ڇا اسين لنڊا بازار ۾ رهون ٿا ؟

0
705
ڪارو رنگ

 سوشل ميڊيا  تي هڪ وڊيو ڏٺي، جنهن ۾ هڪ شخص موٽيويشنل تقرير ڪري رهيو هو. هن پڇيو ته شينهن جهنگ جو بادشاهه ڇو آهي؟ نه هو خوبصورت آهي، نه ٻين جانورن کان تيز، نه عقلمند، نه طاقتور. هن مثال ڏنو ته جيڪڏهن هاٿي ۽ شينهن آمهون سامهون اچي وڃن ته انهن جي ذهني ڪيفيت ڇا هوندي؟ هاٿي اهو سوچيندو ته ڪيئن پنهنجي جان بچايان، حالانڪه هو شينهن کان وڌيڪ وڏو ۽ تمام گهڻو طاقتور آهي ۽ جيڪڏهن شينهن کي پنهنجي پير هيٺان ڏئي ڇڏي يا سونڍ سان شينهن کي پري اڇلي ته شينهن جي حالت خراب ٿي وڃي پر هو پنهنجي جان بچائڻ جي سوچي ٿو ۽ دفاعي پوزيشن اختيار ڪري ٿو، جڏهن ته شينهن جي ذهني ڪيفيت اها هجي ٿي ته اچي ويو منهنجو شڪار، ان کي ڪيئن قابو ڪريان ۽ هو جارحاڻي پوزيشن اختيار ڪري ٿو. آخر ۾ اهو شخص چوي ٿو ته هي اهي رويا آهن جيڪي شينهن کي جهنگ جو بادشاهه ٺاهين ٿا ۽ هاٿي کي هڪ عام جانور.

  قومن جي حالت به ڪجهه اهڙي ئي هجي ٿي، جيڪي قومون اهو سوچي وٺن ته اسان کي دنيا فتح ڪرڻي آهي، ته انهن جا رويا ئي بدلجي وڃن ٿا، جيئن اڄ جي دور جا چيني، حالانڪه انهن کي اسين اوڻويهين يا ويهين صدي جي انگريزن جي اسٽينڊرڊ تي پرکيون ته اهي فوجي بڻجڻ جا به اهل ناهن، نه قد، نه سينو، پر جڏهن هنن فيصلو ڪري ڇڏيو ته اسان کي دنيا تي حڪومت ڪرڻي آهي ته هنن جا رويا ئي بدلجي ويا، هو اهو نه پيا سوچين ته ڪري سگهنداسين يا نه بلڪه هو اهو پلان ڪري رهيا آهن ته ڪيئن اسين جلد کان جلد دنيا جا سپر پاور ٿيون. مطلب هنن پنهنجي پاڻ کان نفسياتي جنگ کٽي ورتي آهي، هاڻي ڪا به جنگ هنن لاءِ مشڪل ناهي، ٻئي پاسي اسان جهڙيون قومون آهن، جن کي يقين ٿي ويو آهي ته  ڪجهه بدلجڻ وارو ناهي، تنهن ڪري جهڙي زندگي گذري پئي گذاريون، پنهنجي هر ڪمزوري ۽ نالائقي جو الزام قسمت تي هڻو يا وقت جي حڪمرانن تي، جيڪڏهن سٺو محسوس ڪرڻو آهي ته ماضي جا ڪوڙا سچا قصا پڙهي دل کي تسلي ڏئي ڇڏيون ٿا ته اسين نه ته ڇا ٿيو، اسان جا بزرگ ته ڪامياب هئا، اها ته وقت جي ستم ظريفي آهي جو اسين ان حالت ۾ آهيون.

پوءِ غم غلط ڪرڻ جي لاءِ عربي ۽ فارسي شاعرن کان اڌارا ورتل خيالن تي ٻڌل شعر پڙهي حلب جي آرسي ۾ پنهنجي معصوم شڪل ٺاهي هڪ زوردار آهه ڀري چئون ٿا آه آغا آه! حال ئي ۾ مونکان اڄ جي عمر و عيار هڪ سوال ڪيو ته ڇا سبب آهي ته دنيا جي چند ڏهاڪن ۾ پکڙجندڙ مسلمان، جن جي دعويٰ آهي ته انهن جو دين تاقيامت تائين آهي ۽ هر دور جي سمورن ماڻهن جي لاءِ نصيحت آهي. پوءِ ڇا سبب آهي جو اوهان جي قول و فعل ۾ فرق آهي؟ پنهنجي بازارن ۾ ويٺل شخص جو حليو ڏسو ۽ ان جي ماپ تور کي به، جيڪڏهن اوهان جو دين سڀني جي لاءِ آهي ته پوءِ اوهان صرف پنهنجي ڳالهه ڇو ٿا ڪريو؟ ٻين کي ته ڇڏيو، ڪورونا کان بچڻ جي لاءِ  اوهان وٽ پنهنجي ماڻهن جي لاءِ ڪا دوا ناهي، جن کي هر وقت لعنت ملامت ڪريو ٿا انهن جي ئي ٺاهيل دوائن سان پنهنجو علاج ڪريو ٿا ڪيئن ڪو توهان جي قول ۽ فعل کي ڏسي مسلمان ٿئي؟ مون کلي چيو، اوهان به اهڙي انسان کان سوال پڇيو ٿا جنهن جو علم سطحي آهي، جيڪو  خود پنهنجي ذهن ۾ اٿيل سوالن جا جواب ڳولي رهيو آهي، مون جواب ڏنو ته الله جو اهو فرمان مونکي هاڻي سمجهه ۾ آيو آهي ته  “مون علم کي مفلسي ۽ سفر ۾ لڪائي رکيو آهي” هي مسلمان مفلس هو ته هن جيئڻ جو هنر سکيو، سفر ڪيو، علم حاصل ڪيو ۽ دنيا تي ڇانئجي ويو.

دين جڏهن اسان تائين پهتو ته خلافت جي دور ۾ نه بلڪه ملوڪيت جي دور ۾. اوهان ته ڄاڻو ٿا ته بادشاهه پنهنجي پاڻ کي ڇا سمجهندا هئا، تنهن ڪري اسان کي حڪم ٿيو ته پڙهڻو صرف عربي ۾ آهي، اهو ئي سبب آهي جڏهن اصحابِ ڪهف جو ذڪر ٿيندو پيو آهي  اسين الهي آمين چئي رهيا هوندا آهيون، نه اسان کي ڪنهن چيو نه اسان ڪڏهن ڪوشش ڪئي ته پنهنجي زبان ۾ دين کي سمجهيون، جنهن ڏينهن اسان قرآن کي سنڌي ۽ پنهنجي ٻين زبانن ۾ ترجمي ۽ تفسير ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ شروع ڪيو، ان ڏينهن هي ننڍيون ننڍيون سلطنتون تباهه ٿي وينديون، جڏهن اسان کي خبر پوندي ته حقوق الله ته چند آهن، پورو قرآن حقوق العباد سان ڀريو پيو آهي، خدا جو حق يعني روزو نه رکي سگهو ته ان جو ڪفارو مسڪينن کي کاڌو کارائڻ آهي ته دنيا جي ايجادن ۾ اسان جو حصو سڀني کان گهڻو هوندو، اسان جا رويا شينهن جهڙا ٿي ويندا.

ڪجهه ڏينهن پهرين آئون پنهنجي ڳوٺ ۾ هئس مون پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري ۽ هاءِ اسڪول ۽ ڪجهه فاصلي تي ٻئي هاءِ اسڪول جو دورو ڪيو، ان جي باري ۾ پوءِ ڪڏهن لکندس، هڪ اسڪول ۾ جڏهن  مون هڪ ٻار کان سندس پورو نالو پڇيو ته هو چپ ٿي ويو، مون هن کي پاڻ ڏانهن گهرايو جڏهن مون هن کان اهو ئي سوال ٻيهر پڇيو ته سردي ۾ به ان ٻار جي نراڙ ۽ چپن جي مٿان پگهر جا قطرا ظاهر ٿي ويا ۽ خوف سبب سندس اکيون ٻاهر اچي ويون، ان جي اها حالت ڏسي  مونکي ايتري تڪليف ٿي جو بيان نٿو ڪري سگهان. ، شايد ان جي جاءِ تي منهنجو پنهنجو پٽ به هجي ها ته مونکي ايتري تڪليف نه ٿئي ها، جيتري هن کي ڏسي ٿي، ان لمحي ۾ اسان ٻنهي پنهنجا ڳوڙها ڪيئن ضبط ڪيا اهو اسين ٻئي ئي ڄاڻون ٿا.

سنڌ منهنجو عشق آهي پر ان جا ٻار مونکي هن ڌرتي کان به وڌيڪ پيارا آهن، جيڪڏهن ڪو مونکان سنڌ ۽ ان جي ٻارن مان هڪ چونڊ ڪرڻ جو چوي ته آئون چوندس ته  انهن ٻارن سان مونکي سنڌ جي ڌرتي کان به وڌيڪ محبت آهي.  آئون هاڻي به ان ٻار جي چهري جي تاثرن کي ڏسي سگهان ٿو، شايد هو ڪجهه ڏينهن ۾ اهو سڀ ڪجهه وساري ويهي پر منهنجي لاءِ هي سڄي زندگي جو روگ بڻجي ويو آهي، بظاهر ته اها ڪا وڏي ڳالهه نه هئي، سوال هي پيدا ٿئي ٿو ته  منهنجي قوم جو پٽ  پنهنجي استادن جي سامهون مونسان ڳالهه ڪرڻ کان خوفزده ڇو هو؟ ڪنهن هن جي ذهن کي خوف سان ڀري ڇڏيو آهي؟ جن جي ذهنن ۾ خيال ۽ سوال هجڻ گهرجن، جن جي اکين ۾ مستقبل جا خواب هجڻ گهرجن، ان جي اکين ۾ پنهنجي ڪلاس ۾ هڪ اجنبي کي ڏسي خوف سبب ڳوڙها ڇو اچي ويا؟ هي معاشري جا رويا آهن جن هن  کي شينهن بڻجڻ جي بجاءِ گدڙ بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪو پنهنجي ئي خوف کان هيڏانهن کان هوڏانهن ڊوڙندو رهي ٿو.

مونکي ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته اسين هن حسين وادي سنڌ ۾ نه پر لنڊا بازار ۾ رهون ٿا، جتي هر شيءَ پراڻي آهي، هر شيءَ استعمال شده آهي، اسان جي رهڻي ڪهڻي، اسان جو اٿڻ ويهڻ، پنهنجي ڪپڙن جي ڊزائن کان ويندي وارن جي اسٽائل تائين ٻين کان متاثر آهيون. “چون چون ڪِي مليان” مان اچي ڪو اسان کي ٻڌائي ٿو ته اسان کي ڇا ڪرڻو آهي، اسان کي ڇا ڏسڻو آهي، ڇا سوچڻو آهي، ڪيئڻ ڏسڻ ۾ اچڻو آهي، ڇا اسان جو ڪو وجود ناهي؟ ڇا اسان جا ڪي خيال، ڪي خواب ناهن؟ جنهن لنڊي بازار جي زندگي اسين گذاري رهيا آهيون، ڇا اسان جا نسل به اها ئي زندگي گذاري ڇڏيندا؟ ڇا اسان جا ٻار ڪڏهن سطحي ڳالهين کان اڳيان وڌي دنيا جي ايجادن تي به ڳالهه ڪندا؟ ڇا ڪڏهن انهن جي اکين ۾ خوف جي جاءِ تي ڪاميابي جا ڳوڙها به اڀرندا؟  ڇا اسين هميشه هنن کي اجهاميل مشعلون ڏينداسين يا ڪڏهن روشني سان به متعارف ڪرائينداسين. ڇا ڪڏهن اسين رات اچڻ جو جشن ملهائڻ جي بجاءِ (رات اسان کي سڀني کان لڪائي ڇڏي ٿي جو اسين اوندهه ۾ خود کي محفوظ سمجهون ٿا) پنهنجي ٻارن سان نئين صبح جو استقبال ڪنداسين؟ ڇا اسين پنهنجي نياڻين سان گڏ بزنس وومين يا هڪ وڏي آفيسر ٿيڻ جا خواب ڏسنداسين؟ ڇا دنيا ۾ اسين عزت جي مقام جي خواهش ئي ڪندا رهنداسين يا دنيا سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ۽ اکيون اکين ۾ وجهي پنهنجي خيالن کي اسٽارٽ اپ جي شڪل ڏينداسين؟

رويا ئي انسانن کي سٺو، خراب، طاقتور يا ڪمزور بڻائين ٿا، زندگي جو جيڪڏهن ڪو مقصد نه هجي، ڪا منزل نه هجي ته انسان سفر ۾ ئي بي يارومددگار، گمنام موت مري ٿو، جنهن جي قبر جو ڪتبو به ناهي هوندو، ڇا سنڌو ماٿري ٻيهر ڪڏهن عروج ڏسي سگهندي؟ ڇا ڪڏهن اسين موهن جو دڙو کان اڳتي سوچي سگهنداسين؟ ڇا اسين خواب ڏسي سگهنداسين؟ مونکي يقين آهي ته اهو ممڪن آهي، مونکي هڪ فلم جو ڊائلاگ ياد اچي رهيو آهي، هڪ ڇوڪري جڏهن نوڪري لاءِ انٽرويو ڏيڻ ويندي آهي ته انٽرويو وٺڻ وارو شخص پڇي ٿو ته اوهان ته تمام گهٽ عمر جون آهيو، هينئر اوهان زندگي کي انجواءِ ڪريو، جنهن تي ڇوڪري چوي ٿي ته سر منهنجو والد چوندو هو ته منزل جيترو پري هجي سفر اوترو جلد شروع ڪرڻ گهرجي. جنهن ڏينهن اسان جي ٻارن زندگي ۾ ٽارگيٽ سيٽ ڪري ورتا، جنهن ڏينهن ڪلرڪ، چوڪيدار جون درخواستون ڦاڙي گهر جي چلهه ۾ ساڙي ڇڏيون، جنهن ڏينهن هنن پنهنجا ڪاروبار شروع ڪرڻ جو سوچيو، جنهن ڏينهن هنن اهو چيو ته چنڊ تي ته ڇا سج تي به پير رکڻ ممڪن آهي، تڏهن سنڌ جي ترقي کي دنيا جي ڪا به طاقت روڪي نٿي سگهي، ڇاڪاڻ طاقت (نوجوان) فيصلو ڪري ڇڏيو هوندو ته اسان کي دنيا فتح ڪرڻي آهي ان ڏينهن قابضين جو دور ختم ٿي ويندو، فاتحن جو دور شروع ٿيندو، جڏهن سنڌ جا پٽ، ڌيئرون دنيا فتح ڪرڻ نڪرندا.