عمران خان جو 8 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور، پرتشدد مظاهرن دوران 8 ڄڻا مارجي ويا

0
254

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي عدالت القادر ٽرسٽ يونيورسٽي ڪرپشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو 8 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو

گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان گرفتار ڪيل پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي  پوليس لائينز کي عدالت جو درجو ڏئي اُتي کيس پيش ڪيو ويو

نيب اختيارين عدالت کان استدعا ڪئي ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان کان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي، تنهنڪري سندس 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو وڃي

عدالت نيب جي استدعا رد ڪندي عمران خان کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو آهي

احتساب عدالت نيب کي حڪم ڏنو آهي ته 17 مئي تي عمران خان کي ٻيهر پيش ڪيو وڃي

جڏهن ته القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس ۾ عمران خان جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن به پرتشدد مظاهرن جو سلسلو جاري آهي، ڪي پي ۾ مڇريل مظاهرين مريض کڻي ويندڙ ايمبولينس ٽوڙي ڇڏي

پوليس موجب مظاهرين مريضن کي لاهڻ بعد ايمبولينس کي تباهه ڪيو، جڏهن ته ريڊيو پاڪستان تي مڇريل ماڻهن حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي

مختلف شهرن ۾ پرتشدد مظاهرن دوران 8 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن، ڪيترين ئي گاڏين کي باهيون ڏئي ساڙي ويو آهي، پوليس پاران شيلنگ ۽ فائرنگ پڻ ڪئي وئي آهي

اسلام آباد، لاهور، فيصل آباد، ملتان، ڪراچي، گجرانوالا سميت پنجاب جي وڏن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرن دوران پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي، جڏهن ته نگران حڪومت جي درخواست تي پنجاب ۾ فوج ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن

خيبرپختونخواهه جي نگران حڪومت موجب ڪالهه کان هيل تائين ٿيل پرتشدد مظاهرن دوران 30 کان وڌيڪ گرفتاريون عمل ۾ آنديون ويون آهن

پنجاب پوليس ڀڃ ڊاهه جي الزام ۾ 945 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيوآهي، جڏهن ته  ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث ماڻهن کي سي سي ٽي وي فٽيجز ذريعي سڃاڻپ بعد گرفتاري عمل تيز ڪيو ويو آهي

ٻئي پاسي حيدرآباد پوليس پاران گرفتار ڪيل تحريڪ انصاف جي 16 ڪارڪنن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت 20 -20 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ڪارڪنن جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

مان 24 ڪلاڪن کان واش روم ناهيان ويو: عمران خان

پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ بيان ڏنو آهي ته هو 24 ڪلاڪن کان واش روم نه ويو آهي

عدالت ۾ موجود وڪيلن ٻاهر اچي ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو ته عمران خان عدالت کي ٻڌايو آهي ته اُن جي علاج لاءِ ڊاڪٽر فيصل کي گهرايو وڃي

عمران خان عدالت ۾ چيو ته مونکي ڊپ آهي ته مقصود چپڙاسي وارو ڪم نه ٿئي، هيءَ انجيڪشن لڳائيندا آهن، ماڻهو آهستي آهستي مري ويندو آهيمان 24 ڪلاڪن کان واش روم ناهيان ويو: عمران خان جو عدالت ۾ بيان

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ القادر ٽرسٽ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب ٻڌايو ته عمران خان کي گرفتاري وقت وارنٽس ڏيکاريا هئا

ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب عمران خان جي وڪيلن کي دستاويز فراهم ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي آهي

نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته برطانيا جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي ڪرپشن جي جاچ ڪئي، واپس ڪيل رقم پاڪستاني حڪومت بدران پراپرٽي ٽائيڪون سان ايڊجسٽس ڪئي وئي

خواجه حارث دليل ڏنا ته القادر ٽرسٽ جي زمين تي بلڊنگ ٺهيل آهي، ٽرسٽ ۾ ماڻهو مفت تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، ٽرسٽ جو هڪ ليگل پرسن هوندو آهي، جيڪو پبلڪ آفيس هولڊر ناهي هوندو ۽ عمران خان هن وقت پبلڪ آفيس هولڊر ناهي

هي به پڙهندا

مان 24 ڪلاڪن کان واش روم ناهيان ويو: عمران خان جو عدالت ۾ بيان

توشه خانه ڪيس: عمران خان تي فرد جرم لاڳو