ڪور ڪمانڊر هائوس، جي ايڇ ڪيو ۽ ڪنٽونمينٽ علائقن ۾ ڀڃ ڊاهه تي ڪهڙي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟

0
179
ڪور ڪمانڊر هائوس، جي ايڇ ڪيو ۽ ڪنٽونمينٽ علائقن ۾ ڀڃ ڊاهه تي ڪهڙي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟
ڪور ڪمانڊر هائوس، جي ايڇ ڪيو ۽ ڪنٽونمينٽ علائقن ۾ ڀڃ ڊاهه تي ڪهڙي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟

پاڪستان تحريڪ انصاف اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي آزادي تائين سڄي ملڪ ۾ پرامن احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سندس گرفتاري کانپوءِ گذريل ڏينهن ٿيل احتجاج دوران اهم عمارتن کي باهه ڏيڻ ۽ ڀڃ ڊاهه جا منظر ڏسڻ ۾ آيا

صورتحال ڪالهه ان وقت ڇڪتاڻ واري نظر آئي جڏهن مظاهرين فوجي ملڪيتن جهڙوڪ پاڪستان آرمي هيڊڪوارٽر، (جي ايڇ ڪيو) ۽ ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور کي نشانو بڻائڻ شروع ڪيو

راولپنڊي ۾ مڇريل مظاهرين جي ايڇ ڪيو جي گيٽ نمبر 1 جي ٻاهران سخت نعريبازي ڪئي ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ ڪجهه مظاهرين جي ايڇ ڪيو عمارت جي احاطي ۾ داخل ٿي ويا

نوٽ: جي ايڇ ڪيو جي جنهن گيٽ مان مظاهرين داخل ٿيا، اُتي ڪيتريون ئي چيڪ پوسٽون آهن ۽ اهم آفيسون اِنهن گيٽن کان ڪيترن ئي ڪلو ميٽرز جي فاصلي تي آهن، هتي سيڪيورٽي سخت هوندي آهي ۽ اُتي عام ماڻهو جو پهچڻ هڪ چيلينج هوندو آهي

سڄي ملڪ جي ڪنٽونمينٽ علائقن ۾ به اها ئي صورتحال هئي، جن کي عام طور تي فوجي ڇانوڻيون به چيو ويندو آهي

گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي حمايتين مبينا طور تي لاهور ڪنٽونمينٽ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، جڏهن ته پشاور سميت ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ ڪنٽونمينٽ وارن علائقن ۾ مظاهرن ۽ ڀڃ ڊاهه جون وڊيوز منظر عام تي آيون

فوجي ملڪيتن ۽ تنصيبات کي نقصان پهچائڻ ۽ انهن علائقن ۾ وڳوڙن خلاف قانون سخت آهن ۽ سزائون به سخت ٿي سگهن ٿيون

پر پهرين اچو ته سمجهون ته ڪنٽونمينٽ علائقن جي قانوني حيثيت ڇا آهي ۽ فوجي ملڪيت مان ڇا مراد آهي؟

ڪينٽومينٽ يا فوجي ڇانوڻي کي آئيني حيثيت حاصل آھي، پاڪستان ۾ فوجي ڇانوڻيون وفاقي علائقا آھن ۽ ڪينٽومينٽ ايڪٽ 1924 تحت قائم ٿيل آھن

هن ايڪٽ تحت ڪو به علائقو هٿياربند فوجن جي تربيت يا دفاعي مقصدن لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو ۽ هن ايڪٽ تحت اُن علائقي کي فوجي ڇانوڻي قرار ڏئي سگهجي ٿو

عام طور تي انهن علائقن ۾ رسائي لاءِ عام شهري کي ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪرڻي پوندي آهي، قانون ۽ ضابطن تي عمل ڪرڻو پوندو آهي

ڇانوڻي واري علائقي ۾ فوجي بيرڪون، تربيتي ميدان ، انتظامي عمارتون، اسپتالون، اسڪول ۽ ٻيون عمارتون شامل آهن، اهڙي طرح هر فوجي ڇانوڻي ۾ به هڪ پوليس اسٽيشن هوندي آهي جيڪا ملڪ جي ٻين پوليس اسٽيشنن وانگر ڪم ڪندي آهي

پاڪستان ۾ هٿياربند فوج، سامونڊي ۽ هوائي فوج جي ڊسپلين يا ڪنهن به ڏوهه تي پاڪستان آرمي، نيول ۽ ايئرفورس ايڪٽ تحت فوج جي اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، پر عام شهرين کي به اِن ايڪٽ تحت سزا ڏئي سگهجي ٿي

فوجي ڇانوڻي يا ڪنٽونمينٽ ايريا يا ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ قانون خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي صورت ۾ جيڪڏهن جوابدار فوجي هجي ته ان خلاف پاڪستان آرمي ايڪٽ 1952ع تحت ڪارروائي ڪئي وينديفوٹو: سوشل میڈیا

جي ايڇ ڪيو جي اڳوڻي اهلڪاموجب جيڪڏهن فوج پاڻ پوليس کي ڪنهن فوجي شخص خلاف ڪارروائي يا جاچ جو اختيار ڏيڻ چاهي ته اهو ممڪن آهي، پر ڪارروائي اڪثر ڪري فوج پاڻ ڪورٽ مارشل جي صورت ۾ ڪندي آهي

جيڪڏهن ڪو شهري ڇانوڻي واري علائقي ۾ ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث هجي ٿو ته ان خلاف پاڪستان پينل ڪوڊ تحت ڪائونٽي پوليس اسٽيشن ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي آهي ۽ پوليس کيس حراست ۾ به وٺندي آهي

جاسوسي، فوج ۾ بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ ۽ فوجي اهلڪار تي حملو ڪرڻ ۽ ٻيا اهڙا سنگين ڏوهه فوجي قانونن تحت قابل سزا آهن

آپريشنل فوجي تنصيبات ۾ جي ايڇ ڪيو به شامل آهي، ان ڪري هن عمارت تي ڪنهن به حملي کي پاڪستان آرمي ايڪٽ جي تناظر ۾ ڏٺو ويندو ۽ حملي ۾ ملوث شهرين خلاف فيلڊ جنرل ڪورٽ تحت ڪارروائي ممڪن آهي

هي به پڙهندا

فوجي ملڪيتن تي حملي ۾ پي ٽي آءِ ملوث ناهي: پي ٽي آءِ قيادت

وڳوڙين کي سختي سان منهن ڏنو وڃي: مراد علي شاهه