اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت چيني شهرين سوڌو غير ملڪي شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بنائڻ لاء داسو ،  چلاس ۾ سيف سٽي پراجيڪٽ قائم ڪرڻ لاء جامع پلان ٺاهڻ خاطر خصوصي ڪاميٽي قائم ڪندي پلان بابت پنڌرنهن ڏينهن ۾ سفارشون طلب ڪري ورتيون آهن . تفصيل موجب وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت ۾ داسو ، چلاس سيف سٽي پراجيڪٽ جي قيام جي جائزي لاء اعلي سطحي اجلاس ٿيو .   اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير آء جي پوليس اسلام آباد ،  آرپي او هزارا ،  ۽ واپڊا جي نمائندن تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏيندي ان ڪاميٽي کي پنڌرنهن ڏينهن ۾ داسو ،  چلاس ۾ سيف سٽي جي قيام جي حوالي سان تفصيلي ۽ جامع پلان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي . اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هيو ته وزير اعظم پاڪستان جي هدايت آھي ته داسو ،  چلاس ۾ سيف سٽي جو قيام عمل ۾ آندو وڃي ،  داسو ، چلاس ۾ سيف سٽي جو قيام اسلام آباد ۽ لاهور وانگر جديد تقاضائن مطابق عمل ۾ آندو ويندو .سيف سٽي جو مقصد صرف ڪيمرائون لڳائڻ نه آھي پر اهڙو نظام آھي جيڪو جديد ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي ٽولز سان ليس هجي ،  سيف سٽي منصوبي ذريعي هن علائقي جي نگراني ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بنائي سگهبو . پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي لاء ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي حفاظت اسان جي ذميواري آھي ان ذميواري جي ادائگي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ويندي .