اسلام آباد (م ڊ) بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته  ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ عدالتن سان لاڳاپيل معاملن جي حل لاءِ ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن. ڳالهين جا تفصيل مسئلو حل ٿيڻ تائين سامهون نٿا اچي سگھن، هن چيو ته ڳالهين جو سلسلو 2014ع کان بند گھٽيءَ ۾ آهن.  خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته  پي ٽي آءِ باني سياستدانن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي. اسين ڳالهين جي ڳالهه ڪريون ته اڳيان گاريون ٿا ڏين هن چيو ته پي ٽي آءِ باني چاهي ٿو پارليامينٽ ذريعي انقلاب اچي پر ٽاڪ شوز ذريعي انقلاب اچي.  موجود صورتحال سڀني لاءِ ٺيڪ انهي، ڊيڊلاڪ ختم ٿيڻ گھرجي. اسان جي طرفان ڪا انا ناهي، هٺ ڌرمي ٻئي پاسي کان آهي. پنهنجي دور ۾ منهنجو گھر ڊاهڻ لاءِ انهن جتن ڪيا. حد دخليون آهن ته ڊاهڻ گھرجن. هن چيو ته موجوده صورتحال جو وپڏو سبب پي ٽي آءِ باني جو موقف آهي.  هن چيو ته ججن جو خط لکڻ ڪافي آهي  ته اهڙو لائحه عمل جوڙيو وڃي جو اڳتي ڪير مداخلت نه ڪري سگھي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئون گھرو وزير نه پيو ٿيان، گھرو وزارت محسن نقوي کي مبارڪ هجي.