اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي اپيڪس ڪاميٽي جو ڏهون اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ سيڙپڪاري جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، محمد اورنگزيب، محسن نقوي، خواجا آصف، اويس لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چئني صوبن جا وزيراعليٰ ۽ چيف سيڪريٽري به شريڪ ٿيا، مراد علي شاهه، علي امين گنڊاپور، سرفراز بگٽي ۽ مريم نواز ايس آءِ ايف سي تحت سيڙپڪاري جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو، شرڪت ڪندڙن اپيڪس ڪاميٽي جي گذريل اجلاسن جي فيصلن تي عملدرآمد تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته صوبائي حڪومتن کي گڏ کڻي هلي رهيا آهيون، اسان ڪِستو ڀڃي ڇڏيو آهي، هاڻ واپاري ۽ معاشي سهڪار کي اهميت ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته دوست ملڪن به ايس آءِ ايف سي جي قدمن کي ساراهيو آهي، عسڪري قيادت ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، وقت گذرڻ سان ايس آءِ ايف سي جي ڪاميابين تنقيد ڪندڙن جو وات بند ڪري ڇڏيو آهي.  اجلاس ۾ آرمي چيف پاڪ فوج پاران ملڪ جي معاشي خوشحالي ۽ عوام جي سماجي، اقتصادي ڀلائي لاءِ حڪومتي قدمن ۾ قدم سان قدم ملائي هلڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. وزير اعظم شهباز شريف چيو ته جيڪو به صوبو ۽ آفيسر ايس آءِ ايف سي تحت ڪم ڪندو اهو اسان جي سر جو تاج هوندو ۽ پر جنهن سستي ڏيکاري اهو ٽيم جو حصو نه هوندو.  پاڪستان کي ايٽمي طاقت وانگر معاشي ۽ خوشحالي وارو ملڪ بڻائڻو آهي هن وقت حالت اها آهي ته وفاقي حڪومت وٽ بنيادي ذميواري ادا ڪرڻ کان پوءِ هڪ روپيو به نٿو بچي. صوبن ۽ وفاق کي گڏجي هلڻو آهي، رکي سکي گڏ کائينداسين. اجلاس ۾ ملڪ جي معاشي حالتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ايس آءِ ايف سي جي پليٽ فارم جي ساراهه ڪئي وئي. رياستي ادارن جي نجڪاريءَ جي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي اطمنان جو اظهار ڪيو ويو ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان گڏ ادارن جي نجڪاريءَ کي بروقت مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. وزير اعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته تازو ڪجهه ڏينهن اڳ سعودي ۽ يو اي اي جا دورا ڪيا آهن ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ٿيون، جنهن دوران ايف آءِ ايف سي تي گهڻو اعتماد ۽ يقين جو اظهار ڪيو ويو. جڏهن ايس آءِ ايف سي قائم ٿي ته خدشن جو اظهار ڪيو ويو هو، وقت گذرڻ سان اُن جي ڪارڪردگيءَ سبب سمورن تنقيد ڪندڙن جي زبان تي تالا لڳيا ويا آهن، اڄ ايس آءِ ايف سي پاڪستان جي خوشحاليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سموران صوبا به اِن تي اعتماد ڪن ٿا. سعودي ۽ يو اي اِي پاران پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ بابت منصوبن ۾ سيڙپڪاريءَ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سموري سيڙپڪاري ايس آءِ ايف سي ذريعي ٿيندي. اسان پنهنجا حدف حاصل ڪنداسين اها ڳالهه ڪنهن کان لڪل ناهي ته اسان وٽ مختلف شعبن ۾ ماهراڻي اهليت جي تمام گهڻي کوٽ آهي مون مختلف وزارتن کي ماهر ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايف بي آر کي سو سيڪڙو ڊجيٽل ڪرڻ لاءِ اسان جو معاهدو ٿي چڪو آهي. ايف بي آر کي ڊجيٽل ڪرڻ ۾ حڪومت نه پر هڪ ادارو سموري رقم ادا ڪري رهيو آهي. سعودي عرب واضح چيو آهي ته هر طرح جي مدد ۽ سيڙپڪاري ڪنداسين. جيڪڏهن ڪنهن شعبي ۾ پاڪستان وٽ اهليت ناهي ته اُن حوالي سان به مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. وزير اعظم چيو ته پاڪستان ايٽمي طاقت آهي اسان ايٽمي طاقت بڻجي سگهون ٿا ته پاڪستان جي زرعي پيداوار کي ٻيڻ تي آڻڻ ڪهڙو ڏکيو ڪم آهي، صنعتن کي ترقي وٺرائڻ، ايڪسپورٽ کي ڊبل ڪرڻ، ملڪ جي ڪل آباديءَ ۾ 60 سيڪڙو رکندڙ نوجوانن جي آباديءَ کي آءِ ٽي ماهر بڻائڻ ڪهڙو ڏکيو ڪم آهي. پاڪستان ۾ کربين روپين جا خزانه دفن ٿيل آهن پر اسان هن وقت تائين ڪجهه حاصل ڪرڻ بجاءِ ڏنڊ ۽ ڀُنگ ڀريا آهن. دفن ٿيل خزانن جو قوم کي ڪو فائدو ناهي ٿيو. ايس آءِ ايف سي رڳو فوج جو نالو ناهي، اُن ۾ صوبن جا وڏا وزير ۽ ٻيا حڪومتي عملدار به شامل آهن. يو اي اي 10 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، سعودي به تيار آهي. هنن ٻنهي ملڪن پاران ڪا به دير ناهي، تياري اسان کي ڪرڻي آهي پورو يقين آهي ته صوبا ساٿ ڏيندا. ٽيم ۾ شامل آفيسر به ڪم ڪندا. جيڪا به صوبائي حڪومت ۽ آفيسر اِن حوالي سان ڪم ڪندو اُهو اسان جي سر جو تاج هوندو پر جيڪو سستي ڏيکاريندو اهو ٽيم جو حصو نه هوندو. اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي وقت پري ناهي ماضي جي نقصانن جو ازالو ڪنداسين. يو اي اي ۾ دوري دوران چئي چڪو آهيان ته اسان ڪِستو توڙي ڇڏيو آهي اچو ته قوم بڻجي وڃون ايٽمي طاقت وانگر پاڪستان کي معاشي، خوشحالي وارو ملڪ بڻايون، ڏکيو سفر آهي پر گل ڪنڊن کان سواءِ پيدا ناهن ٿيندا. اسان کي ڪنڊن جي رستن تان گذرڻو پوندو.