ڪراچي:سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ سکر واسي گداگر ٻارڙو مارجي ويو

0
294

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي بوٽ بيسن واري علائقي ۾ سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ سکر سان تعلق رکندڙ پينو فقير معصوم ٻارڙو مارجي ويو آھي، جوابدار فرار ٿي ويو، پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششن ۾ لڳل آھي

ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آھي تھ بوٽ بيسن واري علائقي ۾  سڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ سکر واسي پينو فقير  معصوم ٻارڙو مارجي ويو، مقتول نينگر جي امڙ پاران اڀ ڏاريندڙ دانھون ڪيون ويون

ذريعن موجب پينو فقير ٻارڙو هوٽل تي خيرات وٺڻ آيو ته سيڪيورٽي گارڊ کيس پنڻ کان روڪيو هو، سيڪيورٽي گارڊ جي ڳالهه نه مڃڻ تي گارڊ ٻارڙي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب ٻارڙو مارجي ويو

فائرنگ جي نتيجي  ۾ 6 ورهين جو  محمد عامر پٽ خادم خان پيٽ ۾ گولي لڳڻ سبب مارجي ويو، مارجي ويل ٻارڙي جو تعلق سکر  سان آهي، جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، سيڪيورٽي گارڊ ھٿ نھ اچي سگھيو

ھي به پڙھندا

سکر پوليس ڪشمور واسي مغوي کي بازياب ڪرائي ورتو

ملير مان 2 ٻارڙا بازياب، 4 جوابدار گرفتار