لاڙڪاڻو (رپورٽ :نويد لاڙڪ) شڪارپور مان اغوا ٿيل ٻن پوليس اهلڪارن جي بازيابي حراست ۾ ورتل ٻن ڌاڙيلن جي آزادي واري ڊيل تحت عمل ۾ اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن معاملي تان ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ ۽ ايس ايس پي شڪارپور عرفان سمون وچ سخت اختلاف سامهون آيا آهن، ان سلسلي ۾ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي شڪارپور عرفان سمون خلاف آئي جي سنڌ کي مس ڪنڊٽ رپورٽ اماڻي آهي، جنھن تي آئي جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ نوٽيس وٺي ليٽر جاري ڪري ٽي رڪني ڪاميٽي تشڪيل ڏني آهي، جنھن جو سربراهه خود ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايس ايس پي سکر امجد شيخ ۽ ايس ايس پي شهيد بينظير آباد تنوير تنيو ميمبر هوندا، آئي جي سنڌ ڪاميٽي کي هدايت ڪئي آهي تہ ايس ايس پي شڪارپور خلاف مس ڪنڊٽ انڪوائري رپورٽ واري معاملي جي 7 ڏينهن ۾ جانچ ڪري رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.

2 جتوئي ڌاڙيل آزاد ڪري ٻن اهلڪارن کي ڇڏرايو ويو: ذريعا

لاڙڪاڻو: ذريعن موجب ڪجهه ڏينهن اڳ شڪارپور پوليس جا 2 اهلڪار محمد صديق ملڪ ۽ امداد سومرو اغوا ٿيا هئا، جن کي شڪارپور پوليس ڊيل ڪري حراست ۾ ورتل جتوئي ذات جي ٻن ڌاڙيلن کي آزاد ڪرائي بازياب ڪرايو هو، جڏهن ته پريس رليز ۾ وري سندن بازيابي مقابلي کان پوءِ ڏيکاري وئي، ڄاڻايل ڊيل ايس ايس پي شڪارپور عرفان سمون جي ويجهي گن مين سجاد شاهاڻي طرفان ڪرائي وئي.

 

پوليس اهلڪار ڊي آءِ جي آڏو ڊيل جو اعتراف ڪيو هو: ذريعا

لاڙڪاڻو: ڄاڻ ملڻ تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو پوليس اهلڪار سجاد شاهاڻي کي آفيس گهرائي وضاحت ورتي، جنھن سڄي معاملي بابت ڊي آئي جي کي آگاهي ڏيندي ڌاڙيلن سان ڊيل ٿيڻ جو اعتراف ڪيو، ذريعن موجب ڊي آئي جي پوليس اهلڪار تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي مبينا طور مارڪٽ به ڪئي ۽ کيس گرفتار ڪرائي سول لائين ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪيو، انتهائي اعتبار جوڳن پوليس ذريعن موجب ڄاڻايل معاملي کانپوءِ ايس ايس پي شڪارپور عرفان سمون سول لائين ٿاڻي تي پهچي پنهنجي گن مين سجاد شاهاڻي کي لاڪپ مان ڪڍرائي نه صرف آزاد ڪرايو پر کيس پاڻ سان گڏ وٺي روانو ٿي ويو، جنھن تي ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ ايس ايس پي شڪارپور خلاف مس ڪنڊٽ تي مشتمل رپورٽ ۽ شڪايتي ليٽر آئي جي سنڌ کي اماڻيو، جنھن جي روشني ۾ آئي جي سنڌ پوليس معاملي تي انڪوائري ڪاميٽي تشڪيل ڏني آهي.

عرفان سمون خلاف مس ڪنڊڪٽ رپورٽ اماڻڻ بعد ڪلارڪ وقار ڌامراهه معطل

لاڙڪاڻو :ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ ايس ايس ايس شڪارپور عرفان سمون خلاف مس ڪنڊٽ رپورٽ اماڻڻ کانپوءِ سندس آفيس ۾ شيٽ ڪلارڪ طور ڪم ڪندڙ سينئر ڪلارڪ وقار ڌامراهه کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو طرفان 23 مئي تي جاري ڪيل معطلي واري ليٽر ۾ سينئر ڪلارڪ کي فوري طور چارج ڇڏي لاڙڪاڻو رينج آفيس ۾ ڪلوز ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ اهو به ڄاڻايو آهي ته وقار ڌامراهه روزانو جي بنياد تي رينج آفيس ۾ ڊيوٽي ڪندو ۽ اجازت کان بغير موڪل به نٿو ڪري سگهي.