‘چار قل’ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن لاءِ به!

0
32
تخريب، تشدد ۽ ‘9 مئي’

هونئن ته ڪڏهن ڪڏهن ڪرپشن جي ڇڙواڳ ڇمر ميرٽ جي سج اڳيان اچي ان جي جوت جهڪي ڪري ٿي ڇڏي، پر ٻن ڏهاڪن کان اهو ويساهه سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جو سج مڪمل طور تي گرهجي چڪو آهي ۽ سرڪاري نوڪري لاءِ باصلاحيت نوجوانن جي ميرٽ تي ڀرتين لاءِ قائم ڪيل هي ادارو سفارش ۽ ڪرپشن سبب تباهه ٿي ويو آهي. هاڻي هتي نه صرف سڪا رائج الوقت جو گذر آهي پر اڪثر ڪري ان اداري لاءِ اها راءِ به پختي ٿيندي پئي وڃي ته هي ادارو اصل ميرٽ بدران سياستدانن ۽ ڪامورن طرفان ملندڙ انهن جي اولاد ۽ مِٽن مائٽن جي نالن واري لسٽ تي قبوليت جي مهر ثبت ڪرڻ وارو ادارو بڻجي چڪو آهي. هي ادارو جيڪو بي پهچ ۽ غريب، پر باصلاحيت نوجوانن جي ڀرتيءَ لاءِ واحد ادارو سمجهيو ويندو هو، پر هاڻي ان پنهنجي اها سڃاڻپ وڃائي ڇڏي آهي. هاڻي ته حالت اتي وڃي پهتي آهي ته ان اداري طرفان ورتل امتحانن جا پرچا اڳواٽ آئوٽ ٿي وڃن ٿا. هن اداري جي اهڙي ئي هڪ تازي “واردات” پڻ ان جي ميرٽ واري دعويداريءَ کي پڌرو ڪري وئي آهي. سيڪنڊري اسڪول ٽيچرز جي ڀرتين لاءِ ورتل امتحان جو پيپر آئوٽ ٿيڻ جي ڪري امتحان ڏيندڙ نوجوانن شديد احتجاج ڪندي ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ باهيون ڏنيون ۽ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا. ڪميشن انتظاميا اسسٽنٽ ڪنٽرولر، ٻن ڪمپيوٽر آپريٽرن، پنجن پٽيوالن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڳ ۾ ورتل امتحان رد ڪري اپريل ۾ ٻيهر امتحان وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي.

هونئن ته ڪرپشن سڄي ملڪ جو وڏو مسئلو آهي پر اسان وٽ ته حالت اها آهي ته سنڌ جي سرير ۾ ڪرپشن جو ڪينسر مڪمل طرح سرايت ڪري ويو آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي تباهيءَ کانپوءِ هاڻي ته ڪوبه اهڙو ادارو ناهي، جنهن مان ميرٽ جو آسرو رکي سگهجي. اهو ئي واحد ادارو بچيو هو، جنهن ۾ به سفارش ۽ ڪرپشن ڪلچر آکيرا جوڙي ويهي رهيو آهي. ٻين سمورن ادارن وانگر هي اهم ادارو به تباهه ٿي چڪو آهي. مختلف وقتن تي ڪرپشن جي الزامن ۽ ثابتين کانپوءِ هن اداري جي ورتل امتحانن جا نتيجا عدالتن طرفان پڻ رد ٿيندا رهيا آهن. ڪجهه وقت اڳ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ميونسپل آفيسرن لاءِ امتحان ورتا ويا هئا، جيڪي نتيجا پڻ تڪراري بڻيل رهيا. هن اداري جو طريقهء واردات اهو رهيو آهي ته جيڪا ڪامياب اميدوارن جي لسٽ جاري ڪئي ويندي آهي، انهن سان گڏ انهن جي ذات ناهي لکي ويندي ته جيئن حڪومتي اهم شخصيتن يا اهم ڪامورن سان انهن جي تعلق جي ڪا پروڙ پئجي نه سگهي. هن ڀيري به سيڪنڊري اسڪول ٽيچرز جي 2315 جاين لاءِ سوا ٽي لک اميدوارن فارم ڀرايا ۽ رڳو اها چالان في به ڏسجي ته ڪروڙن ۾ ٿئي ٿي. پر ٻئي طرف موٽ ۾ ڪميشن ميرٽ کي يقيني بڻائي نٿي سگهي. هن ڀيري به ايڏو وڏو اسڪينڊل سامهون اچڻ کانپوءِ ڪميشن اختيارين هڪ اسسٽنٽ ڪنٽرولر، ٻن ڪمپيوٽر آپريٽرن ۽ پنجن پٽيوالن کي معطل ڪيو آهي، جڏهن ته اها ناڪامي ۽ نااهلي ڪميشن چيئرمين ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن جي آهي، قدم ته انهن جي خلاف کڻڻ گهرجي ۽ قانون جي پڪڙ ۾ به انهن کي آڻڻ گهرجي ها پر هميشه جيان هن ڀيري به پٽيوالن سميت ننڍن ملازمن کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻايو ويو آهي. پڙهندڙن کي اهو به ياد هوندو ته 2003ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس  ڪميشن ۾ ڪرپشن جو ميگا اسڪينڊل سامهون آيو هو، جڏهن 54 اهل اميدوارن کي فيل ڪري فيل ٿيندڙ اميدوارن کي پاس ڄاڻايو ويو هو. ان اسڪينڊل جي جاچ ۾ ڪنٽرولر محمد عمر زنئور ۽ ايڊيشنل ڪنٽرولر اعجاز جعفري کي ملوث ڄاڻايو ويو هو پر ڇا ٿيو؟ معاملو نيب ۾ ويو ۽ نيب عدالت 18 سالن کانپوءِ 2021ع ۾ سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو. هن ڀيري به ڇا ٿيندو؟ اهو ئي جيئن  اڳ ۾ ٿيندو رهيو آهي!

توڙي جو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هڪ خود مختيار ادارو آهي پر ان جا ميمبر ۽ چيئرمين جيئن ته حڪومت طرفان مقرر ٿين ٿا ۽ اهي انهن جي ئي ايجنڊا جي تڪميل ڪندي نظر اچن ٿا ۽ ميرٽ جو جنازو ڪڍڻ ۾ وسان نٿا گهٽائين. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ پبلڪ سروس  ڪميشن ۾ سامهون آيل ڪرپشن جي موجوده اسڪينڊل جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ذميوارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. هن اهم اداري ۾ مقررين جو شفاف طريقيڪار وضع ڪيو وڃي ته جيئن ميرٽ جو ڀرم رهجي سگهي ۽ اهل نوجوان چٽاڀيٽي سميت مختلف امتحانن ۾ چونڊجي اچن. اسان اها گهر ڪرڻ جي به ضرورت ٿا محسوس ڪريون ته ماتحت ننڍن ملازمن بدران چيئرمين سميت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي مک عهديدارن کي احتساب جي  دائري ۾ آندو وڃي، جيڪي ان سموري انتظام جا ذميوار آهن.