حيدرآباد ۾ چوري جي الزام هيٺ نينگر کي پڪڙي ٻڌي تشدد، باهه ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش

0
22
حيدرآباد ۾ چوري جي الزام هيٺ نينگر کي پڪڙي ٻڌي تشدد، باهه ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش
حيدرآباد ۾ چوري جي الزام هيٺ نينگر کي پڪڙي ٻڌي تشدد، باهه ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش

حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) حيدرآباد جي سبزي ۽ فروٽ مارڪيٽ ۾ چوري جي الزام هيٺ هڪ نينگر کي پڪڙي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو جڏهن ته نينگر کي ٿنڀي سان ٻڌي کيس ڪپڙن کان آجو ڪري باهه ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي

اهو واقعو صبح ڌاري ان وقت پيش آيو جڏهن مدينه ٽائون جو رهواسي 16 سالن جو نينگر راشد ولد سچل عف الهڏنو جتوئي پنهنجي پيءُ لاءِ سبزي مارڪيٽ مان ڦاروا وٺڻ لاءِ پهتو. سبزي مارڪيٽ ۾ نينگر تي چوري جو شڪ ظاهر ڪري کيس پڪڙي بجلي جي ٿنڀي سان ٻڌو ويو ۽ تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد کيس ڪپڙن کان آجو ڪري باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. نينگر کي تشدد ڪرڻ مهل ماڻهن جو هڪ وڏو هجوم گڏ ٿي ويو پر هجوم ۾ شامل ماڻهو نينگر کي ڇڏائڻ بدران کيس مارڪٽ ڪندا ۽ کلندا رهيا. تشدد سبب نينگر زخمي ٿي پيو ۽ سندس جسم جي مختلف حصن مان رت به وهڻ لڳو

بعد ۾ ڪجهه وڏي عمر جي ماڻهن وچ ۾ پئي نينگر کي ڇڏايو. هجوم مان آجو ٿيڻ بعد نينگر لائينڊ چينل جو ڪپ وٺي پنهنجي منهن فرار ٿيڻ لڳو ته پڃاري پوليس کيس هٿ ڪري هٽڙي پوليس حوالي ڪيو. نينگر تي بي رحماڻي تشدد جون وڊيوز سوشل ۽ ماس ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ ايس ايس پي حيدرآباد فرخ علي لنجار نوٽيس ورتو ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون.  پوليس وڊيوز جي مدد سان هڪ شخص کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪيو ۽ پڇا ڳاڇا بعد ٻين ماڻهن جا ڏس پتا به حاصل ڪيا. نينگر تي تشدد سبب باشعور شهرين ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇانئجي وئي

بعد ۾ نينگر جا وارث ۽ سندس همدرد به هٽڙي ٿاڻي تي پهتا ۽ انهن گهر ڪئي ته پوليس چوڪي جي انچارج سميت نينگر تي تشدد ڪندڙ سمورن ماڻهن کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. واقعي بابت ايس ايس پي حيدرآباد فرخ علي لنجار جو چوڻ هو ته هن نينگر تي تشدد واريون وڊيوز ڏٺيون آهن ۽ لاڳاپيل پوليس آفيسرن کي هدايتون ڏنيون آهن ته هو واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻين. هن چيو ته جوابدار ڀلي ڪيڏا به بااثر ڇو نه هجن پر انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي