“ماروي ملير جي”

0
179
ڄاڻ جي حق جي طاقت

  18 آڪٽوبر2007ع تي جڏهن 8 ورهين جي جلاوطني کانپوءِ محترمه بينظير ڀٽو ڏيهه پهتي ته ڪراچي ايئرپورٽ تي انساني سمنڊ ان جي استقبال لاءِ اٿلي پيو هو. ايئرپورٽ کان ميلن تائين ماڻهن جو ميڙ هو. ان ڏينهن ماڻهو جوش ۾ تمام گھڻا نعرا هڻي رهيا هئا پر هڪ نعرو نمايان هو ۽ اهو نعرو هو “ماروي ملير جي، بي نظير، بي نظير”. ماروي در اصل سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ شاعري جو اهو ڪردار آهي، جيڪو وطن سان محبت جو استعارو آهي. پنهنجي ڌرتي، پنهنجي مٽي ۽ پنهنجا ماڻهو دنيا خاطر سڀ ڪجهه ڇڏي ڏيڻ ۽ ايستائين جو پنهنجي قرباني ڏيڻ وارو اهڙو ڪردار شايد دنيا ۾ ڪنهن ٻي قوم وٽ نه آهي. سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن سان محبت جو اظهار ماروي جي زبان ۾ ڪندا آهن جن حالتن ۾ پنهنجي زندگي کي خطري ۾ وجهي محترمه بينظير ڀٽو وطن واپس آئي هئي، ان کي محسوس ڪندي ماڻهن خود فيصلو ڪيو ته بينظير ماروي آهي ۽ وطن ملير آهي.

     ملير ۾ ئي ڪارساز جي مقام تي نئين دور جي ماروي کي قتل ڪرڻ لاءِ بم ڌماڪا ڪيا ويا، جن ۾ وطن جا ڪيترا مارو شهيد ٿي ويا. اها هڪ قيامت صغريٰ هئي. 19 آڪٽوبر تي ٽه پهري جو 3 بجي اسان کي اطلاع مليو ته بينظير ڀٽو شام ڇهين وڳي بلاول هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي. جڏهن اسان بلاول هائوس پهتاسين ته ماحول تمام سوڳوار هو. ماڻهن جو هجوم هئڻ باوجود دل ڌوڏيندڙ خاموشي هئي. محترمه بينظير ڀٽو پريس ڪانفرنس ۾ آئي ته اتي موجود هر شخص کي ڏسي حيرت ٿي ته انهن جو مورال (حوصلو) تمام بلند هو. پريس ڪانفرنس کان اڳ هوءَ شهيدن جي ڀاتين سان ملي آئي هئي. سندس اکين مان لڳو هو ته هوءَ روئي رهي هئي پر جڏهن هن پريس ڪانفرنس شروع ڪئي ته سندس آواز ۾ گجگوڙ هئي. چهري تي ڏک ۽ ڪرب جي باوجود هوءَ پنهنجي گجندڙ آواز سان اهو پيغام ڏئي رهي هئي ته هوءَ دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن کان ڊنل ناهي.

پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجو وارو اچڻ تي مون سوال پڇي ئي ورتو، جيڪو مون سوچي رکيو هو. مون سوال ڪيو ته ڪارساز سانحي کانپوءِ ڇا هوءَ عوامي رابطه مهم جاري رکندي؟ ان سوال سان دراصل آئون کيس اهو احساس ڏيارڻ چاهي رهيو هئس ته ڪجهه قوتون کيس پنهنجي رستي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪري چڪيون آهن. ان ڪري هوءَ پنهنجي عوامي رابطه مهم جو ارادو ڇڏي ڏئي. منهنجي سوال تي ڪجهه دير ته هوءَ مون کي ڏسندي رهي. مون محسوس ڪري ورتو ته جيڪو ڪجهه آئون چوڻ چاهيان ٿو، هوءَ سمجهي وئي آهي. محترمه نهايت صبر سان جواب ڏنو ۽ چيو ته “اهي ماڻهو به اهو ئي چاهين ٿا ته آئون چونڊ مهم نه هلايان ۽ واپس هلي وڃان. اهي ماڻهو چاهي ٿا ته ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت بحال نه ٿئي پر هاڻي جيڪڏهن جمهوريت بحال نه ٿي ته پاڪستان لاءِ خطرا وڌي ويندا.” پوءِ هوءَ خاموش ٿي وئي. ٿوري وقفي کانپوءِ هن چيو ته “آئون ماڻهن سان گڏ رهنديس”.

 بلاول هائوس مان نڪتاسين ته منهنجي ذهن ۾ هڪ سوال گونجي رهيو هو ته ڇا محترمه بينظير ڀٽو کي پنهنجي زندگي کي درپيش خطرن جو اندازو ناهي؟ پاڪستان پيپلزپارٽي جو اڳواڻ راڻا محمد رمضان (جنهن کي دوست پيار مان داني چوندا آهن) به ڪراچي آيل هو. هن دبئي کان ڪراچي روانگي جي وقت محترمه بينظير ڀٽو کي امام ضامن ٻڌو هو. مون ان کي چيو ته توهان بي بي جي ويجها رهو ٿا، ڇا بي بي کي اندازو ناهي ته ان جي زندگي کي خطرو آهي. رمضان داني جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ هو ٻڏندڙ آواز ۾ ٻڌائڻ لڳو ته “ خدا جو قسم بي بي کي صرف اندازو ئي نه پر يقين آهي ته کيس قتل ڪيو ويندو. ڪا ڪنوار پنهنجي شادي جي تياري ايتري ناهي ڪندي، جيتري بي بي پنهنجي موت لاءِ ڪئي آهي”.

پوءِ جي واقعن ثابت ڪيو ته محترمه بينظير ڀٽو کي پنهنجي موت جو پورو يقين هو. هڪ ٻن ڏينهن کانپوءِ اها خبر آئي ته ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي مقبري جو دروازو بند ڪري محترمه بينظير ڀٽو اڪيلي اندر ويٺي رهي. ماڻهو ٻڌائين ٿا ته اها مٽي جتي هوءَ ويٺي رهي، جتي هاڻي ان جو مقبرو آهي، هن حڪم ڏنو هو ته ان وقت تائين ڪير دروازو نه کولي، جيستائين هوءَ پاڻ ٻاهر نه اچي. هوءَ اتي ٻه ڪلاڪ موجود رهي. ان واقعي کانپوءِ هوءَ ٻيهر عوامي رابطه مهم تي نڪري وئي. هن کي هر جلسي ۽ ريلي ۾ وڃڻ کان اڳ خبردار ڪيو ويندو هو ته سندس زندگي کي خطرو آهي، پر هوءَ هر ڀيري اهو ئي چوندي هئي ته آئون پنهنجي ماڻهن سان گڏ رهنديس ۽ منهنجو جيئڻ مرڻ منهنجي ماڻهن سان گڏ آهي.

پوءِ پاڪستان جي تاريخ ۾ 27 ڊسمبر 2007ع جو ڏينهن به آيو، جيڪو هن خطي جي تاريخ جو خطرناڪ ڏينهن هو. محترمه بينظير ڀٽو کي لياقت باغ راولپنڊي ۾ بي دردي سان قتل ڪيو ويو. بعد ۾ محترمه بينظير ڀٽو جو ڪتاب “مفاهمت” شايع ٿيو ته ان ۾ هي لفظ لکيل هئا “ مون پنهنجي والد جي گرفتاري، قيد ۽ قتل جو عذاب ڀوڳيو هو ۽ ڄاڻان ٿي ته روح جا اهڙا زخم ڪڏهن ناهن ڀرجندا. پنهنجي والد جي موت جي تڪليف سٺي، ان کان پنهنجي ٻچن کي بچائڻ لاءِ آئون ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار هيس، پر اهو واحد ڪم هو جيڪو آئون نٿي ڪري سگهيس”. انهن سٽن ۾ محترمه بينظير ڀٽو ٻڌائي ڇڏيو هو ته هوءَ پنهنجي اولاد سان ڏاڍو پيار ڪندي هئي ۽ کيس موت جو صدمو ڏيڻ نه چاهيندي هئي. ان جي باوجود به هن موت کي شعوري طور تي قبول ڪيو.

محترمه بينظير ڀٽو ائين ڇو ڪيو؟ کيس پڪ سان پنهنجي اولاد کان به وڌيڪ پنهنجي وطن ۽ پنهنجي ماڻهن سان محبت هئي. هي ماروي ئي هوندي آهي، جيڪا مٽي ۽ مارن جي محبت ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيندي آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پنهنجي هڪ ڊگهي انگريزي نظم جو مصرعو آهي “آئون هڪ ماروي آهيان، پنهنجي مارن جي”. پوري سنڌ ماٿري يعني موجوده پاڪستان عهد جديد جي ماروي بينظير ڀٽو جو وطن ملير آهي. جنهن تي هوءِ قربان ٿي وئي.