مراد علي شاهه ڏانهن کليو خط

 

جناب اعلي!

اميد آهي ته خير خيريت سان هوندا، موسمَ ۾ به ڪجھ نواڻ اچي پئي، سيارو پڄاڻي تي پهتو آهي، هوائن به پنھنجو رُک مٽايو آ،اوهان به خيرن سان سي ايم هائوس کان واپس جئين سيوهڻ پھتا آهيو ته ڪجھ وقتُ آرامي ٿي اليڪشن جي سرگرميون ۾ مصروف ٿيا هوندا، هاڻ خِير سان اليڪشنز به پڄاڻي تي پھتا آهن ۽ اوهان کي به سيوهڻ جي صوبائي تڪُ پي ايس 77 تان گذريل اليڪشن جي ڀيٽ ۾ هن واري وڏي سرسي حاصل ٿي آهي، جنھن اوهان جا سمورا ٿڪَ ته يقينن لاهي ڇڏيا هوندا، ٻڌون پيا ته اوهان ٽيون ڀيرو سنڌ جي وڏ وزارت لاءِ تيار آهيو؟ ۽ هاڻي ته پارٽي به باضابطه طور تي اعلان ڪيو آهي ته مراد شاھ سنڌ جو  ايندڙ وڏو وزير ٿيندو.

جناب اعلي!

پنھنجو عرض ڪجھ هن ريت آهي ته اوهان جي گذريل ٻن ڀيرن ۾ اوهان کي مليل وڏ وزارتَ سنڌ سميت ڄامشوري ضلعي جو مستقل ناهي بدليو، ڄامشورو جيڪو ملڪَ سميت دنيا اندر تعليمي درسگاهن ۽ علمي ادبي سرگرمين سبب پنھنجي منفرد ۽ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو، انھي هوندي به جيڪا حالت آهي اوهان انھي کان بخوبي واقف هوندا.

جناب اعلي!

هنَ اليڪشن ۾ مختلف جماعتن واويلا ڪئي آهي ته پ پ عوام جي مينڊٽ کي چوري ڪيو آهي، جنھن بحث کي پاڻ ڇڏيون ٿا، ڄامشوري واسين سميت پاڻ کي اوهان جي ڪاميابيءَ تي خوشي انھي ڪري به آهي ته اوهان جو تعلق اسان جي ڄامشوري ضلعي سان آهي.

جناب اعلي!

جيتوڻيڪ اوهان اڳين ٻن ڀيرن جيان هن ڀيري به سڄي سنڌ جا وڏا وزير ٿيندا پر پاڻ سموري سنڌ کي ڇڏي اوهان جي پنھنجي تڪ جي ڳالھ ٿا ڪريون ڇو ته وڏو وزير اسان جي ضلعي جو آهي، جيڪا ڳالھ اسان لاءِ فخر جو سبب هجڻ گهرجي پر اوهان جي هن وقتَ واري ڪارڪردگيءَ تي وڏي وزير جو تعلق ڄامشوري سان هجڻ واري ڳالھ تي اسان جو ڪنڌ جهڪي ٿو وڃي.

جناب اعلي!

دادو کان ڌار ٿيندي ڄامشوري کي ضلعي جو درجو ملڻ کانپوءِ به پاڻ وٽ صورتحال سال 2004ع کان اڳ واري ئي آهي، هن جديد دور ۾ جتي پنجاب پاڻ کان ڪيترائي سال اڳتي آهي، پنجاب جا حڪمرانَ چونڊيل نمائندا پنھنجي علائقن کي ترقي طرف وٺي وڃي رهيا آهن، ساڳي وقت پاڻ وٽ سهولتن جو هجڻ سنڌ جي غريب ماڻھن جي تصوري عڪس ۾ ڪنهن رهجي ويل خيال واري شڪل اختيار ڪري ورتي آهي.

جناب اعلي!

اوهان جي وڏ وزارتَ واري دور ۾ ڄامشوري ضلعي چئين تعلقن سيوهڻ، مانجھند، ڪوٽڙي، ٿاڻو بولا خان ۾ منشياتَ جو وڪرو سرعام وکر جيان هلندو رهيو، جيڪو هاڻ سڌو جاري ساري آهي، لکين نوجوانن جي جوڀن جواني داءُ تي لڳل رهي، ايس ايس پي سميت ضلعي جي سمورن ٿاڻن تي ٿاڻن جا ايس ايڇ او اوهان جي پرسنل سيڪريٽري “سليم باجاري” جي هڪڙي فون تي لڳندا ۽ هٽندا رهيا پر ڪنھن به آفيسر کي سي ايم هائوس تان فون ڪري هدايتون جاري نه ٿيون ته منشيات جي وڪري خلاف ڪارروائي ڪريو ڏوهن تي ظابطو آڻيو، يا وڏيرا شاهي کي ڇڏي حقيقي بنيادن تي نج عوامي مسئلن کي حل ڪري سماجي براين کي ختم ڪيو.

جناب اعلي!

ڪاٺوڙ پل کان ويندي خداآباد ٽائين ضلعي جي ٽن وڏن ۽ اهم شھرن ڄامشورو،ڪوٽڙي،سيوهڻ سميت ٿاڻو بولا خان، سري مول، مانجھند، لاکا، سن، شالماڻي، ڀان سيد آباد، ٻڍاپور، لڪي شاھ صدر سيوهڻ سميت ننڍا وڏا علائقا بنيادي سهولتون کان محروم آهن، ائين نه ٿئي ته اوهان جي ايتري ڪن لاٽار اقدار جي نشي ۾ شھر واسي اوهان کان نفرت ۽ بغاوت جو اعلان ڪري اوهان جو متبادل ڳولي سامهون آڻين.

جناب اعلي!

سيوهڻ ۾ اوهان جي والد صاحبَ جي نالي سان قائم ڪيل سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ کي عوام ڪوس گھر قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ضلعي جي اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ آهي، دوائون چوري ٿي رهيون آهن،ڊاڪٽر پرائيوٽ ڪلينڪ کي وڌيڪَ ترجيحَ ڏئي رهيا آهن،ڪيترن ئي اسڪولن ۾ فرنيچر ناهي اوهان جي والد پاران سيوهڻ کان مٿي بڊو جبل تي ٽي بي اسپتال وارو پراجيڪٽ به اوهان مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهيو.

جناب اعلي!

آئون سمجهان ٿو هي خط اوهان تائين ڪنھن ريت ضرور پهچندو، اوهان مان جواب جي اميد هرگز ناهي پر اوهان کي التجا آهي ته عوامي مسئلن تي ضرور نظرثاني ڪندا، جيڪو اوهان جي مستقبل کي روشن رکندو.

جناب علي!

علمي درسگاهن وارو شھر ڄامشورو هن وقت گٽر نالن جي پاڻي هيٺ آهي، ڄامشوري ۾ گرلز ۽ بوائز ڪاليج جي سهولت نه هجڻ ڪري معصوم نياڻيون پيرين پنڌ ڪوهين ڏور تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃن ٿيون، واٽر سپلائي جي لائين مان گٽر جو پاڻي گھرن ۾ اچي رهيو آهي.

جناب اعلي!

سنڌ جي تمام وڏي يونيورسٽي سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽلن جي ڪمرن جي ڇتون جا ڇاپڻ ڪرندا رهن ٿا، اوهان جي سفارش تي سرچ ڪميٽي مان اوهان جي حڪم نامي سان مقرر ٿيل وائس چانسلر روز فيون ۾ واڌ ڪري رهيا آهن، جنھن سبب سنڌ جو غريب ماڻهو تعليم جي قيمتي زيور کان محروم ٿيندو پيو وڃي،پر اوهان تائين شايد اها ڳالهه ڪڏهن پهتي ئي ڪونه.

جناب اعلي!

ڄامشوري ۾ ملٽي نيشنل ڪمپني هيليون سميت ڪوٽڙي ۾ وڏا وڏا برانڊ تيار ڪندڙ فيڪٽرين ۾ مقامي نوجوانن کي روزگار نٿو ڏنو وڃي، ڄامشوري جا پڙهيل لکيل نوجوان يا مزدوري ٿا ڪن يان وري نشي جا عادي ٿي چوريون ٿا ڪن،

جناب اعلي!

ڪول مائنز مان روز لکين ٽن ڪارو سون ”ڪوئلو” نڪري ٿو، رائلٽي جي مد ۾ ڪروڙين رپيا ٽيڪس ڀريندڙ ڄامشوري ۾ ترقياتي ڪم نٿا ٿئين،

جناب اعلي!

اوهان ٻه ڀيرا اڳ وڏا وزير رهي چڪا آهيو هاڻ اوهان مان اميد ظاهر ڪجي ٿي ته پنھنجي ڪنھن منشي ۽ سيڪريٽري جي ڪوڙن ڏٽن تي هلڻ بجائي پاڻ نوٽيس وٺي ضلعي جي عوام کي عملي طور تي رليف ڏئي سندن ڪجهه اهنج گهٽائيندا  بدامني، منشيات کي روڪڻ ۽ تعليم جي واڌاري علائقن ۾ بنيادي سهولتون جيهڙو ڪي صاف پاڻي، روڊ رستا،گيس، بجلي، اسڪول بوائز ۽ گرلز ڪاليج پاڪا نالا، سيوريج سسٽم بيروزگار نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ سميت ٻين انيڪ مسئلن ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندا.

اوهان جي سٺي صحت لاءِ دعاڳو

 

ميرمرتضي نوحاڻي ڄامشورو

او امان، مان اڄ توکي ڇڏيو ٿو وڃا!

 

“خدا معلوم ڪنھن رنگين چمن ۾ ڇو نه ڄاواسين، ٽڙياسين دامن صحرا ۾ خوشبواجائي وئي. 8 فيبوري خميس جي ڏينھن جيجل امان ۽ پوڙھي پيءُ کان موڪلاڻي اليڪشن پولنگ اسٽيشن ڏانھن ويندڙ شھيد مالڪ بخش عرف ماڪن جنھن کي سرعام ڏينھن ڏٺي وچ روڊ تي ظالمن بيدرديءَ سان قتل ڪري جيجل جي جھولي کي خالي ڪري پيءُ جي ڪلھن تي ڪونڌر پٽ جو لاش کڻائي وسندڙ واھون ويران ڪري گھر ۾ ٻرندڙ سڀئي خوشين جا ڏيئا اجھائي ٽھڪن جون ٽوليون ٽوڙي منھنجي جيءَ کي جھوري ماتم جون اگربتيون ٻاري او ظالم ٿورو ٻڌا ته صحيع توکي مليو ڇا آھي؟ او قاتل ٿورو ٻڌا ته صحيع توکي مليو ڇا آھي؟ڇا مليو تون ڇا ٻڌائيندين مليا توکي فقط لعنتئي ھوندا بد دعا به کوڙ مليا ھوندا جيڪي ھڪ ڏينھن تو تائين ضرور پڄڻا آھن، او ظالم ھڪڙي ڳالھ ياد رک تو جھڙا ڪيئي فرعون ھن ڌرتي تي آيا جيڪي پاڻ کي ّخدا سمھجندا ھئا نيٺ ھنن جي بهزوال اچڻو ھو.

 

شان علي/کپرو

 

سنڌ کي سياسي بردبار ايڊمنسٽريٽر کپي!

 

(حصو پهريون)

 

جيڪڏھن وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاھ نه ٿيو ته پارٽي بنياد تي ڪيترائي سوال سامھون اچي سگھن ٿا ۽ مختلف لابيسٽ پارٽيءَ اندر ڌڙا بنديءَ جو شڪار ٿي سگھن ٿا، ان جي ڪري سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته وزير اعليٰ مراد علي شاھ ڇو ڪو نه؟ ميڊم فريال ٽالپور صاحبه جيڪڏھن وزيراعليٰ طور سامھون اچي ٿي ته به ممڪن آهي ته ڪن لابيسٽس کي پارٽيءَ اندر سٺو نه لڳي پر سيد ناصر حسين شاھ جي وڏي وزير طور سامھون اچڻ ۾ ڪو وڏو ۽ اھميت وارو سوال ڪونھي پر ان جي باوجود مٿي ذڪر ڪيل ٻن اميدوارن مراد علي شاھ ۽ ميڊم فريال ٽالپور صاحبه جو اميدوار ٿي سامھون اچڻ ته سمجھ ۾ اچي ٿو ته ان ڪري شايد ڪو ٽيون خواھشمند ڊوڙ يا اختلاف نه ڪندو. ھڪ ته مراد علي شاھ اڳ به ٻه دفعا وڏو وزير رھي چڪو آھي ۽ سندس مئنيجمنٽ سائيڊ کان ويندي پراڻو تجربو ۽ پارٽي قيادت جو بااعتماد ھجڻ وارو سلسلو مضبوط اٿس. ان کان سواءِ ادارن سان ماضيءَ جو اعتماد ۽ جوڙ ٽوڙ وارو مشاھدو ۽ تجربو پلس پوانٽس ۾ شامل اٿس. ان ڪري اسان جيڪڏھن 2008ع وارين عام چونڊن کي ڏسون ٿا ته ان وقت به پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ اڪثريت ملي ھئي ۽ لاڳيتو ھن وقت تائين پيپلز پارٽي چوٿون ڀييرو کٽي اچي سنڌ ۾ بنا اتحادي حڪومت ٺاھڻ طرف روان دوائن آھي. پيپلز پارٽي جي 2008ع واري سنڌ حڪومت ٺھڻ جي وقت شڪارپور کان چونڊجي آيل اسيمبلي ميمبر ۽ آصف علي زرداري جو سياسي يار طور مشھور آغا سراج دراني وڏي وزير جو مضبوط اميدوار طور سامھون ٿي آيو ھو ۽ کيس کي پروٽوڪول به ملڻ شروع ٿي ويو ھو پر سندس پڳ مٽ يار سندس قائد آصف علي زرداري جو مد مقابل ٿي سامھون آيس جنھن ڪري اهو سي ايم ٿيڻ لاءِ مليل پروٽوڪال واپس ڪنھن پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد قائم علي شاھ ڏانھن موڙيا ويا. اھڙي نموني ان شروعاتي دور حڪومت ۾ سراج دراني کي پنھنجي خواھش موجب مڪاني ادارن واري وزارت ڏني وئي. اڳتي ھلي قائم علي شاھ جي به پنھنجي ڪابينا جي سينيئرز سان تعلقداري شايد تڪراري رھي جنھن جي ڪري پارٽيءَ اندر وڏ وزارت خلاف لابنگ ٿيندي رھي، جنھن ۾ سکر جي سينيئر سيد کان ويندي دادوءَ جي پير مظھر ۽ مراد علي شاھ پڻ گھٽ ڪونه ڪئي، اھڙي نموني ڇڪتاڻ واري ماحول مان نڪرندي نڪرندي سندس جو پھريون  2008ع وارو حڪومتي دور پورو ٿي ويو ۽ مارڪيٽ ۾ سندس بابت پارٽيءَ اندر ڪيتريون ٿيوريز تي ڪم ۽ اختلاف سامھون ايندا رھيا. سيد قائم علي شاھ سينيئر ھجڻ جو فائدو پنھنجي جاءِ تي پر لچڪدار ۽ پارٽيءَ قيادت سامھون آل از اوڪي واري ماحول سبب 2013ع وارين چونڊن ۾ کٽي اچڻ سبب وڏ وزارت وٺڻ ۾ ڪامياب ويو.(جاري)

 

رحمت الله ٻرڙو/ ڪراچي

 

صحافت جي عظيم پيشي کي لڄائيندڙ!

 

صحافي جنھن جو ڪم ملڪ جي پٺتي پيل عوام جو آواز اعليٰ ايوانن ۽ عملدارن تائين پھچائڻ آھي ۽ صحافت جنھن کي پيغمبري پيشو پڻ سڏيو ويندو آھي پر انتھائي افسوس جو ان پيغمبري پيشي سان واڳيل ڪنب جا ڪجھ عطائي صحافي جيڪي ڪجھ ڏوڪڙن ۽ مٿين نمائندن کي خوش رکڻ لاءِ پنھنجي اداري جي ساک جو به خيال نه پيا ڪن، انھن مان عوام جي ڀلائيءَ سان گڏوگڏ انھن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پھچائڻ جي اميد رکڻ ڄڻ ته “ٻٻرن کان ٻير گهرڻ” جي برابر آهي، ڪنب جا عطائي صحافي ھڪ گروپ طور ڪم ڪري رهيا آهن، ان گروپ جو ڪم ايماندار فردن کان منٿليون وٺڻ، پئسن عيوض ڪنھن جي به خلاف سوشل ميڊيا تي پوسٽون رکڻ ۽ ھٽائڻ، ڪنب ايس ايڇ اوز جون مقرريون ڪرائڻ، جيستائين وڃي ڪو جوڙ جو ايس ايڇ او ملي، مطلب ته سماج ۾ ھر اھا سماجي برائي ڪرائڻ ۽ روڪرائڻ ۾ ھنن جو وڏو ڪردار رهيو آهي، نتيجو ڪنب اسٽيشن ۾ وڌندڙ بدامني ۽ سماجي برايون سڀني جي سامهون آهن جنھن صحافي جو  مقصد صرف ۽ صرف پئسو ڪمائڻ ھجي اھڙن عطائي قسم جي صحافين کي ادارن مان فارغ ڪري ادارن جي ساک برقرار رکڻ گھرجي ته بهتر عمل ٿيندو. اسان جو مطالبو انھن ذميوار شخصن کان آهي جيڪي اخبارن ۽ ٽي وي چينلس کي لائسنس جاري ڪندا آهن، انھن کي گھرجي ته جاري ڪندڙ لائسنس مالڪن کي اھا ھدايت پڻ ڪن ته پنھنجي اداري ۾ ميرٽ طور پڙھيل لکيل شخص کي نمائندو مقرر ڪن، نڪي عطائي صحافين کي.

 

راشد مراد چانڊيو/ڪنب يوسي ٻاڦو

 

سنڌ ۾ آپگھاتن لاءِ وڌندڙ ڳاٽ ۽ اپاءُ!

 

سنڌ ۾ آپگھاتن جا واقعا ڏينهنون ڏينهن وڌندا پيا وڃن، ڪو به اھڙو ڏينهن خالي ناهي جنهن ڏينهن ڪنهن بيوس لاچار ۽ مجبور ماڻهو گهرو اڻبڻت جي ڪري يا بيروزگاري، بک ۽ بدحاليءَ جي ڪري آپگھات نه ڪيو ھجي، گهڻي ڀاڱي آپگھات غربت جا ستايل ماڻهو ئي ٿا ڪن، جيڪي بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جي ڪري سردارن، اميرن ۽ سياستدانن جي دروازن جا ڪنڊا کڙڪائي کڙڪائي مدد جون اپيلون ڪري ڪري مايوس ٿي گهر موٽي اچي آپگھات جو رستو اختيار ٿا ڪن، ڪجهه نوجوان محبت ۾ ناڪامي جي ڪري ۽ ڪجهه پسند جو رشتو نه ٿيڻ جي ڪري به پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏين ٿا. ھاڻي ته سنڌ ۾ ڪو به اھڙو ڏينهن خالي ناهي جڏهن سوشل ميديا، ٽي وي چينل ۽ اخبارن ۾ آپگھاتن جون خبرون اسان جي سامهون نه اينديون ھجن. ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي جڏهن ڪو مظلوم گهرو اڻبڻت جي ڪري آپگھات ڪندو آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته انهن ماڻهن جي لاءِ آخري رستو آپگھات ئي ڇو ٿو ھجي؟ ٻيا به ته کوڙ رستا ۽ موقعا آهن، ڏکي وقت سان مڙس ٿي منهن ڏيڻ بدران ان مسئلي کان منهن ڦيرائي پنهنجي زندگي جو انت آڻڻ عقلمندي ته ناهي! ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته آپگھات ھڪ نفسياتي بيماري آهي جنهن جون پاڙون ننڍپڻ ۾ ئي لڳي وينديون آهن. ھڪ ته ھيءَ نفسياتي بيماري ماڻهو کي وراثت ۾ ملندي آھي ۽ ٻيو ته ننڍپڻ ۾ آسپاس جي حالتن جي ڪري به ماڻهن ۾ آپگھات جا لاڙا پيدا ٿي ويندا آهن ۽ عمر جي ڪنهن حد تائين اچي اھا بيماري فاٽ کائيندي آهي.اسان جي حڪمرانن کي اپيل آهي ته اهي سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ سٺيون سازگار پاليسيون جوڙين جنهن سان، بک، بيروزگاري، تنگدستي ۽ ماڻهن جي بدحالي دور ٿي سگھي ته جيئن غريب غربي کي به پنهنجي زندگي گذارڻ جو حق ملي سگھي.

 

روشن داس/مهيسر وڏا

 

معصوم ٻارڙن سان زيادتيون ڪندڙ جوابدارن کي عبرتناڪ سزائون ڏيو!

 

اسان جي معاشري ۾ معصوم ٻارڙن جو قتل عام وڌي ويو آهي، ھن ايڪويهين صديءَ ۾ ظلم انتھائي وڌي ويو آهي ڪٿي معصوم ٻار اغوا ته ڪٿي قتل ڪيا وڃن ٿا، ھن دجالي دور ۾ معصوم علي رضا 9 سالن جي معصوم کي ھڪ وحشي انسان انسانيت جا ليڪا لتاڙي ان کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ان جي لاش کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو، جو ان معصوم ٻارڙي جو قصور ھڪ ڪبوتر کڻي وڃڻ ڪري ان وحشي صفت انسان ان کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو آهي. ھڪ سال اڳ معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو کي پڻ راڻيپور جي پيراڻي حويليءَ ۾ ظام اسد شاهه پاران زنا ڪرڻ بعد انتھائي تشدد ڪري بيڏوھي ماريو ويو هو، ڪافي اھڙا گلن جھڙا معصوم ٻارڙا انھن ظالمن جي ھٿان قتل ٿي ويا آهن، پندرنھن سال پھريان ٺل جي نياڻي معصوم فضيلا سرڪي کي ظالمن اغوا ڪيو ھو جنھن جو اڄ ڏينھن تائين ڪو ڏس پتو نه پئجي سگھيو آھي، اھڙيءَ طرح سان سکر جي 4  سالن جي نينگريءَ پريا ڪماري پڻ ڪيترن ئي سالن کان ظالمن جي چنبي ۾ قيد آھي ان کن سواءِ ٻيا به اھڙا ڪافي سارا واقعا آھن، ڪجھ اسان جي ذھنن جي اسڪرينن تان مٽجي ويا آھن ته ڪافي سارا ميڊيا تي به رپورٽ ڪو نه ٿا ٿين، سو وقت حڪومت کي گھرجي ته معصوم ٻارڙن سان زيادتين، کين اغو ۽ قتل وارن واقعن کي فوري طور قابو آڻي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن.

 

مختيار علي بلوچ/ تنگواڻي

وڏين صنعتن ۾ شامل ٿيندڙ گيمنگ!

 

گيمنگ دنيا جي وڏين وڏين صنعت ۾ شامل ٿيندڙ هڪ اهڙي صنعت آهي جيڪا هالي ووڊ کان به وڏي صنعت سمجهي پئي وڃي. پبجي (Players Unknown’s Battleground) مارچ 2017ع ۾ سمارٽ فون ۾ متعارف ڪرائي وئي. جنهن کان پوءِ پاڪستان سان گڏ پبجي گيم سموري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين مقبوليت ماڻي. ڪجهه وقت کيڏڻ کان پوءِ هي گيم انسان لاءِ هڪ عادت بڻجي ٿي وڃي ۽ ٻارن جي دماغ تي هر وقت سوار رهي ٿي، جنهن سان ٻارڙن جي صحت تي تمام گهڻو خراب اثر پوي ٿو.  ڪورونا وائرس جهڙي وبا دوران لاڪ ڊائون ۾ ٻارن لاءِ پبجي گيم دل وندرائڻ جو هڪ بهترين ذريعو هو. پاڪستان ۾ پبجي گيم ڪارڻ ٻارن جي آپگھات ڪرڻ جا به ڪيترائي واقعا سامهون آيا، جنهن کان پوءِ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽيءَ پاران پاڪستان ۾ عارضي طور تي پبجي گيم تي پابندي لاڳو ڪئي آهي. پي ٽي اي جو موجب ته پبجي تي مڪمل پابندي جو فيصلو صلاح مشوري بعد ڪيو ويندو، لاهور ۾ پبجي کيڏڻ جي اجازت نه ملڻ تان ڪجهه ڇوڪرن آپگهات ڪيو هو، جنهن بعد وارثن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪيون هيون. پبجي گيم تي پابندي لڳڻ کان پوءِ ٻار PTA جي ان فيصلي کان تمام گهڻا مايوس نظر اچن ٿا پر ان فيصلي سان انهن جون زندگيون تبديل ٿي سگھن ٿيو ۽ انهن ۾ هاڪاري لاڙا ايندا.

 

غلام مصطفيٰ بالادي/حيدرآباد

 

بوائز پرائمري اسڪول کي عمارت ڏيو!

 

گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول 1926ع ۾ قائم ٿيو هو جتي ھزارين شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم جھڙي زيور سان آراستا ٿيا ۽ ٿي رهيون آهن، ھتي بھترين استادن پنھنجي دلي جذبي ۽ ايمانداري سان اھڙي ته تعليم ٿا ڏين جو اڄ به پوري علائقي جي ھر قبيلي ۾ ان جو نالو روشن آھي. جنھن ۾ ھيڊ ماستر مولوي عبدالرزاق کوسو ھڪ بھترين استاد ھو، بعد ۾ 1960ع جي ڏهاڪي ۾ استاد عبدالرحمٰن کوسو پڙھائڻ شروع ڪيو، جنھن بھترين انداز ۾ سنڌي، رياضي ۽ ٻيا مضمون پڙھايا جنھن جو مثال نٿو ملي، پنھنجي وفات تائين يعني 1995ع تائين ان اسڪول ۾ ئي ڪم ڪندو رهيو، ان کان سواءِ استاد عبدالواسع، عبدالواحد، عبدالخالق، عبدالقاھر، عبدالقديم، عبدالمجيب کوسو ۽ ٻين به ھتي شاگردن کي تعليم ڏني، ھن وقت به ٻه بھترين استاد بھترين انداز ۾تعليم جو ڪم جاري رکندا پيا اچن. ھن وقت به اسڪول ۾ لڳ ڀڳ 200 حاضر شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن، جتي اسڪول جي لاءِ صرف ھڪ ڪمرو منظور ڪيو ويو آهي جنھن جو ڪم اڌ ۾ رهيل آهي. ڇت به استادن ۽ ڳوٺ وارن پنھنجي مدد پاڻ ٺھرائي آهي، ٺيڪيدار صاحب پئسا وٺي الائي ڪاڏي هليو ويو. استادن ۽ شاگردن کي سخت گرمي ۽ سخت سيءَ ۾ تمام ڏکيائي پيش اچي ٿي، جڳھ نه هجڻ سبب ٻارڙا ميدان ۾ پڙهن ٿا جنهن جي ڪري انهن جي صحت به خراب ٿئي ٿي. اسان جي سنڌ جي ايندڙ حڪومت کي دست بسته گذارش آهي ته اسڪول جي عمارت مڪمل ڪرائي ٻه يا ٽي ڪمرا اضافي ڏنا وڃن ته جيئن اسڪول ۾ تعليم جو ڪم بنا رنڊ روڪ جاري رھي سگھي.

 

عبدالصمد کوسو،ڳوٺ مولوي سراج الدين کوسو/ تنگواڻي