حڪومت سازيءَ جي معاهدي واري پار ڪيل ‘پلصراط’

0
24
حڪومت سازيءَ جي معاهدي واري پار ڪيل ‘پلصراط’

 مسلم ليگ نواز ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آھن. ٻنهي پارٽين وچ ۾ گڏجي وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ ۽ پاور شيئرنگ جي معاهدي تي اتفاق ٿي ويو آھي. معاهدي تحت صدر پاڪستان جي عهدي تي پيپلز پارٽي جي آصف علي زرداري ۽ وزير اعظم جي عهدي تي مسلم ليگ (ن) جي شهباز شريف کي نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. اهڙو اعلان مسلم ليگ (ن) جي شهباز شريف، پيپلز پارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو پاران زرداري هائوس ۾ اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات جو دير سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ويو آھي. مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ باقي آئيني عهدن جي ورڇ بابت به فيصلا ٿي چڪا آھن، جنهن جي پريس ڪانفرنس ۾ تصديق ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته ٻين آئيني عهدن بابت اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي ذريعن ٻڌايو آھي ته ٻنهي پارٽين ۾ اهو طئه ٿيو آھي ته سينيٽ چيئرمين جو عهدو پيپلز پارٽي کي ڏنو ويندو، جڏهن ته ڊپٽي چيئرمين جو عهدو مسلم ليگ نواز کي ملندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر شپ مسلم ليگ ن کي ملندي جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر جو عهدو پيپلز پارٽي کي ملندو. پنجاب ۽ ڪي پي ڪي صوبن ۾ گورنر جا عهدا پيپلز پارٽي کي ملندا. ائين بلوچستان ۽ سنڌ صوبي ۾ گورنر جا عهدا مسلم ليگ نواز کي ملندا. مطلب ته هاڻي سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم کي گورنر جو عهدو مسلم ليگ ن ڏيندي. اهو به چيو پيو وڃي ته سنڌ ۾ گورنر جو عهدو ن ليگ ايم ڪيو ايم کي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آھي. امڪان ظاهر ٿي رهيو آھي ته موجوده گورنر کي عهدي تي قائم رکڻ تي ويچاريو پيو وڃي. مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ مامرا طئه ٿي وڃڻ بعد اهو به امڪان ظاهر ٿي رهيو آھي ته بلوچستان صوبي ۾ وڏي وزير جو عهدو پيپلز پارٽي کي ملندو، جڏهن ته بلوچستان ۾ ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي گڏيل حڪومت ٺهندي. ائين پنجاب صوبي ۾ مريم نواز جي سربراهي ۾ صوبائي حڪومت جو قيام عمل ۾ ايندو. پيپلز پارٽي پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ ن ليگ جي حمايت ڪندي. اهڙي ريت آخرڪار وفاق ۾ حڪومت جي قيام اڳيان آيل ڪارا ڪڪر هٽيا آھن ۽ وفاق ۾ حڪومت سازي جو مامرو چٽو ٿي سامهون آيو آھي. اهو به صاف واضح نظر اچي رهيو آھي ته نواز شريف  وزير اعظم جي عهدي تان پاڻ پوئتي هٽي شهباز شريف کي وزير اعظم جي عهدي تي نامزد ڪيو آھي. نواز شريف اهو فيصلو دل سان ڪيو هجي يا بي دليو پر  وزير اعظم جي عهدي تي ڳالهيون اهي ئي سچ ٿي ويون آھن.

چونڊن کان اڳ اهو چيو پئي ويو  ته مسلم ليگ نواز مان وزير اعظم شهباز شريف ئي ٿيندو پر اهو ضرور ٿيو آھي ته نواز شريف پاڻ کي اقتدار کان پوئتي ڪري مريم نواز کي اڳتي آڻي ان جي سياسي سفر جو آغاز ڪرڻ لاءِ رستو هموار ڪيو آھي. مگر بلاول ڀٽو زرداري هن ڀيري وزير اعظم نه ٿي سگهندو ۽ آصف علي زرداري لاءِ هڪ ڀيرو وري صدر پاڪستان ٿيڻ جو رستو صاف ٿي ويو آھي. دلچسپ صورتحال ان وقت ٿيندي، جڏهن پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت جو حصو ٿيندي، ڇو ته ذريعا دعوا ڪري رهيا آھن ته صدارتي چونڊ ٿيڻ بعد پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت ۾ شامل ٿي ويندي. ان وقت دلچسپ صورتحال ان ڪري ٿيندي جو بلاول ڀٽو کي وزير اعظم جو عهدو ته نه ملي سگهندو پر کيس قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جو به عهدو نه ملي سگهندو. اگر پيپلز پارٽي حڪومت ۾ شامل نه به ٿي پر ايترا اهم عهدا ن ليگ کان وٺڻ بعد پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي ۾ سخت اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري نه سگهندي. مطلب ته پيپلز پارٽي ان صورت ۾ نه حڪومت ۾ شمار ٿيندي، نه ئي اپوزيشن جو حصو تصور ٿي سگهندي. اسيمبلي ۾ اپوزيشن يا حڪومت وارا اهي ٻه ڪردار هوندا آھن، انهن ٻنهي ڪردارن کانسواءِ پيپلز پارٽي ڪهڙو ڪردار ادا ڪندي، اهوته پيپلز پارٽي کي معلوم هوندو پر مونکي اهو معلوم آھي ته بلاول ڀٽو وفاقي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جو حامي نه هو. اهو ئي سبب آھي ته 20 فيبروري واري ڏينهن بلاول ڀٽو سپريم ڪورٽ جي ٻڌڻي بعد حڪومت سازي بابت صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي جارحاڻو رويو اختيار ڪندي چيو ته ن ليگ کي وزير اعظم جي عهدي لاءِ ووٽ پنهنجن شرطن تي ڏينداسين، ن ليگ جي شرطن تي ووٽ نه ڏينداسين. بلاول ڀٽو جي اهڙي بيان بعد صحافتي ۽ سياسي حلقن ۾ اهو تاثر عام ٿيو ته مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ حڪومت سازي بابت هلندڙ ڳالهين ۾ شديد قسم جو ڊيڊ لاڪ پيدا ٿي ويو آھي ۽ ڳالهيون ناڪامي جي ڪناري اچي پهتيون آھن. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن وچم ڊيڊ لاڪ جهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ جي ڪجھ ڪلاڪن بعد اسلام آباد جي صحافين کي اهي اطلاع مليا ته هڪ اهم شخصيت جي گهر پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ قيادت وچ ۾ ملاقات ٿي آھي. اهڙي ملاقات جي ٻنهي پارٽين پاران ڪا به تصديق نه ڪئي وئي آھي پر سياست تي گهري نظر رکندڙن جو خيال آھي ته ٻنهي پارٽين وچ ۾ پيدا ٿيل ڊيڊ لاڪ کي ترت حل ڪرائڻ ۾ ان ملاقات ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو. شهباز شريف ان بعد پنهنجي ڀاءَ ميان نواز شريف وٽ ڪوه مري پهچي کيس پيپلز پارٽي سان ٿيل ڳالهين جي تفصيلن کان آگاه ڪيو.

شهباز شريف جي مري کان واپسي بعد پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ شهباز شريف جي قيادت ۾ ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن جو وري اجلاس ٿيو. ان اجلاس جي مريم اورنگزيب تصديق ڪئي پر ملاقات بعد جڏهن بلاول ڀٽو پاران زرداري هائوس تي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو دعوت نامو آيو ته صحافي اهو تاثر وٺڻ لڳا ته پيپلز پارٽي جو اڪيلي سر پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو مطلب ڳالهيون ناڪام ٿيڻ آھي. پر جڏهن اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات 12 وڳي ڌاري صحافي زرداري هائوس پهتا ته کين معلوم ٿيو ته شهباز شريف به ن ليگ جي وفد سان گڏ زرداري هائوس گڏيل پريس ڪانفرنس لاءِ پهچي چڪو آھي. ائين اڳوڻي صدر آصف زرداري، اڳوڻي وزير اعظم شهباز شريف، پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ان پريس ڪانفرنس ۾ ٽنهي اڳواڻن جي ڳالھ ٻولھ جا تفصيل هت ڏيڻ سان مضمون ڊگهو ٿي ويندو، ان ڪري انهن جي گفتگو جا تفصيل ڏيڻ بجاءِ اوهان کي ٻڌايان ته اڳوڻو صدر آصف زرداري هجي يا شهباز شريف  يا بلاول ڀٽو هجي، انهن جي چهري مان خوشيءَ جا تاثر گم هئا. مذاڪرات ڪامياب ٿيڻ تي ته انهن جا چهرا ٻهڪڻ گهرجن ها پر لڳي ٿو ته کين معلوم آهي ته حڪومت ٺاهي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ايڏو آسان ڪم نه آهي. کين اهو به معلوم آھي ته مهانگائي عام ماڻهن کي ڪيئن گهاڻي ۾ پيڙي ڇڏيو آھي. وڌيڪ مهانگائي انهن جي برداشت کان مٿي هوندي پر حڪومت ۾ ڪير به اچي، آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪرڻو پوندو. اگر آءِ ايم سان معاهدو ٿيو ته مهانگائي وڌندي. اهو ئي سبب آھي ته هن ڀيري ڪو به حڪومت ۾ شامل نٿو ٿيڻ گهري. هر چونڊ وڙهندڙ پارٽي جي خواهش هوندي آھي ته اها حڪومت ٺاهي يا حڪومت جو حصو رهي پر هن ڀيري ڪا به پارٽي حڪومت ۾ شامل نه ٿي رهي آھي، کين حڪومت ٺاهڻ لاءِ ايلاز ڪيا پيا وڃن. سوال هي آهي ته ان نموني سان قائم ٿيندڙ حڪومت ڪيترو وقت ڪڍي سگهندي؟ سوال هي به آھي ته جيڪي پارٽيون حڪومت سازي لاءِ ڳالھ ٻولھ ۾ ئي ڊيڊ لاڪ جي صورتحال ۾ ڦاسي پون، اهي حڪومتي ڏکيا مرحلا ڪيئن طئه ڪنديون؟

خير، هاڻي حڪومت قائم ٿيڻ وڃي رهي آھي، قائم ٿيندڙ حڪومت کي هن ڀيري سخت ۽ جارحاڻي انداز واري اپوزيشن کي منهن ڏيڻو پوندو. ڏسجي ته حڪمران اتحاد ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي ميمبرن جي تعداد ۾ ٿورو فرق آھي. وڏي تعداد واري اپوزيشن هر اشو تي حڪومت جون وايون بتال ڪري سگهي ٿي. ان ڪري هن اسيمبلي ۾ گوڙ ۽ احتجاج شايد معمول ٿي وڃي، ڇو ته پي ٽي آءِ به ڪجھ سوچي سمجهي مخالف ڌر ۾ ويٺي آھي. اوهان کي ٻڌايان ته قومي اسيمبلي جي پهرئين اجلاس ۾ ته ميمبر حلف کڻندا. قومي اسيمبلي جو پهريون اجلاس شايد 29 فيبروري يا ان کان اڳ طلب ٿي وڃي. پهرئين اجلاس جي ٻئي ڏينهن تي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي. اسپيڪر جي عهدي تي چونڊ واري ڏينهن کان ٻئي ڏينهن تي وزير اعظم جي عهدي تي چونڊ ٿيندي. ان بعد ڪابينا ٻئي ڏينهن تي به حلف کڻي سگهي ٿي. ڪابينا جي چونڊ بعد پاڪستان ۾ چونڊ جو سلسلو ختم نه ٿيندو. ان بعد صدارتي عهدي تي چونڊ ٿيندي. صدر جي عهدي تي چونڊ بعد سينيٽ جي اڌ ايوان جي خالي پيل سيٽن تي چونڊ ٿيندي. ان بعد سينيٽ چيئرمين، ڊپٽي چيئرمين جي عهدي تي چونڊ ٿيندي. شايد انهيءَ چونڊ کان به اڳ قومي اسيمبلي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي خالي ٿيندڙ سيٽن تي به چونڊ ٿي وڃي. ان ڪري اڃان ڪجھ وقت چونڊ مٿان چونڊ جي صورتحال ڇانيل نظر ايندي. انهن چونڊن دوران ملڪ جو سياسي منظرنامو وڌيڪ ڪشيدگي وارو به ٿي سگهي ٿو ته ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ ڪجھ تبديلي به نظر اچي سگهي ٿي، پوءِ اها تبديلي مثبت يا منفي به ٿي سگهي ٿي .