ڪرمپور ڀرسان چوپائي مال جي ڦر دوران مزاحمت تي ڀاڳيو مارجي ويو، 4 ڄڻا زخمي

0
26
ڪرمپور ڀرسان چوپائي مال جي ڦر دوران مزاحمت تي ڀاڳيو مارجي ويو، 4 ڄڻا زخمي
ڪرمپور ڀرسان چوپائي مال جي ڦر دوران مزاحمت تي ڀاڳيو مارجي ويو، 4 ڄڻا زخمي

ڪرمپور ڀرسان چوپائي مال جي ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڀاڳيو مارجي ويو

هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عورت سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، علائقي ۾ ڏهڪاءُ واري صورتحال پکڙجي وئي

ڳوٺ شفيع محمد جعفري ۾ هٿياربند ڌنارن کان چوپايو مال ڦر ڪري فرار ٿيا ته ڀاڳين پيڇو ڪيو،  پيڇو ڪرڻ تي هٿياربندن  ڳوٺاڻن مٿان فائرنگ ڪري ڏني

گوليون لڳڻ سبب سليمان جعفري مارجي  ويو، عورت سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ شفيع محمد، غزين، ڪرم  علي ۽ هڪ عورت شامل
مارجي ويل ڳوٺاڻي جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيوويو، جوابدارن جو پتو نه پئجي سگهيو، مقتول جي گهر ۾ قهرام مچي ويو

ٻئي پاسي ميروخان ويجهو زمين جي تڪرار تان  ڀائٽي هٿان چاچو گوليون هڻي قتل، ڳوٺ ابراهيم جي وانڍ ۾ لطيف شر  پنهنجي چاچي حبدار کي قتل ڪرڻ بعد فرار  ٿي ويا

ٽنڊوالهيار جي علائقي  سلطان آباد ويجهو ڳوٺ بروھي آباد ۾ گهرو اڻبڻت تان ڀاءُ ھٿان شادي شده ڀيڻ قتل، جوابدار جاويد بروهي پسٽل جا فائر  ڪري 28 ورهين جي انيلا کي  قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا