جمهوريت تي راتاهو

0
55
جمهوريت تي راتاهو

 ڳالھ ٿا ڪن ته هڪ بادشاهه پنهنجي شهر ۾ وڏو باغ لڳرايو هو، جنهن ۾ دنيا جي مختلف ميوَن جا ڪيترائي وڻ پوکرايا هئائين۔ انهن ۾ هڪ يڪتا قسم جي ميوي جو وڻ به شامل هو، جيڪو وڌي وڏو ٿيڻ کان پوءِ شاندار ڇانوَ ته ڏيڻ لڳو پر ان کي هڪ بيماري به لڳي وئي، جو ان جو ميوو پچي راس ٿيڻ کان اڳ ۾ خراب ۽ ڪِنو ٿي ڇڻي ٿي ويو۔ بادشاهه ان وڻ جي علاج لاءِ دنيا جا نامور مالهي گڏ ڪيا، جن مجرب دوائن ۽ کاڌ خوراڪ ذريعي وڻ جي مڪمل تيمارداري ڪرڻ شروع ڪئي پر ڪو فائدو ڪو نه ٿيو ۽ ميوو هر سال خراب ٿي ڇڻندو رهيو۔ گهڻي ڏس پتي کان پوءِ آخر ڪوهه ڪاف مان هڪ ڪراڙي مالهيءَ کي سڏايو ويو۔ ان تجربيڪار مالهيءَ پهچڻ شرط وڻ جي پاڙِ کوٽائي ڏٺي ۽ پوءِ پاسو وٺي ماٺ ڪري ويهي رهيو۔ مالهيءَ کي خاموش ويٺل ڏسي بادشاهه سلامت کيس ڪا دوا تجويز ڪرڻ جو چيو۔ ڪراڙي مالهيءَ جواب ڏنو ته قبلا هن ڦلدار وڻ جي پاڙ ابتي لڳل آهي. ڪو احمق ئي ان جي ميوي پچڻ ۽ کائڻ جي اميد رکي سگهي ٿو. اوهان لاءِ بهتر ٿيندو ته ان کي پاڙان پٽرائي ڇڏيو۔ پاڪستان جي جمهوري نظام سان به اهو ڪم آهي، جتي جمهوريت جي پاڙ ابتي لڳل آھي۔ جيتوڻيڪ جمهوري سرشتي ۾ عوام کي پنهنجي مرضيءَ جو نمائندو چونڊڻ جو حق مليل آهي، پر اسان وٽ ملڪ ۾ پولنگ ڏينهن عوام پنهنجي من پسند اميدوار کي پنهنجو ووٽ ڏيئي رات جو آرام سان سمهي جڏهن ورنديءَ صبح ننڊ مان جاڳندو آهي، تڏهن کيس پنهنجي کٽيل اميدوار بدران هارايل اميدوار جي ڪاميابيءَ جو اعلان ٻڌڻ ۾ ايندو آهي.

تاريخي طور پاڪستان جي بنيادن ۾ به جمهوريت جي ڪا هڪ سر لڳل ڪانهي، ڇو ته “اڪثريت جي حڪمراني” واري جمهوري اصول جي خلاف برصغير جي وڏي ۾ وڏي اقليت مذھب جي نالي تي پاڪستان حاصل ڪيو هو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ خود باباءِ قوم حضرت قائد اعظم عليه رحمت به جمهوري اصولن کي مستحڪم  ڪرڻ ڏانهن توجهه نه ڏنو، بلڪه آزاديءَ جي اٺن مهينن اندر، سرحد، پوءِ سنڌ ۽ پنجاب جي چونڊيل وڏن وزيرن کي پنهنجي قلم جي جنبش جو شڪار بنائي سندن حڪومتون ختم ڪيون ھيون. ساڳئي وقت هن هتان جي ٻولين ۽ ثقافتن تي ٻاهران آيل اقليتي زبان ۽ تهذيب کي ترجيح ڏيئي انهن کي قومي حيثيت جو درجو ڏنو هو. ان کانسواءِ گورنر جنرل ۽ دستور ساز اسمبليءَ جي صدارت جهڙا ٻه آئيني عهدا پاڻ وٽ رکي جمهوري اصولن ۽ روايتن جي خلاف ورزي ڪئي هئي.  اهوئي سبب آھي ته 76 سال گذرڻ باوجود  پاڪستان دنيا ۾ سياسي، معاشي ۽ سماجي طور انهيءَ ڪمزور ۽ بيمار ملڪ طور سڃاتو وڃي ٿو، جتي جمهوريت، آمريت، سوشلزم، اسلام جو قلعو، مسلم دنيا جو اڪيلو سرواڻ، اسلامي نظام جي نفاذ لاءِ مثالي ملڪ ۽ مدني رياست ٺاهڻ جا سڀ تجربا ناڪام ٿي چڪا آھن.

حضرت قائد اعظمؒ پاڪستان حاصل ڪرڻ کان ترت ئي پوءِ پنهنجي حڪومت ۾ شامل سياستدانن کي کوٽن سِڪن سان تشبيھ ڏني هئي. جيتوڻيڪ سندس اهي همعصر سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ وڃي خدا کي پيارا ٿيا پر انهن کوٽن سِڪن واري سياسي استعاري جو سفر اسلام، سوشلزم. جمهويت ۽ آمريت جي نالي ۾ گذريل مُني صديءَ کان جاري آھي. هن وقت جڏهن عام چونڊن جو مرحلو پورو ٿي چڪو آھي، پارليامنٽ ۾ ملڪ جي ٻن وڏين سياسي پارٽين جي ميمبرن جي تعداد کان آزاد اميدوار اڪثريت ۾ کٽي آيا آهن، تڏهن به ملڪ جا قداور ۽ بزرگ رهنما غير جمهوري قوتن جي زور تي جمهوريت سان جبر ڪندي يا ڪنهن ادراڪي ڪوتاهيءَ جي ور چڙھي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيا آهن ۽ ويٺا چون ته حڪومت ٺاهڻ سندن پارٽين جو حق آهي، جڏهن ته جمهوري اصول مطابق اڪثريت رکندڙ آزاد اميدوارن کي حڪومت ٺاهڻ جو وارو ڏنو وڃي ها. جيڪڏهن اهي حڪومت ٺاهڻ ۾ ناڪام ٿين ها ته پوءِ کين ‘بندر بانٽ’ جو حق حاصل هو. اڪثريت کي تسليم نه ڪرڻ غير جمهوري عمل ۽ سياسي گناه آهي.

الائي ڇو زرداري صاحب کي خوشامدي لڏي دماغ ۾ اهو زعم ويهاريو آھي ته هو سياسي شطرنج جي مُهرن کي ڀُٽي ۽ شهيد بينظير کان به وڌيڪ بهتر انداز ۾ هلائڻ وارو اڪيلو ماهر ۽ مدبر شخص آھي، ان ڪري  پاڪستان جي  يونيورسٽين ۾ سندس سياست تي علمي ۽ تحقيقي پروگرامن جي شروعات ٿيڻ گھرجي. ٻئي طرف ميان صاحب “قومي ميڊيا” جي هُشيءَ تي، اجائي خوشفهميءَ جو شڪار ٿي پاڻکي پاڪستان جو ٻيڙو پار لڳائن وارو اڪيلو مدبر سمجهيو ويٺو آھي، جڏهن ته حڪومت سازيءَ جو سندن هي فيصلو سياسي فهم ۽ فراست جي نفي ۽ جمهوريت کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ برابر آهي. ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ هر فيل مست حڪمران کي اهڙي بيماري پاڻ مرادو لاحق ٿيندي اچي ٿي. جناح جي اها دعوا تاريخ جو حصو آهي، جڏهن هن چيو هو ته، “پاڪستان مون ۽ منهنجي ٽائيپ رائٽر ٺاهيو آھي.” ڀُٽي پنهنجي مشهور ڪتاب If I am assassinated ۾ لکيو هو ته، “جيڪڏهن مان نه رهيس ته پاڪستان نه رهندو”. عمران چيو ته، “ملڪ تي ٻيو ڪو به حڪمراني ڪرڻ جي لائق ناهي، اهو فقط منهنجو حق آهي”. پر پاڪستان قائم ۽ دائم آهي، ملڪ هلي رهيو آهي. حقيقت ۾ حڪمران طبقي منجهان ڪنهن هڪ وٽ به اهڙي مدبرانه بصيرت ڪانه آهي، جيڪو پاڪستان کي ھڪ مستحڪم ملڪ بڻائي سگهي. پاڪستاني سياست جو هڪ ٻيو وڏو الميو اهو به آھي ته ملڪ جي ڪنهن به وڏي پارٽيءَ وٽ ڪو  مضبوط نظريو ڪونهي. سڀني جي سياسي جستجو جمهوريت جي استحڪام، عوامي ڀلائي يا اسلام لاءِ نه پر پنهنجي طبقاتي ۽ ذاتي مفادن جي تحفظ لاءِ اقتدار حاصل ڪرڻ آھي، تڏهن ته هن ملڪ سان هيڏا هاڃا ٿي رهيا آهن. ٻن ڏهاڪن کان عوام مخالف طبقاتي ۽ ذاتي مفادن جي سياست، ھتان جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمنٽ جا به وارا نيارا ڪيا آهن، جو هو بنا ڪنهن غير آئيني مهم جُوئي يا adventurism جي لڳاتار چوٿون ڀيرو پاڪستان ۾ پنهنجي مرضي وارا نمائندا چونڊرائيندا، جمهوريت جي نالي ۾ حڪومت سازي ڪندا اچن ٿا. تازو ٿيل اليڪشن جي نتيجن کانپوءِ ھڪ هفتي اندر اها ڳالهه پڌري ۽ واضح ٿي چڪي ھئي ته فيبروري جي اٺين تاريخ جڏهن عوام ووٽ ڏيڻ لاءِ نڪتو هو، تڏهن “ملائڪ سڳورا” ۽ “عالمِ برزخ” ۾ رهندڙ روح، جيئرن عوامي نمائندن جي مدد لاءِ ڀرجهلو ٿي بيٺل هئا، تانجو چونڊ عمل خيرخوبيءَ سان پورو ٿيو ۽ هاڻي آئين مطابق نيون حڪومتون ٺهڻيون آھن. اهو آئين، جنهن کي ڪڏهن مذھب، ڪڏهن جمهوريت ۽ ڪڏهن قوم جي غير واضح ۽ گمنام مفادن جي بهاني سان بار بار پائمال ڪيو ويندو رهيو. جنهن آئين ۾ عوام جي حاڪميت مڃڻ کان سڌو سنئون انڪار ٿيل آهي پر پوءِ به اهو جمهوري ۽ اسلامي سڏيو وڃي ٿو. اسلامي نقطهء نگاهه کان الله پاڪ جي حاڪميت جامع آھي. زندگيءَ جي هر ڪار وهنوار ۾ خدا جي حاڪميت قبول ڪرڻ ھر ماڻهوءَ جي ايمان جو حصو آھي پر افسوس ته پاڪستان ۾ خدا پاڪ جي حاڪميت “آئين مطابق” فقط سياست تائين محدود ڪئي وئي آهي. سياسي فلسفن ۽ نظرين آڌار عوام جي حڪمراني تسليم ڪرڻ ۾ ڪو ڀؤ ڀولو هجڻ نه گهرجي. ياد رهي ته جمهوريت هڪ سياسي نظريو آهي، جنهن ۾ عوام ئي طاقت جو محور تسليم ٿيل آهي. قرآن پاڪ به انسان کي زمين تي الله جو نائب سڏي ٿو، پر اسان وٽ خدا جي نائب جي حڪمراني تسليم ڪرڻ کان سڌو انڪار آھي، جيئن ساڻن جمهوريت جي نالي ۾ جبر روا رکڻ م آساني ٿئي.

حقيقت اها آهي ته ٽيهتر جي آئين تي شروع کان سياسي اشرافيه Elite جو قبضو آهي ۽ آئين جي هر تشريح انهن جي مفادن کي نظر ۾ رکي ڪئي وڃي ٿي. گذريل ٻن ڏهاڪن کان حڪومت ڪرڻ جو حق به مخصوص پارٽين حوالي ڪيل آهي. جڏهن ته جمهوري نظام ۾ مستقل طور  سياسي اختيار ڪنهن هڪ پارٽي يا گروه کي ڏيئي نٿا سگهجن. جمهوريت ۾ جتي غيرجانبدار اليڪشن ضروري آهي، اتي آزاديءَ سان ووٽ جو استعمال به وڏي اهميت رکي ٿو. آزادانه ووٽ جو استعمال انتظامي مشينري ۽ اليڪشن ڪميشن تي منحصر ھوندو آهي. پاڪستان ۾ انهن کان ڪو پڇاڻو ڪونهي. ڌانڌلين هوندي کين صاف شفاف اليڪشن جي اعلان ڪرڻ جي کليل اجازت هوندي آھي. هونئن به هر قسم جي ڌانڌلين کان پاڪ صاف چونڊون فقط آزاد معاشرن ۾ ئي ٿي سگهن ٿيون.

سنڌ ۾ گذريل پندرنهن سالن کان “موسمي” حالتن مطابق عوام ووٽ ڏيندو اچي ٿو. جنهن سان اها دعوا پنهنجو پاڻ ئي رد ٿي وڃي ٿي ته سنڌي ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ سياسي طور وڌيڪ سمجهدار ۽ سجاڳ آھن. ايئن کڻي هجي به پر ٿوري غور ويچار کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ اندر سياست جي ميدان جي ناقص کيڙ Poor tilth  ۽ ذاتي مفادن سبب سنڌين جا معقول ۽ جائز مسئلا حل نه ٿي سگهيا آهن، جنهن ۾ سڀ کان اهم مسئلو ڌارين جي آبادڪاري آھي. وفاقي سطح جون سڀ پارٽيون، مسلم ليگ (ن)، تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽي، سنڌ جي اجتماعي مفاد کي نظرانداز ڪندي بهارين، برمين ۽ افغانين جي آبادڪاريءَ جي حق ۾ رهيون آھن. وٽن سنڌين جي عام راءِ هڪ بي معنا وکر آھي. مٿان بدقسمتي اها به آھي ته  مخلص قومي ڪارڪنن جي مقابلي ۾ سنڌ جو عوام هر دفعي وفاق جي سياست  ڪندڙ پارٽين جي نمائندن کي ووٽ ڏيئي پارليامنٽ ۾ موڪليندو اچي ٿو. پير صاحب پاڳارو اهو چوڻ ۾ حق بجانب آھي  ته پاڪستان ۾ هن وقت ملڪگير سطح جو ڪو سياستدان موجود ڪونهي. بلوچ واضح طور پنجابي ليڊرشپ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آھن. سنڌي عوام عمران ۽ نواز شريف تي ڀروسو نٿا ڪن. پنجاب زرداري کان نالان آهي ۽ مولوي اليڪشن  کٽي نٿا سگهن.

سياستدانن سان عوام جي اهڙي رويي کي سياسي ٽرمنالاجي ۾  Behavioral approach  سڏجي ٿو. عوام جي ان سلوڪ مان اهو واضح ٿئي ٿو ته فيڊريشن اندر 1948ع ۾ پيدا ٿيل قومي سوال  اڃا سوڌو موجود آهي، جنهن کي حل ڪرڻ کان ڄاڻي واڻي ڪن لاٽار ڪيو وڃي ٿو. سياسي اسٽيبلشمنٽ طرفان قومي سوال حل ڪرڻ بدران ملڪ ۾ ڪڏهن ميثاقِ جمهوريت ته ڪڏهن ميثاقِ معيشت جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون. هوڏانهن حقيقت اها آهي ته 76 سالن کان ختم نه ٿيندڙ “سياسي بحران” ڪر کنيو بيٺو آهي، تنهنڪري پاڪستان جو معاشي بحران ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. نتيجي ۾ نام نهاد معاشي پروگرامن جهڙوڪ اسلامي سوشلزم، اسلامائيزيشن، ڊينيشنلائيزيشن، پرائيويٽائيزيشن وغيره ملڪ جي معيشت کي مستحڪم  ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيندا رهيا آهن.

ارڙھين آئيني ترميم جو ڀلي سينو تاڻي ڪيترو به ڪريڊٽ ورتو وڃي پر 2010ع جي پارليامنٽ ۾ ڪنهن کي به اهو ياد نه رهيو ته پاڪستان جي سياسي بحران کي ڪيئن ختم ڪجي. پاڪستان جي خالق قومن جي وجود کي تحفظ ڏيئي، کين اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان ڪيئن بچائجي يا سندن ٻولين ۽ ثقافتن کي تسليم ڪرڻ سان گڏ صوبن جي زمين جي الاٽمنٽ متعلق به آئين ۾ ڪو آرٽيڪل يا ڪا ذيلي شق شامل ڪجي. پر افسوس ته ايئن ڪونه ٿيو ۽ جي ٿئي به ها تڏهن به ڪهڙو فرق پوي ها. آئين کي هت پڇي ڪير ٿو!! اسان وٽ فوجي آمر ته آئين پائمال ڪندا رهيا آھن پر پارليامنٽ جي ميمبرن ۽ ججن به ان سان گهٽ ناهي ڪئي. پوري دنيا جي علم سياسيات جا ماهر آئين جي سپرميسي تي متفق آهن پر مجال آهي جو پاڪستان جا جرنيل، سياستدان يا جج  آئين جي بالادستي کي قبول ڪن!

اسيمبلي جي فلور تان ۽ ڪورٽ جي روسٽرم تان اها تنوار پئي ٻڌبي آھي ته “منهنجو ادارو سپريم آھي”، جڏهن ته ججن ۽ عوامي نمائندن سان گڏ خود پاڪستاني آئين جي ڪتاب کي به خبر آھي ته هتي اصل سپريم سيڪيورٽي اسٽيبلشمنٽ ۽ طاقت جو سرچشمو بوٽ آھي. بدقسمتيءَ سان پوري پاڪستان ۾ اها ڳالهه جيڪڏهن نه سمجهي سگهيا آهن ته اهي سنڌ جا قوم پرست ۽ ترقي پسند دانشور آھن، جيڪي ايڪيهين صدي ۾ به گذريل ستر ۽ اسي وارن ڏهاڪن جي نظرين ۾ Freeze ٿي، هڪ گليشيئر جو روپ اختيار ڪري چڪا آھن. کين ادراڪ ئي ڪونهي ته هو جن نظرين جي ڳالهه ڪن ٿا، اهي  هڪ صدي پراڻا آھن. کين سچلؒ سائين جي ڪافي “قاضيان دي ڪاه ڪتابان، عشق دي منزل اڳي” جي مفهوم کي سمجهڻ جي ضرورت آھي. سياست ۾ حققيقت پسندي Real politik سمجهڻ سان گڏ اهو نه وسارڻ گهرجي ته ڪميونسٽ مينيفيسٽو ۽ داس ڪيپيٽال لڳ ڀڳ ٻه سئو سال اڳ لکيا ويا هئا. انهن ۾ اصلاح جي ضرورت آھي ۽ انهن کي هن وقت حرفِ آخر سمجهڻ مارڪسي مُلائيت سڏي سگهجي ٿي.

گورباچوف ۽ دينگ زيائوپنگ ڪي معمولي سياستدان  نه پر وڏا مدبر ڪميونسٽ رهنما هئا، جن مٿان پاڪستان جا سرخا اڄ به ڪاوڙيل آھن. انهن ٻنهي لينن ازم ۽ مائو ازم جو هروڀرو انحراف نه ڪونه ڪيو هو. ياد رکو ته چمڪندڙ سج جي تخليق کي اربين سال گذري چڪا آهن پر هر ڏينهن جو سج، نئون سج ٿي اڀرندو آھي. اهڙي طرح اسان جي قومي ورڪر کي به حالتن مطابق سياست جا داءَ کيڏڻ گهرجن۔ “لا تقرب ھٰذہِ الشجر” واري خدائي حڪم جي انحرافي آدم به ڪئي هئي، سو مارڪس يا مولوي جي حڪم نه مڃڻ سان آسمان ڪونه ڦاٽندو. تنهنڪري اسٽيبلشمنٽ کي شجرِ ممنوعه سمجهي پارلياماني سياست کان انڪار نه ڪرڻ گهرجي. سنڌ دوست سياسي ورڪر کي اها ڳالھ ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته پرولتاري انقلاب هينئر ناممڪن آهي. جيئن دنيا جا وڏا مذھب يونيورسل ناهن رهيا، تيئن پرولتاري ڪلاس جي يونيورسل افاديت به ڪانهي رهي. هي دور White and blue collar  ورڪر جو دور آھي. سياست فقط واٽس ايپ، فيس بڪ ۽ يو ٽيوب تائين محدود ناهي. جيڪي سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن جي Disinformation ۽ Misinformation  جا مڃيل  ٽول آهن. جيتوڻيڪ ميڊيا جي طاقت اٽل آهي پر پاڪستان ۾ ميڊيائي انقلاب عرب اسپرنگ جهڙو هڪ سراب آھي. ان جي پويان هلڻ اجايو وقت وڃائڻ آھي. علم فقط ڪتابن پڙھڻ سان نه پر  هن سنسار ۽ سماج جي هر پهلوءَ کي باريڪ بينيءَ سان  ڏسڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ سان حاصل ٿئي ٿو. پڙهيل طبقي کي سماجي بيمارين کي سمجهي، ان کي    Diagnose ڪري عوام جي معالج، مددگار ۽ سُونهِين جو ڪردار ڪرڻ گهرجي. تنهنڪري سنڌ جي نوجوانن کي پنهنجي سوچ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جي آباديءَ جو چوهٺ سيڪڙو پنجابي، بلوچ ۽ پشتون نوجوان تختِ لاهور کان باغي ٿي چڪو آھي. ان جي  مقابلي ۾ سنڌ جي نوجوان جي سُئي  سنڌ مان وڏيرا شاهي جي خاتمي تي اٽڪيل آهي. اسانجي نوجوان جي ذهنن ۾ جنم ورتل پاپولسٽ نعرا ايڪهين صديءَ جي سنڌ سنوارڻ ۾ فاش سياسي غلطي جو مرتڪب ٿي رهيا آهن.  جيتوڻيڪ ويهين صدي پاپولسٽ سياست جي صدي هئي، تڏهن به سنڌ جي هڪ دورانديش سياسي ڏاھي پاپولسٽ نظرين کي اڪيڊيمڪ دليلن سان رد ڪيو هو. جڏهن ته علم سياسيات جي ماهرن  پاپولسٽ سياست کي اڃا هاڻي غلط قرار ڏيڻ شروع ڪيو آهي. ٻئي طرف اسان جا ڪجهه ساڃهه وند سنڌيت کي مارڪسزم، جمهوريت ۽ ملائيت جو تَڙڪو ڏيئي وفاقي پارٽين جي حق ۾ اهو وکر وِهائيندي نٿا ٿڪجن ته وفاقي پارٽي جو ڪو متبادل ڪونهي، تنهنڪري قوم پرست ڪاميابي حاصل نٿا ڪري سگهن.

غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته وفاقي پارٽيون پنهنجن پنهنجن صوبن ۾ قوم پرستيءَ جي نالي تي ووٽ حاصل ڪري رهيون آهن. بلاول جو “مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون”، نواز شريف جو “جاگ پنجابي جاگ” ۽ “ما ڇُکان بلوڇاني” جهڙا نعرا وفاقي سياست ۾ ڪٿي به فٽ نٿا ٿي سگهن، جيڪا ڳالهه ملڪ جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمنٽ کي به سمجهڻ گهرجي ته سندن جيان پاڪستان سڀني کي کپي ٿو. ملڪ جون خالق قومون رضاڪارانه طور ان ۾ شامل ٿيون هيون، انهن جي راءِ جو احترام وفاق جي عزت ۾ اضافو ڪندو. پاڪستان ۾ جتي سياسي اسٽيبلشمنٽ حڪومتي نظام جا مختلف تجربا ڪيا آهن، اتي رياست جي تعمير ڪرڻ ۾ سيڪيورٽي اسٽيبلشمنت فقط هڪ نظرئي تي ضد ڪري بيٺل آهي، جيڪو هيگل جي idealism يا مطلق العنانيت وارو نظريو سڏجي ٿو، جنهن مطابق رياست، فرد جي هر ڪار وهنوار ۾ مداخلت ڪرڻ جو حق رکي ٿي. ياد رهي ته سياسي آئيڊيلزم وارو نظريو Individualism  انفراديت پسند نظرئي جي رد ۾ آيو هو. جنهن مطابق فرد پنهنجي عمل ۾ آزاد هو. رياست جي ڊيوٽي فقط اندروني امن امان ۽ ٻاهرين حملن کان بچاءُ ڪرڻ جي هئي. يورپ وارن اڳتي هلي ماڊرن رياست جي تعمير ۾ ٻنهي نظرين کي رد ڪندي اعتدال پسندي جو رستو اختيار ڪيو، جنهن مطابق رياست جي اختيار کي نه گهڻو محدود ڪيو ويو، جيئن Individualist  چاهين پيا ۽ نه ئي ان جي دائري کي مطلق العنان بنجڻ ڇڏيو ويو، جو فرد جي آزادي خطري ۾ پئجي وڃي. اهڙي طرح ٻنهي نظرين جي وچ مان ھڪ فلاحي رياست جنم ورتو، جنهن کي اشتراڪيت ۽ سرمائيداري جو سهڻو سنگم سڏيو وڃي ٿو. پاڪستان کي به حقيقي فلاحي، وفاقي ۽ جمهوري ملڪ بنائڻ اسٽيبلشمنٽ جي هٿ وس آهي. تاڙي هڪ هٿ سان ناهي وڄندي، فارسي پهاڪي “آوازِ خلق- نقارهء خدا” کي سمجهڻ گهرجي. دنيا ۾  پاڪستان جو وقار فرد کي عزت ڏيڻ ۽ جمهوري قدرن تي هلڻ سان منسلڪ آهي. ان سان ئي اڳتي هلي ملڪ هڪ فلاحي رياست جو درجو ماڻيندو، جيڪو وقت جي ضرورت آهي.

[email protected]