قومي ۽ پرڏيهي اڳواڻن جون قومي ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

0
251
قومي ۽ پرڏيهي اڳواڻن

ڪراچي : آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ مها دنگل شروع ٿيڻ کان اڳ ڪرڪيٽ جي مداحن جو جوش ڏسڻ وٽان آهي

شهر جي روڊن تي پاڪستاني مداحن جي ٽيم جي ڪاميابي لاءِ زبردست نعريبازي ڪئي وئي، مداحن جو چوڻ آهي ته پاڪستان فائنل مقابلي ۾ انگلينڊ کي شڪست ڏئي 1992ع واري ورلڊ ڪپ جي تاريخ کي ورجائيندو

ٹیم پاکستان، آپ نے ورلڈ کپ کے فائنل میں پہنچنے کے لیے تمام مشکلات کو شکست دی: شہباز شریف کا بیان—فوٹو: آئی سی سی

ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف پاران قومي ٽيم جي ڪاميابيءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو آهي

شهباز شريف پنهنجي ٽويٽ ۾ چيو آهي ته ڄاڻان ٿو ته پاڪستاني ٽيم ۾ جوش ۽ عزم آهي، ميدان ۾ لهو ۽ شاندار ڪارڪردگي پيش ڪري انگلينڊ کي شڪست ڏيو

جڏهن ته پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسٽين ٽرنر فائينل جي دنگل تي دلچسپ تبصرو ڪيو آهي

ڪرسٽين ٽرنر چيو ته سڀني کي خبر آهي ته مان پاڪستاني ٽيم جو مداح آهيان، پر هيل انگلينڊ کي سپورٽ ٿو ڪيان

هن چيو ته  1992 جيان پاڪستان انگلينڊ کي شڪست ڏني ته دل دل پاڪستان ڳائڻ لاءِ مجبور ٿي ويندس

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم به ڪرڪيٽ جي رنگ ۾ رنگجي ويو، ڊونلڊ بلوم پاڪستان زنده باد جو نعرو هڻندي چيو آهي ته بابر اعظم توهان تي اعتماد ٿا ڪريون، ورلڊ ڪپ کڻي گهر اچو

میں ٹی 20 ورلڈ کپ کا فائنل دیکھنے کے لیے پرجوش ہوں، پاکستان کرکٹ ٹیم کے لیے بیسٹ آف لک۔ فوٹو فائل

هوڏانهن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي ٽيم دنيا جي بهترين ٽيم آهي، اسان ورلڊ ڪپ جو فائينل کٽي سگهون ٿا

پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته اسان 1992 واري ورلڊ ڪپ جي سيمي فائينل ۾ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏني هئي، جنهن بعد فائينل ۾ اسان جو مقابلو انگلينڊ سان هو، سموري ملڪ ۾ جشن جي ڪيفيت آهي

هن چيو ته انگلينڊ جيان اسان لاءِ به فائينل ۾ پهچڻ سولو ڪم نه هو، هيءَ فتح اسان جو جوش وڌائڻ لاءِ ضروري آهي، ان ڪري سڀني جون نظرون فائينل تي آهن

ھي به پڙھندا

ٽيم مڪمل تيار آهي، ڪاميابين جي سلسلي کي برقرار رکنداسين: بابر اعظم

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو بادشاهه ڪير بڻجندو؟ پاڪستان ۽ انگلينڊ ۾ اڄ مھا دنگل