غوثپور وٽان اغوا ٿيل 5 بئنڪ ملازم 50 لک ڀنگ ڀري بازياب

0
31
غوثپور وٽان اغوا ٿيل 5 بئنڪ ملازم 50 لک ڀنگ ڀري بازياب
غوثپور وٽان اغوا ٿيل 5 بئنڪ ملازم 50 لک ڀنگ ڀري بازياب

ڪنڌڪوٽ جي دڙي سندراڻي واري علائقي مان اغوا ٿيل 5 بئنڪ ملازم 50 لک ڀنگ ڀري بازياب ٿي ويا

 پوليس معاملي کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪري ڇڏي، عالم گولو، الطاف گولو، فرمان لانگاهه، گلاب ڏاهاڻي  ۽ شاهنواز نصيراڻي ڌڙيلن جي چنبي مان بازياب ٿي  گهر پهچي ويا

 وارثن طرفان  بئنڪ ملازمن جي بازياب ٿيڻ جي تصديق، هڪ مهينو اڳ لون جي رڪوريءَ لاءِ ويل بئنڪ ملازمن کي اغوا ڪيو ويو هو

 ڌاڙيلن  مغوين جي بازيابي لاءِ 80 لک ڀنگ گهريو هو، ذريعن موجب راڄوڻي بعد 50 لک ڀنگ ڀري مغوي بازياب ٿيا

 بئنڪ ملازمن جي بازيابي لاءِ وارثن ڪنڌڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا هئا