لاهور (م ڊ) لاهور ۾ سخت گرمي کان پوءِ رات جو تيز طوفان سان برسات شروع ٿي جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي معطل ٿي وئي. جڏهن ته گوجر خان ۽ نارووال ۾ آسماني کنوڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 15 زخمي ٿي پيا. گوجر خان ۽ نارووال ۾ آسماني کنوڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا  جڏهن ته 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. موسميات کاتي موجب اڄ به ملڪ جا مختلف ميداني علائقا سخت گرمي جي لهر هيٺ رهندا. جڏهن ته مٿانهين خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ موسم جهڙالو رهڻ کان علاوه تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.