نئون ديرو ويجهو هٿياربندن جي گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ، پورهيت مارجي ويو

0
220

نئون ديرو (رپورٽر) نئون ديرو ويجهو هٿياربندن جي گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ، پورهيت مارجي ويو آھي

ڳوٺ ڦلپوٽا ۾ جوابدار راجا ڦلپوٽو معمولي ڳالهه تان گهر ۾ داخل ٿي پورهيت محرم ڦلپوٽو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

مقتول جي وارثن موجب جوابدار راجا ڦلپوٽو معمولي منهن ماري  بعد هٿياربندن سميت گهر ۾ گهڙي  محرم ڦلپوٽو کي قتل ڪيو

وارثن موجب معمولي ڳالھ تان اسان جي ڳڀرو جوان کي قتل ڪيو ويو آھي، جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي

پوليس موجب جوابدار ۽ مقتول پاڻ ۾ پڦاٽ ماروٽ آهي، معمولي منهن ماري تان  واقعو پيش آيو آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ھنيا پيا وڃن

ھي به پڙھندا

ڪراچي:سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ سکر واسي گداگر ٻارڙو مارجي ويو