جديد سنڌي ادب۽شيخ اياز جي شاعري

0
1110
سنڌي-ٻولي-جاڳرتا-مھم-۽-اسان-جون-ذميواري

 ڪنهن به خطي  ٻولي جو حسن شاعري سان جڙي ٿو. ادب جي دنيا ۾ شاعري هڪ عظيم تخليق تصور ڪئي وڃي ٿي. شاعري فائن آرٽس سان واسطو رکندڙ اها صنف آهي جنهن ۾ خيالن جي گهرائي سان گڏوگڏ موسيقيت پڻ شامل آهي. ارسطو پنهنجي ڪتاب “پوئيٽڪس”۾ لکيو آهي ته شاعري جو وڏو مقصد لطف مهيا ڪرڻ آهي. سنڌي زبان ۾ لطيف جي شاعري نه صرف ٻولي جو جياپوآهي پر لطيف جي شاعري جي ڇاپ نسل درنسل، پنهنجا اڻ مٽ نشان ڇڏيا آهن. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي شاعري ۾ جيڪا جديديت جي لهر آئي آهي انهي شاعري جي اسلوب ۽ تخيل کي تمام گهڻو مٿي ڪيو آهي.

لطيف کان پوءِشيخ اياز سنڌي شاعري کي نئون موڙ ڏنو ۽ سنڌي شاعري کي جدت جي مالها ۾ پروئي هو نئين سنڌ جو  آواز بڻجي ويو. شيخ اياز سنڌي شاعري جي کيتر ۾ سنڌي غزل ۽ ٻي شاعري کي ڌاري روايت مان ٻاهر ڪڍي انهي جون جڙون سنڌي شاعري سان ملايون جديد سنڌي ادب ۾ اياز جي شاعري ۽ نثر جي نئين دور جي تخليقڪارن تي هڪ وڏي ڇاپ رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ ۾ شاعرن جي وڏي کيپ شيخ اياز جي ڏانءُ ڏات جي پوئلڳ ۽ ڊڪشن جي پوئواري ڪندي لکڻ جي طبع آزمائي ڪندي رهي آهي. شيخ اياز جي شاعري توڙي نثر جا پهلو ايترا سگهارا آهن، جو شيخ اياز کي نئون نسل پنهنجو آواز سمجهي ٿو. جديد سنڌي ادب ۾ شيخ اياز جو نانءُ هن صدي جي وڏي سرجڻهار طور ورتو وڃي ٿو.

شيخ اياز جي شاعري ۾ ٿر جو پسمنظر؛

اياز جي شاعري ۾ خوبصورتي جو هر رنگ پسجي ٿو ۽ ايازسنڌ جي مختلف خطن جي منظر نگاري کي پنهنجي شاعري ۾ سموئي پنهنجي شاعري کي نوان رنگ ڏنا آهن.اياز پنهنجي شاعري ۾ ٿر جي پس منظر کي خوبصورتي سان چٽي ٿر جي لوڪ رنگن کي نروار ڪيو آهي. شيخ اياز ٿر جي لوڪ ادب، تاريخ ۽ ٿر جي فطري حُسناڪي کي پنهنجي شاعري ۾ سمويي ٿر کي امرتا بخشي آهي. ٿر جي فطري  حُسناڪي، ٿر جي ٻولي، ريتن رسمن، ٿر جي وسڪارن، سان محبت ڪندڙ سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز ٿر کي سرڳ سان سڏيندي پنهنجي چونڊ جو اظهار ڪندي چوي ٿو ته؛

ساٿي مون دنيا گهمي چونڊيو آهي ٿر

ڄڻ ڪنهن سرڳ سمان آ، واري تي گهر

سانجهي وير امَر، رتيءَ ريت تي.

اياز جي شاعري ۾ لوڪ گيت جي گونج به آهي ته سندس شاعري ٿر جي فطري حسن جي عڪاس ڪري ٿي. ٿر جي خطي جا سمورا منظر اياز جي شاعري جي حُسناڪي جي اپٽار ڪن ٿا. اياز پنهنجي هڪ مضمون “اُٺا مينهن ملير ۾” لکيو آهي ته “ ٿرپارڪر سنڌ جو اُهو خطو آهي، جنهن سان مون کي خاص رغبت رهي آهي، ۽ جنهن جي تهذيب ۽ تاريخ منهنجي شاعري کي ڪافي اُتساهيو آهي”.

ٻيو جنم ٿر ۾ وٺڻ جي خواهش ڪندڙ شيخ اياز ڪٿي ايئن به لکيو ته؛

مينهن جڏهن مانڊاڻ ڪندا، مان

ساري وارياسي تي وسندس،

ڪارونجهر جي ڪور مٿان مان،

سانوڻ جي ڪڪرن سان گندس….

نيٺ ته تنهنجو من ڀانئيندا،

چانڊوڪي راتين ۾ مارو،

مون کي ٿر بر ۾ ڳائيندا.

ٿر جي پس منظر ۾ لکيل اياز جي شاعري، ٿر جي لوڪ ادب ۽ تاريخ جو تسلسل آهي. شيخ اياز ٿر جي فطري حسن، لوڪ رنگن  ۽ تاريخي قصن کي نثر ۽ شاعري ۾ محفوظ ڪري ڪجهه ڪتاب پڻ لکيا آهن . شيخ اياز ٿر جي ماڳن، مڪانن، وٿاڻن، ڀٽن، سانوڻي مند جي تهوارن، مورن ۽ وسڪارن جي دلڪش منظرن کي پڻ پنهنجي شاعري ۽ نثر ۾ محفوظ ڪيو آهي. هڪ هنڌ شيخ اياز لکيو آهي ته

مور جتي ٽهوڪا ڪن، مان اُت هوندو سان

مون کي ياد ڪجان، جڏهن وسن مينهڙا.

شيخ اياز جيترا ڀيرا به ٿر آيو تڏهن هُن مختلف وقتن تي پنهنجي شاعري کي نوان رنگ ڏنا. هُن پنهنجي شاعري ۾ ڪارونجهر کي به ڳايو ته ٿر جي ڀٽن کي به ڳايو. شهر مٺيءَ تي باک ڦٽڻ جي منظرن ۽ ڇاڇري جي ڀرم ڀريل ڀٽن جي منظرن کي به هو ڪين وساري سگهيو.

هي جو تنهنجو پاکڙو، اهو ڇاڄاڻي،

ويندو سُڀاڻي، ڇم ڇم ڪندو ڇاڇري.

اڪن نيرا ڦليا، مٿان مينهن وسن،

سارو ڏينهن گسن، ڪارونجهر تي ڪڪريون.

 مٺيءَ شهر تي باک ڦٽڻ جي منظر کي شيخ اياز نهايت ئي خوبصورت انداز سان پيش ڪري پنهنجي شاعري ۾ منظر نگاري ڪئي آهي، اياز مٺيءَ تي باک ڦٽڻ جي منظر کي ڪجهه هن ريت پيش ڪري ٿو ته

مٺي تي جيئن باک ڦٽي ٿي،

ڀِٽ ڀِٽ آ ڳاڙهي گلاب جيان،

هن ڌرتي جي خواب جيان،

ڀِٽ ڀِٽ گونجي ٿي جن سان

منهنجي روح رباب جيان،

واري جا طوفان اُٿن ٿا،

آنڌي جيئن انسان اُٿن ٿا،

ٿر بر روز حساب جيان،

ها ها منهنجي خواب جيان

ڳاڙهي گل گلاب جيان.

ٿر جي شاندار ثقافتي روايتن کي سڃاڻپ ڏيندڙ ڇاڇرو، ڪنهن دور ۾ عروج تي هوندو هو. ماضي ۾ شاندار اوج تي رهندڙ ڇاڇرو مختلف وقتن توڙي جنگين ۾ ضرور متاثر ٿيو هو ۽ انهي وقت ڪيترائي سنڌي هندو ڇاڇري مان لڏي هندوستان ويا هُئا. انهي وقت ڇاڇري مان هندوستان لڏي ويندڙ سنڌي هندن جي درد جي ڪيفيت کي سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز ڪجهه هن ريت بيان ڪيو هو ته؛

مان جو ان جي ريت جي، ڪڻ ڪڻ ۾ چمڪان،

مري ڀلا مان، ڪيئن ڇڏيندس ڇاڇرو!؟

شيخ اياز ٿر جي ڏکن ڏاکڙن کي به سمجهيو آهي ته هن ٿري ماڻهن جي درد جي ڪيفيت کي به سمجهيو آهي. شيخ اياز ٿر جي غربت بک بدحالي جي ڪيفيت کي ڪجهه هن ريت لکيو هو ته

ٿر ۾ مٽيءَ ڪونڊيون، اَٽو اَٽو ڪن،

مارُو روز مَرن، چؤنري چؤنري بکُ ۾ ،

 گذريل ڏينهن اڳ ۾ ننگرپارڪر وڃڻ ٿيو ته پارڪر جي پڊن ٿي هلندي مون کي شيخ اياز جي شاعري ذهن تي تري آئي. ڪارونجهر جا گيت ۽ راسوڙن جون راتيون ڀلين ٿريا ڪين وساري سگهيا هجن، پر اياز به  ٿر جي سانوڻي تهوارن ۽ ٿر ۾ راسوڙن  کي ڪين نه وساري سگهيو. ۽ ٿر جي راسوڙن جي لوڪ رنگن ۽ روايتن کي ۽ سانوڻي مند جي تهوارن کي  ياد ڪري هي سٽون تخليق ڪيون ته

ڇَم ڇَم ڪري ڇيڳري، راسوڙي جي رات،

پايل آندي پارڪر، گيت ڏنا گجرات،

منهنجي من جي مات، ڪنهن ڄاتو ڪهڙي هئي!.

هي ٿڌڙي جي رات، ٿر ۾ ڪيئي ڪولهڻيون،

تاڙيون وڳيون اوچتو، چيري چُپ چُپات،

آئي تنهنجي تات، راسوڙا رُڪجي ويا.

1964ع ۾ شيخ اياز ميرپورخاص کان وٺي ننگرپارڪر تائين جيڪو سفر ڪيو ان سفر اياز جي شاعري کي نواڻ ڏني.اياز پنهنجي شاعري ۾ نوان رنگ ڀري  ٿر جي فطري حسن جي اُپٽار ڪئي.  ٿر ٻولين جي لحاظ کان بيحد گھڻو خوش نصيب علائقو رهيو آهي. ٿر جي مختلف حصن  ۾ مختلف ٻوليون ۽ لهجا ڳالهايا وڃن ٿا انھن ٻولين مان اتساھه وٺي اياز ڪجهه  لوڪ گيت پڻ لکيا آهن

اياز لوڪ گيتن جي  تتبع ۾ گيت لکي ماضيءَ جي احساساتي منظرنامي ۾ پنهنجي دور جي طرز احساس جو اظهار ڪيو آهي. سندس مجموعي وڄون وسڻ آيون ۾ ڪيترا لوڪ گيت موجود آهن، جڏهن ته “ڪپر ٿو ڪُن ڪري” ۾ سندس مشهور لوڪ گيت “همرچو” شامل آهي. هتي اياز جي لوڪ گيت “همرچو” جا ٻول ڏجن ٿا:

هيل گهٽا گهنگهور الا،

سانوڻ زورا زور الا،

همرچي جو ويلو ڙي….

-رم جهم رم جهم رات الا،

گهنن گهنن برسات الا،

همرچي جو ويلو ڙي…

اهڙيءَ ريت ٿر جا سمورا لوڪ گيت، جيڪي ٿر جي اصلوڪي ادب جو املهه خزانو آهن. ۽ جڏهن ڀتوارڻيون ٻه ٽي گڏجي منجهند جو مانيءَ ويلي خوشيءَ مان لوڪ گيت گنگنائينديون ٻنين جي واٽ وٺنديون آهن، تنهن مهل ٿاريلين جي سينن تان ڄڻ صدين جا سُور لهي پوندا آهن.سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز ٿر جي سموري فطري حُسن کي نثر ۽ شاعري ۾ محفوظ ڪري ٽي ڪتاب لکيا آهن. شيخ اياز ٿر جي ماڳن، مڪانن، وٿاڻن، مورن ۽ وسڪاري جي دلڪش منظرن کي پنهنجي شاعري ۽ نثر ۾ محفوظ ڪيو آهي.

شيخ اياز، جنهن پنهنجن گيتن کي ٿر جي سونهن جي سحر مان ٻاهر ڪڍڻ ئي ڪٿي ٿي چاهيو، ۽ ٿر جي ڪشادي پولار ۾ هن پنهنجن گيتن کي سانوڻ جا گيت سڏيندي ڪٿي ايئن به چيو هو ته:

هي گيت گلابي جهڙ ڦڙ جا،

هي گيت شرابي جهڙ ڦڙ جا،

هي سانوڻ جا، من ڀانوڻ جا،

هي آگم آگم آوڻ جا..

اھڙي ريت جديد سنڌي ادب ۾ شيخ اياز جي شاعري جا رنگ نرالا آهن.