ڪجهه وقت اڳ واپڊا وارن انهي جي چيئرمين جي سربراهي ۾ چيف منسٽر سان هڪ گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ هنن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت سنڌ وارن جي فائدي لاءِ ڪراچي کي واڌو پاڻي ڏيڻ لاءِ ڪوٽڙي کان هيٺ وزيراعظم پاڪستان جي منظوري کانپوءِ سنڌ بيراج ٺاهڻ چاهي ٿي، جنهن لاءِ پئسا وفاقي حڪومت ڏيندي، سنڌ جي A,D,P ۾ به گذريل سال انهي بيراج کي ڊيلٽا بيراج نالو ڏئي پئسا رکيل هئا، سنڌ وارن انهي تي خاموشي اختيار ڪئي ته جڏهن وفاق وارا انهي هنڌ بيراج ٺاهڻ چاهن ٿا ته سنڌ وارا پئسا ڇو خرچ ڪن،واپڊا جي چيئرمين انهي بيراج جا ڪيترا فائدا ٻڌايا ۽ اهو به ٻڌايو ته انهي بيراج ڪري 2 کان 3 ملين ايڪڙ پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو جيڪو سنڌ وارن کي فائدو ڏيندو، تنهن کانپوءِ واپڊا وارن هڪ Inception reportٺاهي سنڌ وارن کي موڪلي جنهن تي آبپاشي کاتي وارن هڪ ڪاميٽي ٺاهي جنهن ۾ ٽي ميمبر هئا، هڪڙو حاجي خان جمالي ٻيو ظريf کيڙو ۽ ٽيون جمال الدين مڱڻ، انهي ڪاميٽي پنهنجا اعتراض واپڊا وان کي موڪليا واپڊا وارن انهي جي جواب ۾ ٻي Inception report ٺاهي موڪلي جنهن ۾ سنڌ وارن جي اٿاريل سوالن جا جواب ڏنا ويا.
واپڊا وارن جي ٻي Inception report تي سنڌ وارن جا اعتراض.
سوال1: رپورٽ غير فني ماهرن کان ٺهرائي وئي آهي؟
جواب: واپڊا وارن مختلف ماهرن کان رپورٽ تي ڪم ڪرايو ويو آهي جن ۾ اهڙا ماهر به آهن جن شاڪ ڊيم، چنيوٽ ڊ يم ۽ هند ڊيم تي ڪم ڪيو هو.
سوال2: انسيپشن رپورٽ ۾ تمام گهڻو ورجاءِ آهي ڪي اڻ سوچيل ڳالهيون به انهي رپورٽ ۾ آهن رپورٽ ۾ ڪيتريون ڳالهيون آهن جن تي نه ڪا جاچ ڪئي وئي آهي نه وري تجربو ڪيو ويو آهي؟
جواب : رپورٽ ۾ ڪا اڻ سوچيل ڳالهه ناهي انهي جو بنياد ڪيترن محڪمن کان ورتل ڊيٽا ۽ جائزي کانپوءِ ٺاهي وئي آهي انهي ۾ سنڌ جي فائدي کي نظر ۾ رکيو ويو آهي وري انهي ۾ ماحوليات وارن جزن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي
سوال3: چيف منسٽر واري گڏجاڻي ۾ محمد ادريس راجپوت طرفان اهو ٻڌايو ويو ته ان وقت جي چيف انجنيئر جناب عبدالوهاب شيخ 1971ع واري رپورٽ ۾ چيو هو ته هڪ نئون بيراج سمنڊ جي چڙهي اچڻ تي سم ڪلر کي روڪيندو ڇا اها ڳالهه ادريس راجپوت رڳو ذاتي طور ڪئي يا انهي جو ڪو جواب به ڏنو؟
جواب : اها رڳو ڳالهه ڪئي وئي ته عبدالوهاب شيخ صاحب انهي بيراج ٺاهڻ تي راضپو ڏيکاريو هو اها خبر ناهي ته ادريس صاحب جو جواب فني هو يا ذاتي اهو ادريس صاحب کان پڇي سگهي ٿو.
سوال 4: ڇا واپڊا وارن انهي بيراج جي سلسلي ۾ اهو ٻڌايو آهي ته گهٽ ٿيندڙ پاڻي ڪئين وڌائي سگهجي ٿو ۽ انهي لاءِ هنن ڪي متبادل ڏنا آهن.
جواب : سڄي دنيا ۾ سمنڊ وارن ڪنارن تي بيراج ٺاهيا وڃن ٿا واپڊا وارن انهي سلسلي ۾ دنيا ۾ ڪيترن متبادل ذريعن جو ذڪر ڪيل آهي
سوال 5: ڇا منصوبي جي ٺهڻ واري جاءِ بابت واپڊا طرفان ڪو اڀياس ڪرايو ويو آهي؟
جواب : جي ها سڀ شيون جاچ ڪيون ويون آهن
سوال 6: فزيڪل فيچر ته بيراج ڪيئن ٺهندو بند ڪيترا مٿي هوندا، بيراج ڪهڙي نموني جو هوندو، انهن بابت جاچ ڪئي وئي آهي؟
جواب : جي ها انهي سلسلي ۾ سروي آف پاڪستان وارن، سپارڪو، نيشنل اوشنو گرافي وارن ذوالفقار آباد، ۽ ٻين ادارن کان رپورٽون هٿ ڪيون آهن ۽ انهن کي رپورٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي
سوال 7: ڇا انهي سلسلي ۾ numericel modeling ڪئي وئي آهي؟
جواب : ها اها ڪرڻي پوندي پر جڏهن اڀياس ڪيو ويندو ته
سوال 8 : ڇا اڀياس ۾ اڀياس جا چئلينجر جو ذڪر ڪيو ويندو؟
جواب ها بلڪل ڪيو ويندو
سوال 9 : اڀياس دوران ڪي ٻاهريان ڪنسلٽنٽس رکيا ويندا:
جواب . نه واپڊا وارا پاڻ ڪم ڪندا
سوال 10: ڇا فيلڊ جي معاملن جي جاچ ڪئي ويندي؟
جواب : بلڪل ڪئي ويندي
سوال 11 : ڇا ساڄي يا کاٻي پاسي ڪي ڪينال ٺاهيا ويندا؟
جواب : ها ٻه ڪينال ٺاهيا ويندا جن جي تعداد 2 کان 3 هزار ڪيوسڪ هوندو
سوال 12: بيراج ٺاهڻ ڪري سمنڊ جي مٿي چڙهڻ کي روڪي سگهبو پر ڇا سم ڪلر به گهٽ ٿيندو؟
جواٻ : بلڪل ٿيندو ۽ درياءَ لٽ تي به ڪنٽرول ٿيندو
سوال 13: ڇا اڀياس ۾ گذريل پرايل سبق ۽ ٻين منصوبن بابت به ڄاڻ ڏني ويندي؟
جواب: بلڪل ڏني ويندي
ٻيا اعتراض
1: بيراج ٺهڻ ڪري 2 کان 3 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو ڇا ايترو پاڻي هر سال ڪوٽڙي کان هيٺ وڃي ٿو؟
3: پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ بندن جي اوچائي 40 فوٽ مٿي ڪي ويندي انهن بندن مان سيمو ٿيندو جيڪو ڀر وارين زمينن کي خراب ڪندو
3: کاٻي پاسي واري ڪينال تي اڳ ئي آبپاشي نظام آهي جڏهن اهو آهي ته کاٻو ڪينال ڪهڙي آبادي کي پاڻي ڏيندو؟
4: ڪراچي جي پيئڻ جي پاڻي لاءِ اڳ ئي “ ڪي فور” منصوبو هلندڙ آهي نئون شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي انهي منصوبي کي مڪمل ڪيو وڃي
5: سنڌ جي ماهرن جي رپورٽ مطابق 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي کپي انهي گهٽ پاڻي مان 2 کان 3 ملين ايڪڙ فوٽ ذخيرو ڪيو ويندو پوءِ ته لٽ به نه ايندي ۽ پاڻي به گهٽبو
6: ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ ڪچي ۾ تمام گهڻي آبادي ٿئي ٿي جن ۾ ڪيلا۽ ڪمند تمام اهم آهن جڏهن 2 کان 3 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو ته ڪچي ۾ آبادي ته نه ٿي سگهندي اهي ماڻهو بي روزگار ٿيندا ۽ تمام گهڻي لڏپلاڻ ٿيندي
7: چون ٿا ته بيراج واري مٽي ته گهڻي ڀرڻي آهي انهي مٽي مان ئي بند ٺاهيا ويندا واري وارا بند ڪمزور ٿين ٿا
سامونڊي اُٿل کي روڪڻ لاءِ ٻيا اپاءُ وٺي سگهجن ٿا انهي لاءِ روڊ رستا ٺاهن سگهن ٿا جن تي پٿر جي پچنگ ٿي سگهي ٿي جيڪا هوا جي ڪري پيدا ٿيل ويرن کي روڪيندي
مٿين ڳالهين ڪري تمام گهڻو خرچ ايندو ۽ ڪوٽڙي بيراج کا هيٺ جا سڀئي مسئلا حل نه ٿيندا بلڪه نئوان مسئلا پيدا ٿيندا منهنجي خيال ۾ بيراج ٺاهڻ تمام ڏکيو ڪم آهي