شھدادڪوٽ (رپورٽ: امير علي مڱڻهار) بلوچستان جي جھل مگسي ليويز ٿاڻي جي حد  ڳوٺ سارگاڻي ۾ ڪارنھن الزام هيٺ لاڙڪاڻي واسي ياسر چانڊيو ۽ عورت زبيدان مگسي کي قتل ڪيو ويو ، جڏهن ته ڪارنھن الزام هيٺ آيل ياسر چانڊيو جي فائرنگ ۾ گھر ڀاتي شھمير مگسي به قتل ٿي ويو آھي، ليويز جھل مگسي موجب لاش کڻائي جھل مگسي اسپتال پھچايا آھن، قانوني ڪاروائي کانپوءِ شھمير مگسي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته عورت زبيدان مگسي ۽ ياسر چانڊيو جا لاش جھل مگسي اسپتال ۾ پيل آھن، ليويو انچارج جھل مگسي صوبو خان چنجڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ھن وقت تائين لاش وٺڻ لاءِ ڪنھن به رابطو ناهي ڪيو.