جيڪو ڪم 75سالن ۾ دشمن نه ڪري  سگهيا، اُهو اقتدار جي هوس ۾ مبتلا سياسي پارٽي ڪري ڏيکاريو: پاڪ فوج

0
159
جيڪو ڪم 75سالن ۾ دشمن نه ڪري  سگهيا
جيڪو ڪم 75سالن ۾ دشمن نه ڪري  سگهيا، اُهو اقتدار جي هوس ۾ مبتلا سياسي پارٽي ڪري ڏيکاريو: پاڪ فوج

پاڪستاني فوج جي ترجمان پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي گرفتاري کي قانوني قرار ڏيندي چيو آهي ته 9 مئي کي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نيب جي بيان موجب پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڪالهه قانون موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان حراست ۾ ورتو ويو، ان گرفتاري کانپوءِ فوج جي ملڪيتن ۽ تنصيبات کي منظم طريقي سان حملا ڪيا ويا ۽ فوج مخالف نعرا هنيا ويا

فوج اهو به چيو آهي ته ”هڪ طرف ته اُهي شرپسند قوتون پنهنجن محدود ۽ خود غرض مقصدن کي عوام کي ڀڙڪائي رهيون آهن ته ٻئي پاسي ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ فوج جي واهه واهه ڪندي به نٿا ٿڪجن

آءِ ايس پي آر موجب جيڪو ڪم ملڪ جو ازلي دشمن 75 سالن ۾ نه ڪري سگهيو، اهو هڪ سياسي ٽولي اقتدار جي لالچ ۾ ڪري ڇڏيو

بيان موجب ”پاڪ فوج انتهائي صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي وقار جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ انتهائي صبر ۽ برداشت سان ڪم ڪيو

فوج کي فوري ردعمل ڏيڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن کي پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي، پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ان سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو

هن کي به پڙهندا

ڪور ڪمانڊر هائوس، جي ايڇ ڪيو ۽ ڪنٽونمينٽ علائقن ۾ ڀڃ ڊاهه تي ڪهڙي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟

پنجاب ۽ ڪي پي کانپوءِ اسلام آباد ۾ فوج طلب

عمران خان جو 8 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور، پرتشدد مظاهرن دوران 8 ڄڻا مارجي ويا