ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٺل جي مختيارڪار جي نئين ٺهيل ھائوس تي پوليس معرفت ايڊيشنل سيشن جج پاران مبينا طور قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي، اطلاع تي روينيو کاتي جا عملدار توڙي تپيدار وڏي تعداد ۾ ھائوس تي پھچي ويا، جڏھن ته مختيارڪار ھائوس تي قبضي خلاف روينيو ملازمن تپيدارن مختيارڪار ديدار ڪنراڻي ياسين مهر، شير علي ڪنراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. مختيارڪار ٺل ديدار ڪنراڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ايڊيشنل سيشن جج پاران ٺل جي مختيارڪار جي بنگلي تي بلا جواز پوليس جي معرفت قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھن چيو ته منهنجي سرڪاري رهائش گاهه تي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪا اسان ناڪام ڪئي. ھن چيو تي بنگلي جي قبضي جي آگاهي ڊي سي ۽ ٻين عملدارن کي ڏني آهي مظاهرين سپريم ڪورٽ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي ھوڏانھن مختيارڪار ڪار ٺل ديدار ڪنراڻي پاران ايڊيشنل سيشن جج جي ھائوس تي مبينا قبضي خلاف سپريم ڪورٽ ھاءِ ڪورٽ سميت لاڳاپيل کاتن ڏانھن ليٽر لکي ڇڏيا آھن.