اسلام آباد: خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور چيو آهي ته صوبي جي وسيلن تي ڪا سوديبازي نه ڪنداسين. پنهنجي صوبي جي حقن لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري سگهياسين ڪنداسين. ايس آءِ ايف سي جي اجلاس ۾ شرڪت کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته وفاق کان مطالبو آهي اسان جي صوبي کي فوري فنڊز ڏنا وڃن. صوبي جي عوام کي رليف لاءِ هر حد تائين وينداسين.  هن چيو ته ڪي پي ۾ کاڻين جي شعبي ۾ روينيو وڌائي سگھجي ٿو. ايس آءِ ايف سي جي اجلاس ۾ مون فاٽا ۽ چلاس تي ٽيڪس لڳائڻ جي مخالفت ڪئي.  مون مطالبو ڪيو ته ضم ٿيل علائقن تي هن بجيٽ ۾ ٽيڪس نه لڳايو وڃي. اجلاس ۾ پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪيو. تمام سٺي گڏجاڻي ٿي.  هن چيو ته پاڪستان اسان جو ملڪ آهي پر صوبي جي حصي تي سوديبازي نه ڪنداسين. پنهنجو ڪم به ڪنداسين، ايس آءِ ايف سي سان گڏجي به ڪم ڪنداسين. وفاق کان مطالبو آهي ته اسان جي صوبي لاءِ فوري فنڊ جاري ڪري. هن چيو ته اجلاس ۾ آرمي چيف سان ٻه ڀيرا ڳالهه ٻول ٿي، جيڪا ڳالهه چوڻي هئي ان جو موقعو نه هو. پي ٽي آءِ باني  پاڪستان خاطر ڳالهين لاءِ تيار آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي معاملي تي ڳالهيون ڪيون ها پر ان جو موقعو نه هو. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي جي گذريل اجلاس ۾ نه گهرائي ناانصافي ڪئي وئي، جيڪڏهن هن اجلاس ۾ به نه گهرايو وڃي ها ته مون کي ڪو فرق نه پوي ها. اسان وٽ مقصد به آهي ۽ ڪم ڪرڻ به ڄاڻون ٿا. باني تحريڪ انصاف سڀني کان پهريان آهي جيڪڏهن اِن حوالي سان ڳالهيون ڪن ٿا ته اسان تيار آهيون. هن چيو ته  اسان ته پهريان ئي چوندا آهيون ته صوبن جا وسيلا پاڪستان جي لاءِ خرچ ٿي رهيا آهن. اسان جا وسيلا استعمال ٿي رهيا آهن پر اسان کي پنهنجو حق ملڻ گهرجي. اجلاس ۾ نمائندگي ڪرڻ آيو هئس، فاٽا ۾ ٽيڪس وارو معاملو ختم جي خاطري ڪرائي وئي آهي. پرڏيهه مان سيڙپڪاري اچي ٿي ته ڀليڪار ڪنداسين. سستي بجلي هائيڊرل مان اسان ڏئي رهيا آهيون. وفاق ڏانهن اسان جون رهتون آهن، جيڪڏهن اسان جون رهتون ادا نه ڪيون ويون ته اها زيادتي هوندي، هن چيو ته صوبي جي بجيٽ جو ڪاٿو 11 هزار ارب جي بنياد تي رکيو آهي، وفاق پاران وڌيڪ فنڊز ايندا ته عوام کي وڌيڪ رليف ڏينداسين. آرمي چيف سان ٻيهر ڳالهه ٻولهه ٿي، جيڪا ڳالهه ڪرڻي هئي اِن جو ماحول نه هيو. هن چوي ته افغانستان سان تجارت بند ٿيڻ سبب پاڪستان جي معيشت کي نقصان ٿي رهيو آهي. پنجاب حڪومت جو رويو درست ناهي هو پنهنجي حڪومت کي بدنام ڪري رهي آهي.