ٽنڊوڄام (رپورٽر) سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ ٻن ڏينهن واري پي ڪي اين سي ڪانفرنس پڄاڻيءَ تي پهتي، مقامي ۽ عالمي ماهرن پاران ملڪ ۾ خوراڪ جو نظام تبديل ڪرڻ، پائيدار زرعي ترقي، غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻ ۽ سماج جي غريب ۽ ڪمزور ماڻهن کي تعليم ۽ سبسڊي تي غذائي خوراڪ فراهم ڪرڻ جون سفارشون پيش ڪيون، خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي ميزباني ھيٺ ۽ ڪوريا انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (ڪي او ائي سي اي) جي سهڪار سان ٻه ڏينهن واري پاڪ-ڪوريا نيوٽريشن سينٽر (پي ڪي اين سي) ڪانفرنس پنھنجي پڄاڻي تي پھتي، پڄاڻي واري تقريب دوران پيش ڪيل سفارشن ۾ تحقيق ذريعي موسمياتي سھپ وارن ٻج جي جنسون تيار ڪرڻ، صحتمند نسلن جي افزائش لاءِ، عورتن جي صحت کي بهتر بڻائڻ لاءِ غذائي نمونن ۾ انقلاب آڻڻ سميت 18 مختلف تجويزون شامل آهن وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته غذائي کوٽ سبب 15 سالن کان پوءِ ايندڙ نسل ڪمزور ٿيڻ جو خدشو آهي، اھا ليبر فورس ملڪ جي پورهيتن ۾ صحيح ڪردار ادا نه ڪري سگھندي، هن چيو ته پاڪستان حڪومت ٻارن جي غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻ ۽ صحت مند غذائي طريقن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٽن سالن جي قومي ملٽي سيڪٽرل نيوٽريشن پروگرام لاءِ 8.5 بلين رپيا مختص ڪيا آهن، اميد آهي ته ان جا بهتر نتيجا حاصل ٿيندا،   ڊاڪٽر بيکارام ديوراجاڻي چيو ته ملڪ جي ڳوٺن ۾ سٺي ۽ غذائي خوراڪ جي کوٽ سبب عورتون ۽ ٻار صحت مند نه آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ 24 سيڪڙو ماڻهو شگر جا مريض آهن،   ڊاڪٽر جئي هان ڪم چيو ته هن ڪانفرنس مان حاصل ٿيندڙ معلومات ۽ تحقيق جو فائدو سماج تائين پهچائڻ جي ضرورت آهي.