شرپسندن کي خبردار ڪريان ٿو ته قانون هٿ ۾ کڻندڙن کي ٻنهي هٿن سان چٿيو ويندو: وزيراعظم شهباز شريف قوم کي خطاب

0
158
پاڪستان تمام جلد پنهنجن پيرن تي بيهي ڏيکاريندو: وزيراعظم
پاڪستان تمام جلد پنهنجن پيرن تي بيهي ڏيکاريندو: وزيراعظم

شرپسندن کي خبردار ڪريان ٿو ته قانون هٿ ۾ کڻندڙن کي ٻنهي هٿن سان چٿيو ويندو، پي ٽي آءِ جي قيادت حساس ملڪيتن تي دشمنن جيان حملا ڪيا، پاڪستان جي عوام ڪڏهن به اهڙا منظر نه ڏٺا آهن

 وزيراعظم شهباز شريف قوم کي خطاب ۾ چيو آهي ته عمران خان کي ڪرپشن جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، نيب اُن ڪيس جي جاچ ڪري رهيو آهي، حساس سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائي ملڪ دشمني جو ثبوت ڏنو ويو

 پاڪستان جي سياسي تاريخ تلخ رهي آهي، سياست ۾ انتقامي ڪارروائين جو انجام سٺو ناهي هوندو، اسان کي ماضي مان سبق سکڻ گهرجي، گذريل 4 سالن ۾ ڪيس نه فيس ڏٺو ويندو هو، طئه ڪيو ويندو هو ته ڪنهن کي جيل موڪلڻو آهي ۽ ڪنهن کي رعايت ڏيڻي آهي، عمران خان جي حڪومت ۾ رڳو الزامن تي گرفتاريون ٿينديون هيون

هن کي به پڙهندا

جيڪو ڪم 75سالن ۾ دشمن نه ڪري  سگهيا، اُهو اقتدار جي هوس ۾ مبتلا سياسي پارٽي ڪري ڏيکاريو: پاڪ فوج

عمران خان جو 8 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور، پرتشدد مظاهرن دوران 8 ڄڻا مارجي ويا

عمران پاڪستان جي سياست جو غيرضروري عنصر آهي: مولانا فضل الرحمان