جهرڪ ويجهو حادثي ۾ فوت ٿيل 7 پورهيتن جي اجتماعي جنازي نماز ادا

0
31
جهرڪ ويجهو حادثي ۾ فوت ٿيل 7 پورهيتن جي اجتماعي جنازي نماز ادا
جهرڪ ويجهو حادثي ۾ فوت ٿيل 7 پورهيتن جي اجتماعي جنازي نماز ادا

جهرڪ ويجهو روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل هڪ ئي ڳوٺ جي 7 پورهيتن جي اجتماعي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

 ڳوٺ ماڻڪ بهراڻي ۾ 7  پورهيتن جا جنازا  کڄڻ وٽ قيامت صغريٰ جو منظر نظر آيو، جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ ٿيا

 گذريل ڏينهن ڳوٺ ماڻڪ بهراڻي کان ڪوٽڙي سائيٽ ايريا ۾  مزدوري لاءِ ويندڙ  فيڪٽري مزدورن سان ڀريل سوزوڪي ۽  ڊمپر  وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو هو

 حادثي ۾ 7 پورهيت  فوت ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، فوتين ۾ آصف بهراڻي، قربان، سومار، جلال، عرفان، وقار ۽ رياض بهراڻي شامل آهن