٿين؟ سوال هي آھي ته اليڪشن سڌارا آڻي عام ڪارڪن کي سياسي سيٽ اپ ۾ شامل ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟؟عوام جا مسئلا عوامي سياسي ڪارڪن ئي سمجهي سگهي ٿو، تنهن ڪري اليڪشن سڌارا ڪري گهٽ مان گهٽ 33 سيڪڙو اسيمبلين جون سيٽون عام سياسي ڪارڪن لاءِ مختص ڪيو وڃن .
ٽين غير جمهوري روش هي آھي ته جمهوريت کي رڳو ووٽ ڏيڻ يا اليڪشن پروسيس تائين محدود ڪيو ويو آھي، اليڪشن دوران وڏيرا پير مير نيازمند ۽ سٻاجهڙا ٿي عام ماڻھن کي ووٽ وٺڻ لاءِ ايلاز منٿون ڪندا آھن، عوام به انهن جي مڪاري تي ڀلجي انهن کي ووٽ ڪندا آھن پر اليڪشن کٽڻ کان پوءِ اهي ساڳيا سياستدان ڳولئي نه لڀندا آھن، پر سوال هي آھي ته عوام جا نمائنده عوام جي ووٽ تي چونڊجي ۽ عوام کان لاتعلق ٿين ته اها ڪهڙي قسم جي جمهوريت آھي؟؟ اهڙي روش ته بادشاهي ۽ آمريت ۾ به نه هوندي آھي!! سڌريل ملڪن ۾ جتي حقيقي جمهوريت آھي اتي عوامي نمائنده عام ماڻھن سان ڊائريڪٽ رابطي ۾ ھوندا آھن ۽ انهن جا مسئلا ٻڌي انهن کي حل ڪندا آھن. تازو ڪينيڊا جي وزير اعظم جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون آھن جنهن ۾ هو اڪيلو بنا ڪنهن پروٽوڪول جي اسپتالن جا دورا ڪري ڪورونا جي مريضن جي عيادت ڪندي ۽ ويڪسين مهم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪندي نظر اچي رهيو آھي. اها آھي اصل جمهوريت جتي عوامي نمائنده بنا ڪنهن فرق جي عوام جي پر گهور لهن ٿا. پنهنجي ملڪ ۾ غير جمهوري روشن جي ڪري سڄو نقصان عام ماڻھو کي ٿئي ٿو۔ عوام کي سياسي ماحول مان بي دخل ڪيو ويو آھي۔ نتيجي ۾ توهان ڏسو پيا ته ملڪ ۾ عوام جي فلاح ۽ حڪمراني جي ڪهڙي حالت آھي. جڏهن حڪمرانن کي عوامي ڪروڌ جي پرواھ نه هوندي ته پوءِ هو من ماني ئي ڪندا آھن، تڏهن ته ملڪ جي معيشت کي تباه برباد ڪيو ويو آھي. ملڪ تي ڏيهي توڙي پرڏيهي قرضن جو بار ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿو وڃي. بيروزگاري بدحالي عروج تي پهچي چڪي آھي. حڪمرانن جو سڄو زور ان تي آھي ڪيئن به ڪري عوامي دولت لٽي اڳين اليڪشن لا۽ تياري ڪجي. جڏهن عوام جا مسئلا حل نه ٿي سگهيا آھن ته عوام به سياسي ماحول کان لاتعلق ٿي ويو آھي. ان عمل سان عوام کي نقصان آھي پر  عوام کي اهڙي موڙ تي حڪمرانن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي پاليسن اچي بيهاريو آھي. جمهوريت جيڪا عوامي راڄ جي ضمانت آھي ان کي سياستدانن ۽ طاقتور حلقن يرغمال ڪري ڇڏيو آھي.
ٻئي طرف اسٽيبلشميٽ ۽ سياستدانن جي اقتدار لاءِ جنگ جوٽيل آھي. هي جيڪي ملڪ ۾ پي ڊي ايم ۽ اپوزيشن وچ ۾ سياسي دنگل هلندڙ آھي اها اسٽيبلشمينٽ ۽ سياستدانن جي پاڻ ۾ اقتداري جنگ آھي، عوامجي اهنجن لاءِ هي تحريڪ نه پئي هلائي وڃي. ووٽ ڪو عزت دو مان ڇا مراد آھي؟ ووٽ کي ڪير نه پيو مان ڏئي؟ پر توهان ڪڏهن اهو ٻڌو آھي ته سياسي جماعتن اهو نعرو لڳايو هجي ته 33 سيڪڙو اسيمبلي جون سيٽون عام ڪارڪن لاءِ مختص ڪيون وڃن؟؟ توهان ڪڏهن اهو ٻڌو آھي سياستدان  سياسي جماعتن ۾ اليڪشن جو نعرو لڳايو هجي؟ ڇا توهان اهو ٻڌو آھي ته ڪو اهڙو نعرو لڳو هجي جنهن ۾  عوامي نمائندن کان مطالبو ڪيو هجي ته اهي پنهجي تڪ ۾ عوامي ٻڌڻيون ڪوٺائي عوام جا مسئلا حل ڪن؟ يقينن اهڙا نعرا ڪڏهن به نه لڳندا. ڇو؟ ان ڪري جو هن ملڪ ۾ سياست ته عوام جي نالي ڪئي ويندي آھي پر عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ڄڻ تي ڪو گناهه جو ڪم هجي، بدقسمتي سان عوام اهڙا غير جمهوري رويا برداشت ڪري ڪري هن سياسي ماحول مان دل شڪسته ٿي سياست کان ڪناراڪش ٿي ويو آھي، نتيجي ۾  عوام حڪمرانن کان ڪو پڇاڻو ئي  نه ٿو ڪري ۽ انهن جو حال بدتر کان بدترين ٿي چڪو آھي، اهو روزي روٽي جي دلدل ۾ ڦاسي ويو آھي. هن غير جمهوري ۽ غيرآئيني طرز عمل جي پاڙ پٽڻ گهرجي، عوام کي هاڻي پنهجي حقن لاءِ اٿڻ گهرجي.