تعصب تي ٻڌل تاريخ جو جائزو

0
248
بلدياتي اختيارن جي ويڙھه۾ سنڌين جي خاموشي

اها انهي زماني جي ڳالھه آهي جڏهن گڏيل هندستان ۾ انگريز خلاف اڃان  مزاحمتي ويڙھه هلندڙ هئي، انگريز سرڪار جي آخري ايامن ۾ برٽش گورنمينٽ کي سنڌ ۾ سنڌين جي شديد مزاحمت کي منهن ڏسڻو پئجي رهيو هو، انگريزن خلاف مزاحمت ڪندڙ ماڻهن مان ان وقت ٿر جي ريگستاني ۽ ننگرپارڪر جي جابلو علائقن مان اڀري آيل نوجوان ويڙهو روپلو ڪولهي به هڪ هو. اخبار جي هنن ساڳين صفحن ۾ مون پنهنجن اڳين ڪالمن ۾ قيام پاڪستان تائين جي ڪارگذارين تائين جي سمورين حالتن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ ان وقت جي جن اڳواڻن جو ذڪر ڪيو انهن ۾  سورهيه بادشاهه جي انگريز سرڪار  خلاف مزاحمتي جنگ جون تاريخي حقيقتون بيان ڪيون هيون ته ڪيئن نه سندس ڪيل مزاحمتي جنگ انگريز سرڪار کي هن ڌرتيءَ تان پنهنجا پير اکيڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو.

انگريز سرڪار خلاف سنڌ مان سورهيه بادشاهه جي مزاحمتي جنگ ۽ سائين جي ايم سيد پاران وري قيام پاڪستان جي حوالي سان ادا ڪيل ڪردار پڻ ان دور جي اهم تاريخ آهي. اڳوڻن ڪالمن ۾ مون سنڌ جي مسلمان ليڊرن جي ڪيل جدوجهد جو احوال لکيو  پر تاريخ جو مطالعو ڪندي خبر پئي ٿي ته انگريزن جي برصغير تي قبضي خلاف جدوجهد ڪندڙن ۾  سنڌ جي مسلمانن سان گڏوگڏ هندن يا غير مسلمن جون مزاحمتي جدوجهدون به وڏي اهميت جون حامل آهن، ڇو ته ان دور ۾ مسلمانن سان گڏ هندن يا غير مسلمانن پڻ انگريز سرڪار جي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو هو. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ان وقت هندو مسلم فرق کان وڌيڪ ڌرتيءَ جي آزاديءَ وارو سوال سڀني آڏو وڌيڪ اهم هو ان ڪري هندو اڳواڻن ۽ جنگجو  جوڌن جو ذڪر نه ڪرڻ نه فقط تاريخ سان هٿ چراند ليکي ويندي پرانگريز سرڪار خلاف ٿيندڙ جدوجهد جي تاريخ پڻ نامڪمل سمجهي ويندي، ان ڪري انگريز سرڪار خلاف سنڌين جي ويڙھه جو ذڪر ڪندي سورهيه بادشاھ سان گڏ ٿر جي ريگستاني ۽ ننگرپارڪر جي جابلو علائقي جو نوجوان جوڌو روپلو ڪولهي پڻ اسان کي ياد اچي ٿو.

انگريز سرڪار خلاف سالن کان مسلسل ڪيل مزاحمت جي تاريخ پڙھڻ لاءِ قاريءَ کي تعصب جي عينڪ لاهڻي پوندي جيڪا بدقسمتي سان هجرت ڪري ايندڙ مسلمانن پنهنجين اکين تي چاڙهي ڇڏي آهي.

روپلو ڪولهي ننگر پارڪر جي جبلن تي انگريز طرفان ڦاسي تي چاڙهيو ويو هو، اڄ به سنڌ ڌرتيءَ جي هن سپوت جي بهادري ۽ وطن پرستي لاءِ ڪيل ويڙهه کي ياد ڪري منهنجيون اکيون نم ٿي وڃن ٿيون. هن جوڌي انگريزن خلاف جنگ ڙهندي کين ماءَ جي ٿڃ ياد ڏياري ڇڏي هئي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي آزادي لاءِ وڙهندي وڙهندي شهادت ماڻي هئي پر افسوس ته پاڪستان جي قومي نصابي ڪتابن ۾ سندس نالو ڳوليو به نٿو لڀي. ڇوته پڙهيل لکيل مهاجر جڏهن هجرت ڪري هتي پهتا ته سڀ کان پهرين انهن پڙهيل لکيل پناهگيرن اسان جي تاريخ کي مسخ ڪيو، ان سان گڏ اهو به ٿيو ته اسان جي مفڪرن ۽ تاريخدانن شايد اردو زبان ۽ ڪتابن تي ايترو ڪم نه ڪيو يا کين ان ڪم کان ڄاڻي واڻي پري رکي اهو تاثر ڏنو ويو ته ٻاهران آيل وڏا پڙهيل لکيل قابل آهن. بحرحال انهن نالي ڪوٺين قومي مفڪرن ۽ تاريخدانن سڀ کان پهرين اسانجي ان سنڌي جوڌن کي نشانو ٺاهي نظر انداز ڪيو جن انگريز سرڪار خلاف جدوجهد ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو ڏنو ۽ ٻئي پاسي هندستان ۾ هجرت ڪري آيل پناهگيرن جو ڇاڪاڻ ته اردو تي عبور هو جو اها سندن مادري ٻولي هئي ۽ انهن کي برصغير ۾ انگريزن خلاف ڪيل جدوجهد ۽ مزاحمت ڪندڙ ڪردارن جي تاريخ لکڻي هئي سو انهن تعصب پرستي جو مظاهرو ڪندي سنڌ جي سورمن جي جدوجهد کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. ان جو سبب اهو ئي هو ته جيڪڏهن هنن برصغير ۾ انگريزن خلاف سنڌ جي سورمن جو ذڪر ڪيو ته پوءِ سنڌين جي ان لازوال جدوجهد ۽ قربانين جي حقيقت ايتري تي پر اثر آهي جو ٻاهران هجرت ڪري آيلن جون قربانيون بنھه ننڍيون ۽ حقير نظر اينديون، ۽ پوءِ پناهگيرن پاران ڪيل ڦرلٽ، ڪوڙن ڪليمن ۽ نوڪرين تي قبضن جا قصا به سامهون اچي ويندا.

ياد رهي ته ان وقت اهو قانون هو ته ڪوبه پناهگيرن هت اچي ڪوڙي ڪليم جي نالي تي هڪ دستاويز تي ڪوڙو قسم نامو جمع ڪرائي ڪليم داخل ڪندو هو ته هو هندستان ۾ ايم اي  بي اي پاس ڪيل آهي، يا سندس سترهين گريڊ جي نوڪري هئي ۽ سندس سوين ايڪڙ زمين ۽ بنگلا گاڏيون ۽ ٻي ملڪيت هئي ته پاڪستان سرڪار بنا ڪنهن ڇنڊ ڇاڻ جي ان جي برابر واري ملڪيت، نوڪري ۽ مراعت کيس سنڌ ۾ ڏئي ڇڏيندي هئي، اهڙن ڪوڙن قسم نامن جي آڌار تي سنڌي هندن جون ڇڏيل  نوڪريون، پلاٽ، پراپرٽي، گهر، بنگلا، زرعي زمينون ويندي ڪارخانا به پناهگيرن کي الاٽ ڪيا ويا، اهي ئي  سبب هئا جو انهن پاڪستان جي تاريخ ۾ سنڌين جي قرباني جو ذڪر نه ڪري پنهنجي بدنيتي ۽ بي ايماني جو ثبوت ڏنو ۽ تڏهن کان ئي هنن جو سنڌ خلاف سازشون ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ هلنديون پيون اچن. هجرت ڪري آيل اردو تاريخ دانن جي تعصب جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته سورهيه بادشاھه سان گڏ سر شاهنواز ڀٽو جي والد مير مرتضيٰ ڀٽو کي به شعوري طور نظر انداز ڪري تاريخ جي صفحن ۾ گم ڪري ڇڏڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. مير مرتضي’ ڀٽو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڏاڏو هو جيڪو انگريز سرڪار جي ايجنٽن جي هٿان شهيد ڪيو ويو، جيڪو انگريز سرڪار خلاف ويڙهه وڙهندي ۽ مزاحمت ڪندي افغانستان وڃي رهيو ۽ بعد ۾ جڏهن سر شاهنواز جي ننڍي عمر وقت انگريز سرڪار انهن جي گهرن کي باهيون ڏيئي ساڙائي بي گهر ڪري ڇڏيو ان ئي وقت بهاول پور رياست جي امير ميرمرتضيٰ ڀٽو کي افغانستان مان واپس اچڻ جي صورت ۾ انگريزن خلاف جدوجهد ۾ ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪيو ان ڪري ميرمرتضيٰ ڀٽو واپس آيو ۽ بعد ۾ انگريز سرڪار پنهنجي ايجنٽس ذريعي کيس شهيد ڪرائي ڇڏيو ليڪن پناهگير ليکارين پاڪستان لاءِ لکيل اهڙي ڪنهن به تاريخ ۾  سندس ذڪر ڪرڻ مناسب نه سمجهيو آهي.

قيام پاڪستان کان پهرين انگريز سرڪار هڪ فيصلي تحت فوج ۾ سنڌين کي ڀرتي ڪرڻ ۾ باقاعده پابندي هڻي ڇڏي هئي، ان جو سبب صرف اهو هو ته انگريز سرڪار کي پوري برصغير ۾ وڌ ۾ وڌ مزاحمت ۽ مقابلو فقط سنڌ ۾ ڏسڻو پيو هو، کين اها پڪ هئي ته سنڌ جو هر نوجوان، هر ٻار، هر عورت توڙي مرد سنڌ پرست ۽ ويڙهو آهي، ان ڪري جيڪڏهن هو فوج ۾ شامل ٿيا ته اهي ڪنهن به وقت انگريزن خلاف بغاوت به ڪري سگهن ٿا، ان ڪري انهن جي فوج ۾ ڀرتي قابل قبول ڪونه هئي، ڇوته جيڪي ڪجهه انگريز سرڪار کان اڳ فوج ۾ سنڌي شامل هئا انهن جي مزاحمت جو انگريز سرڪار اڳ ۾ ئي مقابلو ڪري چڪي هئي ڇو ته انگريزن جي قبضي وقت سنڌ ۾ موجود حڪومت جي سپاهين پنهنجي ڌرتيءَ تي قبضي خلاف ويڙھه ۾ پنهنجيون جانيون ڏئي ڇڏيون هيون.

جيڪي ٿورا گهڻا سنڌي انگريز فوج ۾ شامل ٿيا سي پڻ وقت بوقت انگريزن خلاف بغاوتون ڪندا رهيا.

 بغاوت جو اهو سلسلو جاري رهيو. سنڌي سپاهين جي پهرين بغاوت 1857ع ۾ ٿي ۽ ٻي بغاوت 1898ع ۾ انگريز سرڪار خلاف نيوي ۽ زميني فوج ۾ مقرر ڪيل سنڌي سپاهين ڪئي جنهن کانپوءِ انگريز سرڪار سنڌين کي فوج ۾ ڀرتي تي باقاعده پابندي وڌي جيڪا هن ملڪ جي قيام کان پوءِ به ڪافي عرصو جاري رهي ۽ ڪافي سالن تائين هلندي رهي ۽ ان جو نقصان به سنڌين کي پوندو رهيو پر تاثر وري اهو ڏنو ويو ته سنڌي فوج ۾ وڃڻ نٿا چاهين ليڪن سچ اهو آهي ته جڏهن به سنڌين کي فوج ۾ ڀرتي لاءِ سڏيو ٿو وڃي ته اتي وڏيون وڏيون قطارون نظر اينديون آهن. حيرت جي ڳالهھ ته اها آهي جيڪا اڳئين ڪالم ۾ پڻ مون لکي هئي ته انگريز سرڪار خلاف بغاوت ڪندڙ حر قيدين کي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به ڪيترن ئي سالن تائين قيد ڪيو ويو ۽ کين تيستائين آزاد نه ڪيو ويو جيسيتائين سندن سزائون پوريون نه ٿيون، انهن قيدين مان ڪيترائي قيدي جيل ۾ مري ويا پر کين آزاد نه ڪيو ويو! فوج ۾ جيڪي آفيسر ورهاست کانپوءِ پاڪستان جي حصي ۾ آيا انهن پڻ انگريزن جي ان عمل جي پوئيواري ڪئي. 1971ع تائين يعني اندازن 24 سالن تائين سنڌين جي فوج ۾ ڀرتي انگريزن جي اصول هيٺ رهي، ٻئي طرف پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ بيوروڪريسي ۽ آفيسر شاهي ۾ سنڌين سان تعصب جو رويو رکيو ويو،

هندستان مان هجرت ڪندڙن جو تعداد هر لحاظ کان وڌيڪ هو، انڪري انهن اهڙي قسم جون پاليسيون ٺاهيون جنهن سان سنڌ جي مستقل رهائشين جي مفادن کي شديد نقصان پهچايو ويو، جيڪو پڻ پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ ۽ ڪافي عرصي تائين جاري رهيو. سنڌين سان ڪيل ان سلوڪ جا ذميوار انگريز سرڪار جا مقرر ڪيل اهي ايجنٽ هئا جيڪي هجرت ڪري ايندڙ پناهگير هئا، جيڪي پڙهيل لکيل هئا ۽ انهن جو اولاد اڄ به اسان کي اڻ پڙهيل هجڻ جي لقبن سان نوازي پاڻ لاءِ نفرت جو دروازو کولي رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته اسان سنڌ وارن پاڪستان ٺاهڻ لاءِ ڪوبه ڪردار ادا ڪونه ڪيو آهي. جڏهن ته مون تاريخي حوالن سان مٿي بيان ڪيل واقعن ۽ ڪردارن جي ذڪر ڪري اهو به ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌين مسلم ليگ جي ڪاميابي جي لاءِ ڪهڙيون ڪوششون ڪيون ۽ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ به قابل قدر ڪوششون ڪيون ۽ ڀرپور ڪردار پڻ ادا ڪيو. سنڌين انگريز سرڪار جي قبضي خلاف جيڪا مزاحمتي جدوجهد ڪئي ان کي مڪمل طور فراموش ڪيو ويو آهي جيڪا ڳالھه تاريخ سان مذاق ڪرڻ ۽ ان کي مسخ ڪرڻ جي مترادف آهي، پر آئون ايندڙ تحريرن ۾ پاڪستان جي قيام کان پوءِ هتي هجرت ڪري ايندڙ پناهگيرن جي تعصب ۽ ڌرتي ڌڻين جي مستقل مفادن تي قبضا ڪرڻ وارن منحوس منصوبن کي وڌيڪ چٽو ۽ پڌرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، ان لاءِ ته جيئن سنڌ جي ايندڙ نسلن کي پنهنجي ۽ پرائي جي چڱيءَ ريت پروڙ پئجي سگهي.