تماش گاهه … عام چونڊن جي نتيجن جو مستقبل ڇو لٽڪيل آهي؟

0
26
تماش گاهه ... عام چونڊن جي نتيجن جو مستقبل ڇو لٽڪيل آهي؟

 8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جي مستقبل جي باري ۾ تجزيا نگار به ٻن ڪئمپن ۾ ورهايل آهن. ظاهري طور تي ته ڪو نتيجو نظر نٿو اچي ته ڇا ٿيندو؟ راولپنڊيءَ جي ڪمشنر لياقت علي چٺا جي انڪشاف ته صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي. ان کانپوءِ ڪجهه رٽرننگ آفيسرن جا بيان اچي ويا آهن ۽ ڪيترائي ته موڪل وٺي پرڏيهه روانا ٿي ويا آهن. ڪمشنر جي بيان جو ملبو آخر ڪنهن تي ڪرندو؟ ان جي بيان جو ڪو نه ڪو نتيجو ته نڪرڻو آهي. هي بيان ڪنهن  معمولي شخص جو بيان ڪونهي جنهن کي نظر انداز ڪري ڇڏجي. اليڪشن  ڪميشن توڙي جو جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي پر ڪميشن جي طرفان اخذ ٿيندڙ نتيجن تي هن مرحلي تي ڪير اعتبار ڪندو. انهن چونڊن جو مستقبل ڇا آهي، ان جي باري ۾ ويساهه سان ڪجهه چوڻ مشڪل آهي. وفاق ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي طرفان مشاورت جا ڪيترائي دور ٿي چڪا آهن پر انهن جو نتيجو اڃان تائين نه اچي سگهيو آهي. ٽين  وڏي پارٽي اڃان تائين خاموش آهي. ملڪ جي معاشي صورتحال سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايم ايف جو موڊ به ڪجهه صحيح نٿو لڳي. هڪ بين الاقوامي ريٽنگ ايجنسي فچ پاڪستان جي معاشي درجا بندي جي باري ۾ رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام ۾ پيچيدگيءَ جو خدشو موجود آهي. فچ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ غير يقيني سياسي صورتحال آءِ ايم ايف پروگرام ۾ پيچيدگي پيدا ڪري سگهي ٿي. پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف جو پروگرام مارچ ۾ ختم ٿي رهيو آهي. آءِ ايم ايف سان نئون پروگرام پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ڪري سگهي ٿو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فيبروري 2024ع ۾ پاڪستان جا مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا 8 ارب ڊالر آهن. فيبروري 2023ع ۾ اهي مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا 2.9 ارب ڊالر هئا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي پرڏيهي فنڊنگ جي ضرورت آهي. ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ پاڪستان جا مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا بهتر ٿي سگهن ٿا. نئين حڪومت کي فوري طور تي امدادي ادارن کان فنڊنگ حاصل ڪرڻ جي ضرورت پوندي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته چوندن ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوارن بهتر ڪارڪردگي پيش ڪئي. مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي مخلوط حڪومت جوڙڻ ۾ مصروف آهن نئين حڪومت لاءِ آءِ ايم ايف جو پروگرام هڪ چئلينج  هوندو. غير يقيني سياسي صورتحال آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ ڊيگهه جو سبب بڻجي سگهي ٿي. امدادي ادارن ۽ ملڪن کان فنڊنگ ۾ دير سان سڌارن جو عمل متاثر ٿي سگهي ٿو. فچ اميد ظاهر ڪئي آهي ته نئين حڪومت فوري طور تي آءِ ايم ايف سان رابطو ڪري. جيڪڏهن تحريڪ انصاف اقتدار کان ڪناره ڪش ٿئي ٿي ته عوام ۾ وڌيڪ متسحڪم ٿي سگهي ٿي.

ٻئي طرف پاڪستان جي صدر عارف علوي اسلام آباد ۾ هڪ تقريب ۾ تقرير ڪندي چيو آهي ته عوامي مينڊيٽ جو احترام ۽ سياسي شموليت يقيني بنائڻ اڻٽر آهي. صدر مملڪت عارف علوي چيو آهي ته عوامي مينڊيٽ جو احترام، “عوامي مينڊيٽ جو احترام ۽ سياسي شموليت يقيني بنائڻ اڻٽر آهي. اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي صدر مملڪت چيو آهي ته مالياتي شموليت عوامي جي سياسي شموليت کانسواءِ ممڪن نه آهي. ڪروڙين نوجوان ووٽرن طرفان جمهوري نظام تي اعتماد جو اظهار ساراهه جوڳو آهي. جيڪڏهن نظام تي نوجوانن جو اعتماد ڌڏي ويو ته اهو ملڪي مفاد ۾ نه هوندو. افسوس آهي ته قابل ماڻهن کي سياست مان ڪڍيو پيو وڃي. ملڪ ۾ سست فيصلي سازي ۽ قيادت جي کوٽ تي هن ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته عوام کي ترقياتي عمل کان ٻاهر رکڻ سان ملڪ تي منفي اثر پئجي سگهن ٿا. ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سٺي قيادت ۽ بروقت فيصلي سازي جي ضرورت آهي. پرڏيهه ۾ رهندڙن کي انٽرنيٽ ووٽنگ جو حق ڏيڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻ ممڪن هو. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن ذريعي چونڊ عمل ۾ بهتري آڻڻ ممڪن هئي پر افسوس جو ذاتي مفادن جي ڪري “آئي ووٽنگ” ۽ ووٽنگ مشين متعارف ٿي نه سگهي” ايوان صدر مان جاري ڪيل وضاحت ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عارف علوي عوامي مينڊيٽ جو احترام ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي.

ماضيءَ ۾ ٿيندڙ هڪ چونڊن جي باري ۾ اهو ضرور پڙهو ته ڇا ٿيو هو ۽ ان جا نتيجا ڪهڙا نڪتا. هيٺ ڄاڻايل حوالو شبير ابن عادل جي ڪتاب “جنرل ضياءُ ڪي دو سال” مان ورتو ويو آهي، جنهن ۾ ليکڪ چئي ٿو ته، “7 مارچ (1977ع) تي قومي اسيمبليون جون چونڊون ٿيون، جنهن جي نتيجن کي هڪ ڌر قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چونڊن ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌلين جو الزام مڙهيو. ڌانڌلين جي ان الزام جي تصديق ان طرح سان به ٿي جو بعد ۾ مسٽر ڀٽو جي حڪومت پي اين اي سان ڳالهين دوران ٻيهر چونڊون ڪرائڻ تي رضامند ٿي وئي هئي. جمهوري ملڪن ۾ عام طور تي اهڙي وڏ دلي جو مظاهرو گهٽ ئي نظر ايندو آهي ته چونڊون کٽڻ جي دعويٰ ڪندڙ حڪومتي پارٽي اوچتو اهڙي ريت ميدان ڇڏي ڀڄي وڃي. پوءِ 28 نومبر 1977ع تي اڳوڻي چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس سجاد احمد جان پرڏيهه مان علاج/ڏسو صفحو 2 بقايا 01

 ڪرائڻ کانپوءِ وطن واپس اچي ٻڌايو ته مارچ جون چونڊون مڪمل طور تي ڍونگ هيون ۽ پيپلز پارٽي جي اميدوارن بيلٽ باڪس جي تقدس کي پائمال ڪيو”. چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزام نئين سر چونڊن واري مطالبي جي شڪل اختيار ڪري ورتي. ان مطالبي کي تسليم ڪرائڻ لاءِ پاڪستان قومي اتحاد (پي اين اي) 14 مارچ تي سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائي، جنهن کي نظامِ مصطفيٰ جي تحريڪ پڻ چيو وڃي ٿو. تحريڪ ٻن مهينن تائين انتهائي شدت سان هلندي رهي ۽ ان کي روڪڻ لاءِ سموريون ڪوششون ناڪام ٿي ويون ايتري قدر جو مسلمان ملڪن جي نمائندن، خاص طور تي سعودي عرب جي سفير رياض الخطيب مرحوم ان سلسلي ۾ مصالحتي ڪوششون ڪيون، ته جيئن برادر ملڪ پاڪستان کي تباهي کان بچائي سگهجي ۽ انهن ڪوششن جي نتيجن ۾ ٻنهي ڌرين ڳالهه ٻولهه تي رضامندي ظاهر ڪئي. اهي ڳالهيون 3 جون کان 2 جولاءِ 1977ع تائين هلنديون رهيون حڪومتي ٽيم ۾ مسٽر ڀٽي سان گڏ عبدالحفيظ پيرزادو ۽ ڪوثر نيازي شامل هئا، جڏهن ته پي اين اي جي ٽيم مولانا مفتي محمود، پروفيسر غفور احمد ۽ نوابزاده نصرالله خان تي ٻڌل هئي. ظاهري طور تي ته ڳالهين ۾ آخري موڙ 15 جون تي آيو، جڏهن ٻنهي ڌرين ۾ عام چونڊون ٻيهر ڪرائڻ جو ٺاهه ٿي ويو ۽ وڌيڪ معاملا طئي ڪرڻ لاءِ عبدالحفيظ پيرزادي ۽ پروفيسر غفور احمد تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي. اڃان ان ٺاهه تي صحيون ٿيڻيون هيون ته مسٽر ڀٽو 18 جون تي وچ اوڀر جي پنجن ملڪن جي دوري تي اوچتو روانو ٿي ويو. اخبارن ۾ بيان بازي جو سلسلو هليو ۽ تيار ٿيل ماحول وري خراب ٿي ويو. 23 جون تي مسٽر ڀٽي جي واپسيءَ کانپوءِ ڳالهيون ٻيهر شروع ٿيون ۽ 2 جولاءِ تي ٺاهه جي سمورن نڪتن تي اتفاق راءِ جو اعلان ٿيو. پر ان رات پي اين اي جي ليڊرن وزير اعظم سان ٻيهر ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي ساٿين جي مطالبي تي، جن ٺاهه جي توثيق ڪرڻ چاهي هئي. اهو نڪتو اٿاريو ته ان ٺاهه کي آئين جو تحفظ گهربل آهي، جنهن جي لاءِ آئين ۾ ترميم ڪئي وڃي. بهرحال ڪو ٺاهه نه ٿيڻ جي صورت ۾ جنرل ضياءُ 5 جولاءِ 1977ع تي مارشلا لاڳو ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ جنرل ضياءُ جو اقتدار هوائي حادثي ۾ 1988ع ۾ ان جي موت تائين جاري رهيو. تاريخ مان سبق سکڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي.