تلهار ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عورت قتل، هڪ ڄڻو زخمي

0
267
تلهار ويجهو هٿياربندن جي

تلھار (رپورٽر) تلهار ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عورت قتل، هڪ ڄڻو زخمي، تلهار ويجهو پلاٽ جي تڪرار تان  هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عورت قتل ٿي وئي، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو

بينظير ڪالوني ۾ هٿياربندن جي  فائرنگ ۾ نازيه زال نثار ماڇي ۽  بهاول ماڇي زخمي ٿي پيا، زخمي عورت حيدرآباد  نيئندي رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو

عورت جي قتل بعد مقتولا عورت جي وارث عورتن، مردن ۽ ٻارن پاران واقعي خلاف ڌرڻو ھنيو ويو

مقتولا عورت جي وارثن موجب عمران عرف پپي خواجه ۽ ٻين زمين تي قبضي لاءِ حملو ڪرايو  آھي، جنھن ۾ عورت قتل ٿي وئي آھي، انصاف ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

ڪراچي:سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ سکر واسي گداگر ٻارڙو مارجي ويو

نئون ديرو ويجهو هٿياربندن جي گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ، پورهيت مارجي ويو