پنجاب ۽ ڪي پي کانپوءِ اسلام آباد ۾ فوج طلب

0
199
پنجاب ۽ ڪي پي کانپوءِ اسلام آباد ۾ فوج طلب
پنجاب ۽ ڪي پي کانپوءِ اسلام آباد ۾ فوج طلب

ڪراچي: پنجاب ۽ ڪي پي کانپوءِ اسلام آباد جي ريڊ زون لاءِ فوج جون خدمتون طلب ڪيون ويون آهن، وفاقي گهرو وزارت منظوري به ڏئي ڇڏي آهي

پنجاب ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي گذريل ڏينهن کان جاري مظاهرن ۽ ڇڪتاڻن کانپوءِ نگران حڪومت امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فوج جون خدمتون طلب ڪري ورتيون آهن

…پنجاب کانپوءِ خيبر پختونخواهه سرڪار پاران به فوج طلب ڪئي وئي، وفاقي سرڪار پنجاب ۾ امن امان لاءِ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

وفاقي گهرو کاتي پنجاب ۾ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، پاڪ آرمي جي 10 ڪمپنيز  جون خدمتون پنجاب حوالي ڪيون ويون آهن، جنهن جو  نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو

نوٽيفڪيشن موجب پنجاب ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو آئين جي آرٽيڪل 245 تحت ڪيو ويو، فوج امن امان يقيني بڻائڻ لاءِ انتظاميا سان گڏجي ڪم ڪندي

ٻئي پاسي اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا ريڊ زون جي حفاظت لاءِ پاڪستاني فوج کي مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي

ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد طرفان گهرو وزارت کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ريڊ زون جي سڪيورٽي جي ذميواري فوج حوالي ڪئي وڃي

اسلام آباد جو ريڊ زون اهو علائقو آهي جتي سفارتخانن کان کانسواءِ پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن ۽ مختلف وزارتن جون آفيسون آهن

هن کي به پڙهندا

سنڌ ۾ قلم 144 لاڳو: 4 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ  ٿيڻ تي پابندي

ڪور ڪمانڊر هائوس، جي ايڇ ڪيو ۽ ڪنٽونمينٽ علائقن ۾ ڀڃ ڊاهه تي ڪهڙي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟

اسد عمر کانپوءِ شاهه محمود قريشي به گرفتار