….. ۽ دروازو بند ٿي ويو!

0
30
..... ۽ دروازو بند ٿي ويو!

کليا هوندا کليا هوندا سدا دروازا هن دل جا،

جڏهن مون ۾ پوي ڪم ڪو، تڏهن مون ڏي هلي اچجان!

جڏھن سائينداد ساند مٺيءَ جي ڳلين کي ڇلي جيئن پاتل هوندو هو، تڏھن اسين هن جي خوبصورت غزلن جي خوبصورت ڪردارن کي ڏٺي سڃاڻندا هئاسين. اڄ به جڏھن آئون سندس غزل

ڪنهن هٿ هلايا ته ڳوڙھا ڳڙي پيا

اوهين ياد آيا ته ڳوڙھا ڳڙي پيا

ٻڌندو آھيان ته مون کي دُور ديس کان مٺي بدلي ٿي آيل ٽيليفون آپريٽر جي اُھا بي انتها حسين ڌيءَ ياد ايندي آھي، جنهن مٺيءَ مان وڃڻ ويل ايس آر ٽي سي بس جي دريءَ مان پنهنجي ڳوري ٻانهن ڪڍي لوڏي هئي ۽ سائينداد ساند ٻارن وانگي ڍاڍون ڏيئي رُنو هو. اهو حادثو سائينداد کي سُڃاڻندڙ سڀني ماڻھُن جي مٿان ريل جيان گذريو هو ۽ سائين سائينداد ان منظر کي پنهنجي غزل ۾ چٽيو هو:

کڻي آئي برسات يادُون اوهان جون

کنوڻ رنگ لايا ته ڳوڙھا ڳڙي پيا

هن جي مشھوري جو اهو عالم هو جو مٺي جا ننڍڙا ٻار ۽ جوان مايون سائينداد ساند کي سڃاڻنديون هيون. هو مٺي شھر جو شاعر هيرو هو.

سائينداد کي ماڻھُن کان، ڪچهرين کان، محفلن کان ۽ هجومن کان ڊپ ٿيندو هو. هُو انتهائي تنهائي پسند ماڻھو هو. پاڻ سان ملهائجندڙ شام واري ڏينهن ڪاليج جي هاسٽل واري ڪمري کي تالو هڻي گم ٿي ويندو هو ۽ ماڻھو سندس غير موجودگي ۾ پيا سندس شاعري تي ڳالهائيندا هئا. هن جي شاعري جا پهريان سامعين اسين هوندا هئاسين. صادق فقير جي صدارت ۾ ڪاڪي جهامن جي هوٽل جي کٽن تي روز شام جو محفل سجندي هئي. صادق فقير اسان کان وڇڙي ويو. ان کانپوءِ اسين سڀ هڪٻئي کان وڇڙي وياسين ۽ مٺي جو شھر اُردو جي هن شعر جيئن ٿي ويو ته،

ڪون ديک ڀال ڪري اس گهر ڪي

روز اڪ چيز ٽُوٽ جاتي هي

اسين جيڪي هڪٻئي جي اکين ۾ پرويا پيا هئاسين، اهي هڪٻئي کي ڏسڻ لاءِ سِڪي وياسين. هڪ ٻئي جي ڏُکن سُکن کان اڻ ڄاڻ بي خبر ڪير ڪنهن جو حال ڀائي نه رهيو. آئون ۽ پيارو شواڻي هن جي شاعري جي ڪڏھن ڪڏھن پئروڊي به ٺاهيندا هئاسين. ٻه چار ڏينهن جي رُسامي کانپوءِ پيرن تي هٿ رکي پرچائيندا هئاسين.

تنهنجي در تان جو به اُڏاڻو

پنڇي پر ۾ ويٺاسين هئاسين

تون جي ڳولين ها ته پرين

وارن ور ۾ ويٺا هئاسين

انهيءَ غزل جي پئروڊي لکي کيس ٻڌائي سين:

پوڙھا ڪنوارا، مٿان سيارا

انهيءَ عمر ۾ ويٺا هئاسين

سائين اسان کان رُسي ويو. هُو هڪڙو رُسڻو ماڻھُو ۽ معصوم رُوح هو. هن کي رُسي پرچڻ ۾ قرار ملندو هو. سائينداد ڪڏھن، ڪٿي، ڪيئن ۽ ڇو رسندو، ان جي ڪا به خبر نه هوندي هئي. ملڻ ۾ وڏو وقت لڳي وڃي ته سمجهبو هو ته سائين ناراض آھي. هن پنهنجي سڄي حياتي ۾ سليقي سان صرف شاعري ڪئي، باقي هر لحاظ کان بي ترتيب ئي رهيو.

ڪنهن ڏنا غم ۽ ڪنهن ڏنيون خوشيون

هاڻ وسري وڃي ته ڏاڍو سُٺو

هڪڙي ڀيري آئون ۽ کاٽائو جاني ٿر ڪتاب گهر جي بئنچ تي ويٺا هئاسين. سائين سائينداد آيو. اسان کي اورانگهي ڪشور کان سامان وٺي واپسي ۾ به بغير نهارڻ جي هليو ويو. کاٽائو مشڪيو. مون کاٽائو کان پڇيو ته سائينءَ ايئن ڇو ڪيو؟ ته کاٽائو چيو ته، ايئن ڪرڻ سبب ئي پاڻ کيس ڀانيون ٿا. جي ايئن نه ڪري ته هو سائينداد مان هڪڙو عام ماڻھو ٿي وڃي. اها ادا ئي هن کي منفرد بڻائي ٿي. هن مون کي سدائين دعائون ڏنيون ۽ منهنجي لاءِ سدائين دعائون لکيون.

خليل شال خوش ھوئين، ڪومائين نه ڪُنڀار

توسان منهنجو پيار، ٻُڌائڻ کان ٻيڻو ٿيو

سائين سائينداد ساند اگهو ٿي پيو آھي ته سنڌي غزل جي اڱڻ تي چوڙيلي ٻانهن واري لوڏ سان هلندڙ من موهيندڙ غزلن جي تخليقڪار لاءِ مٺي جو سڄو شھر دُعا پيو هو پر هو اسان جي هٿن مان ڪري پيل دعا بنجي ويو.

اکيون انتظارن ۾ آھن، اجهو ڄڻ اچين پئي اچين پئي

وڌل ڦول وارن ۾ آھن، اجهو ڄڻ اچين پئي اچين پئي

نه ڪا دعوا، نه ڪي لشڪر. نه ڪي نعرا، نه ڪي تڪرار. هُن بس پنهنجي شاعري وسيلي ئي زنده رهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ھو پنهنجي ڏات جي ڪرشمي سان هر اسٽيج، هر محفل ۽ هر رهاڻ ۾ پڙھيو، جهونگاريو ۽ ڳايو ويو. سندس غزل زبان زد عام رهيا. ڌنارن جي بانسرين ۾ وڄندا رهيا،ٻانهارين جي جهرمٽ ڳايا ويا ۽ ڳائڻن جي صدا ۾ گونجندا رهيا ۽ هر پيار ڪندڙ ماڻھُو جي اظھار جو حيلو وسيلو بڻيا.

هن ڪڏھن به شاعر ٿيڻ جي سازش ۾ ڪنهن کي ٺونٺ ڪو نه هنئي، ڪنهن کان مدد ڪو نه طلبي، ڪنهن تي اُلر به ڪانه ڪيائين. هن بس غزل لکيا ۽ ڇا ته غزل لکيا:

ولي ٿيندي ٿيندي ٿي شاعر وياسين

ڪري ڀي ڪرامت ڪري تو نه ڄاتي

اسين خوش نصيب آھيون جو اسان کي هن جي دعائن جي اوٽ ۾ رهڻ جو موقعو مليو. اسان هن جي شاعري جا پهريان سامعين رهياسين. اسان هن جي شاعري جي هڪڙي هڪڙي سٽ جي پويان موجود واردات جا واقف ڪار آھيون. اسين هن جي خوبصورت شاعري ۾ موجود خوبصورت پَرين جي روپهري ٻانهن ۾ پاتل ڪنگڻن جي واڄي کي ٻڌي سگهڻ وارا خوشنصيب آھيون .

اسين ڇورا ڇنا، گهر گهاٽ بنا

ڄڻ ڪي هُلندڙ ھوائون

اسان جون مائون نه محبوبائون

سائينداد ساند پنهنجي سڀاءُ، زندگي گذارڻ جي طور طريقن ۽ پنهنجي حسين غزلن ۾ هر لحاظ کان، هر زاويي کان بس شاعر/ڏسو صفحو 2 بقايا 02

 رهيو، جيئن شاعر هوندا آھن تڪرار کڙا ڪري شاعر ٿيندڙ زماني ۾. هن صرف ۽ صرف شاعري لکي.

ايڏو رُوئندو نه ڪري ايڏو رلندو نه ڪر

ڪوئي مون کي چوي ڪو ته اهڙو هجي

اڄ مٺي هڪڙي حسين شاعر کان محروم ٿي وئي. هن پنهنجي زندگي کي ڀرپور گذاريو، حسين شاعري لکي. مٺي جو گيتن ڀريو تعارف بڻيو ۽ اڄ گذاري ويو. پنهنجي آسپاس موجود وڏن ماڻھُن سان ننڍڙا ننڍڙا حساب نه ڪندا ڪريو. توهان نٿا ڄاڻو ته اُهي جڏھن هليا ٿا وڃن ته ڌرتي جي جهولي خالي ٿي ٿي وڃي.

خدا حافظ سائينداد ساند!