دڙو(ن پ ا) دڙو لڳ ٻاٻڙا سم نالي ڀرسان رهندڙ ڪولهي برادري جي 13 سالن جي نينگر سوٿو عرف شڪتي پٽ ڀٽو ڪولهي سان ڳوٺاڻي احمد بروهي مبينا زيادتي ڪرڻ جو انڪشاف، ان حوالي سان نينگر جو پيءَ ڀٽو ۽ چاچو ڀمو ڪولهي دڙو پوليس اسٽيشن پهچي رپورٽ داخل ڪرائي،هنن چيو ته غريب مزدور آهيون ڳوٺ جي ڀر ۾ رهندڙ ڳوٺاڻي احمد بروهي اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي، اسان جي معصوم نينگر سان 8 ڏينهن کان زيادتي ڪندو رهيو ۽ مارڻ جا ڊپ ڏنا، نينگر حراس ۽ خوف ۾ هو اڄ اسان کي ٻڌايو، جنهن کي دڙو پوليس اسٽيشن تي وٺي آيا آهيون، هوڏانهن دڙو پوليس ٻڌايو ته رپورٽ داخل ڪري جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، ڪولهي برادري سان انصاف ڪيو ويندو وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.