اياز ميلو ۽ دونھاٽيل سرگوشيون..!!

0
190
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

مشتاق سعيد سجاول مان لکي ٿو

شاعري ۽ ادب جي تاريخي ڪٿائن ۽ ارتقائي مسافريءَ ۾ پڻ اھڙا ئي موڙ ايندا رھيا آھن، جھڙا موڙ انسان، پنھنجي ارتقائي مسافريءَ دوران جسماني، تھذيبي ۽ علمي واٽن تي ڏٺا ۽ تڳيا آھن، ڪائنات ۽ سوچن جي سھسھين رنگين روپن، ۽ زندگيءَ جي گوناگون رمزن ۽ رنگن جيان، ادب پڻ ڪڏھن، ڪنھن ھڪ مخصوص دائري جو محتاج ناھي رھيو، ادب ۽ شاعري، برابر انسان جي زندگي سان ايئن جڙيل آھن، جيئن ڪڙو منجھه ڪڙي لوھار لپيٽي ڇڏيندا آھن، پر حيرت ناڪ الميو، ادب ۽ شاعريءَ سان تڏھن رونما ٿيندو آھي، جڏھن ادب يا شاعري، زندگي ۽ زندگيءَ جي حسين خوابن جي، گوناگون راھن تي وڇائجي ۽ ڇائنجي وڃڻ بدران، زندگي جي ڪنھن ھڪ خاص “ادارڪ ”سان سلھاڙجي سميٽجي ۽ چنبڙي ھڪ ھنڌ بيھي رھندي آھي، “شاعري ” ته برابر ڪنول جي گلن جي سونھن، ڪوملتا ۽ معصوميت جي اثر ھيٺ اڀري، اپڙي ۽ سرجي پوندي آھي، پر شاعري بذات خود، ڀئونري جي گيت جيان ھوندي آھي، اھو ڀئونرو جيڪو آڪاس ۾ ڀرندو آھي، پوءِ ڀلي ئي سندس گيت جو محرڪ، ان ڪنول جي اجرائپ ۽ سندرتا ئي ھجي، جنھن ڪنول جون پاڙون پاتال ۾ ھونديون آھن، شاھه لطيف جي ھيءَ سٽ ڪيڏا نه گھرا “نک ”وجھي ٿي، شاعراڻي جماليات تي ته : ڪنول پاڙون پاتال ۾، ڀئونر ڀري آڪاس…!

   شاعري جا باطني توڙي ظاھري محرڪ، ڀلي ئي کڻي محبت جي ميٺ، حسن جي حسرت ۽ ڌرتيء سان عميق جذباتي لڳاءَ يا سماجي قدرن سان بغاوت تي ئي ھجن ٿا، پر شاعريءَ لاءِ اھي سمورا لقاءَ، ڪنول جي گل جيان دلڪش ۽ ڇڪ پيدا ڪندڙ ھوندا آھن، شاعري ڪنول جي گل جيان صرف پاتال ۾ پاڙون ھڻي ھڪ ٿاڪ تي بيھي ناھي سگھندي، شاعري ته ان ڀئونري جي گيت جيان ھوندي آھي، جيڪو آڪاس ۾ ڀرندو ۽ فطرت جا گوناگون سر آلاپيندو آھي، ٻنھي جي عشق کي شاباس ڏيڻ واري لاڙي کي، ترجيح ھجڻ ته گھرجي، پر ڏسڻو اھو پڻ ھوندو آھي ته ڀئونري جي آلاپ جيان شاعري آڪاس ۾ اڏارون ڪري، فطرت جي گوناگونيت کي ورنائي رھي آھي يا نه؟

  اياز ميلو لڳندي ئي عجب سرٻاٽون ۽ سرگوشيون ادبي مانڊاڻ تي، ولھه جيان وسڻ لڳيون، جن کي ٻڌي ۽ پڙھي حيران ٿيڻ جو احساس ٿورو مبھم ٿيڻ لڳو آھي، ميلو، ميلي جي ترتيب، انتظام ڪاري، توڙي ميزبانيت ۽ مھمانيت، ھڪ الڳ موضوع آھي، پر بذات خود اياز ھڪ الڳ موضوع آھي، سو شيخ اياز جي شاعري ۽ سندس فن توڙي فڪر کي پرکڻ جا ڪنھن وٽ ڪھڙا معيار مقرر ٿيل آھن؟ ڪھڙيون حدبنديون ۽ اصول توڙي ماپا جوڙيا ويا آھن؟ ڪھڙي ڪسوٽيءَ تي اياز جي ڪلام کي تورڻ گھرجي؟ ۽ اھي ڪسوٽيون، ماڻ ۽ ماپا ڪنھن جوڙيا آھن؟ اياز بابت ڪيترائي مختلف رايا ٻڌڻ ۽ پڙھڻ کانپوءِ، ڪڏھن ڏک ٿئي ٿو ته ڪڏھن چپن تي عجب گاڏڙ مرڪ تري اچي ٿي…!، ته ڪڏھن وري حيرت نما رنج محسوس ٿئي ٿو..!، سمورن راءِ ڏيندڙ ادبي پانڌيئڙن کي سوچڻ گھرجي ته ڇا اياز جي شاعري ڪنول جي گل جيان آھي؟ جنھن جون پاڙون پاتال ۾ کتل آھن ۽ ھو ھڪ ھنڌ بيٺل آھي؟ يا اياز جو گيت ان ڀئونري جي آلاپ جيان آھي جيڪو آڪاس ۾ اڏري ٿو؟ ۽ فطرت توڙي ڪائنات ۽ زندگي جي حسين اسرار جا، اڻ ڳڻيا گيت سرجي ٿو، ورونھن جھڙا لامحدود ۽ گوناگون روپ ۽ رنگ ان ڀئونري ۽ سندس آلاپ کي موھي وجھن ٿا ۽ پوري دنيا جي انسانيت لاء ڪو مربوط ۽ پرڪشش آلاپ جنمي ٿو…!؟

         تنقيد صحمتمند پڻ ٿي سگھندي آھي ته بيمار تنقيد پڻ ٿي سگھندي آھي، بيمار تنقيد مان مراد اھا آھي ته اھڙي تنقيد، جنھن ۾ ذاتي تعصب جو اڻ لکو عنصر موجود ھجي، ڇو ته تعصب درحقيقت ذھني سوچن ۽ جذبن جي بيماري (inflamation) ھوندي آھي، ان ڪري بيماري ورتل، يعني تعصب زده تنقيدي پھلوئن کي ميساري، جڏھن ھڪ صحتمند تنقيد جڙندي آھي تڏھن ان جو ھڳاءُ اھڙو حسين ھوندو آھي، جنھن کي ھر دل ذوق سان جذب ڪري سگھندي آھي.

      “ودياپتي ”ڪيڏي نه موھيندڙ سٽ لکي ھئي ته: اي پرين…! تنھنجي ذلفن اھا ڪوملتا ڪٿان آندي؟ ڪنول جو گل توتي گواھه آھي…!، پر ساڳئي وقت جڏھن“محمود درويش” لکيو ھو ته:“ ھن واريءَ باوجود عاشق پنھنجو رستو ڳولي ٿا لھن، ھو ھڪ ڳجھي ندي ڳولي ٿا لھن، ۽ ھڪٻئي کي چون ٿا ته واريءَ جي پکيڙ ڪيڏي نه مختصر آھي…!” تڏھن ھي شعر انيڪ دلين ۾ پيھي ويو ھو، اھا ڪھڙي ندي آھي؟ جيڪا عاشق ڳولي ٿا لھن؟ واريءَ کي جھاڳڻ کانپوءِ…!

        فھم ۽ شعور جي فھرست ۾ ڳڻجندڙ ذھنن کي اھو ضرور سوچڻ گھرجي، ته ڇا اياز جي شاعريءَ ڪا عشق جي ڳجھي ندي ڳولي لڌي ھئي؟ يا اياز صرف واريءَ جو مسافر بنجي رھجي ويو؟ اھا `واري´ جيڪا چوڌاري ايتري ته گھڻي اڏامي ۽ وسي رھي آھي، جو سمورو وايومنڊل بنهھ ڌنڌلائجي ويو آھي ۽ شفاف جھرڻي جي چمڪ توڙي آزاد پنڇي جي اڏار کي، نيري اڀ تي ڏسڻ مشڪل بڻجي پيو آھي…

اياز جا اھي ٻه جملا الائي ڇو فقط چند دلين ۾ ئي جذب ٿي سگھيا آھن، باقي انيڪ دلين تان واريءَ جي ڪڻين وانگي اڏامي ھليا ويا آھن، اياز جو ھڪ اھو جملو ته:“ ھر عظيم شخص پنھنجي دور کان اڳ ۾ ئي پيدا ٿي ويندو آھي…!” ۽ ٻيو اھو ته:“ آئون سڀاڻي لاءِ لکان ٿو، جيڪو نيٺ ته اچڻو آھي…!”