اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ايندڙ مالي سال جي بجيٽ لاءِ فيڊرل بورڊ آف روينيو جون 2 اهم ٽيڪس تجويزون رد ڪري ڇڏيون. ذريعن موجب، ايف بي آر مختلف شين تي 18 کان 19 سيڪڙو ۽ پيٽروليم شين تي 18 سيڪڙو تائين ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني هئي. فيڊرل بورڊ آف روينيو ٻنهي ٽيڪس تجويزن سان اربين رپيا گڏ ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو. وزيراعظم شهباز شريف ايف بي آر جون تجويزون رد ڪندي چيئرمين فيڊرل بورڊ آف روينيو کي متبادل تجويزون تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف، پاڪستان کي هاڻوڪي ڳالهين ۾ پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي. حڪومت پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس مارچ 2022ع کان معطل ڪري ڇڏي آهي، وفاقي حڪومت پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس بدران 60 رپيا في ليٽر ڊيولپمينٽ ليوي چارج ڪري رهي آهي.