رياست مدينه واري ڳالهه

0
178
گريٽر ٿل ڪئنال ٺاهڻ لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ

  پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان روزاني اُمت ۾ هڪ مضمون لکيو جنهن جو عنوان هو “رياست مدينه جو روح ۽ پاڪستاني معاشري کي نئون ٺاهڻ” انهيءَ مضمون ۾ پنج ڳالهيون ڪيون ويون آهن پر انهن ڳالهين جو تجربو ڪرڻ کان پهرين ڏسون ته عمران خان جو مذهب ڏي لاڙو ڇو ٿيو؟ انهيءَ ۾ هيٺيون ڳالهيون اهم آهن.

  • هو لاهور جي انگريزي ميڊيم اسڪول ايچسن (Eichison) ۾ داخل ٿيو ۽ اُتان پڙهيو.
  • هو انگريزي ماحول ڪري پاڻ کي ٻين کان بهتر سمجهندو هو.
  • هن قرآن نه پڙهيو پر مولوي کان چورايائين ته هو قرآن پڙهيو هو.
  • هن جي ماءِ جي روحاني پيشوا هن جي ماءُ کي ٻڌايو هو ته هُن قرآن نه پڙهيو جنهن تي اچرج لڳي ته مولوي هُن کي قرآن نه پڙهايو هو. هن بزرگ کي ڪيئن خبر پئي ته هُن قرآن نه پڙهيو هو ڇا ڪو ماڻهو گذريل ڳالهين بابت به ٻڌائي سگهي ٿو؟.
  • تنهن کانپوءِ هن کي ڏاڙهي منڊيل هڪ شخص مليو جنهن جو نالو ميان بشير هو. هن ان کي ٻڌايو ته تنهنجي ماءُ ننڍي هوندي قرآن جون ڪجهه آيتون پڙهي توتي شوڪاريندي هئي ۽ انهي ڪري تون گهڻين مصيبتن کان محفوط رهندو هئين. هن کي امان ٻڌايو ته هو برابر ايئن ڪندي هئي جنهن تي هن کي اچرج لڳو ته انهي همراهه اها ماضي جي ڳالهه هن کي ڪيئن ٻڌائي؟
  • وري منهنجي فيملي بابت هُن ڪيتريون ڳالهيون ٻڌايون جيڪي سچ هيون هن کي وڏي حيراني ٿي ته هُن کي اهي ڳالهيون ڪيئن معلوم ٿيون؟
  • جڏهن ميان بشير کان پڇيو ويو ته هن کي اهي ڳالهيون ڪيئن معلوم ٿيون ته هن جواب ڏنو ته “هي الله جي مرضي هئي.” هن سان ملڻ ڪري مونکي معلوم ٿيو ته “الله برابر آهي.” ميان بشير سال 2005ع ۾ گذاري ويو.
  • سال 1988ع ۽ 1989ع ۾ انگلستان ۾ رهندڙ سلمان رشدي هڪ ڪتاب لکيو جنهن جو عنوان هو (Satanic Verses)جنهن سان مسلمانن ۾ تمام گهڻي ڪاوڙ ٿي.
  • هن انهيءَ وچ ۾ اقبال کي به پڙهيو جنهن جو چوڻ هو ته اسان کي انصاف واري سوسائٽي پيدا ڪرڻ کپي.
  • هن جي علامه اقبال جي پوٽي يوسف صلاح الدين سان به دوستي هئي جنهن جو چوڻ هو ته بنياد پرست (Fundamentalist) ٿي ويو هو، جنهن ڪري هن جو لاڙو مذهب ڏي ٿي ويو هو.
  • هن جو ڪرڪيٽ راند سان واسطو هو. انهي زماني ۾ فضل محمود جو وڏو نالو هو. جڏهن هو مئو ته تنهن کانپوءِ هو الله ڏي لڙيو.
  • 1985ع ۾ هن جي والده جو ڪينسر وگهي موت ٿي ويو. هو علاج لاءِ هُن کي لنڊن وٺي ويو پر هن جو موت واقع ٿي ويو جنهن تي انهيءَ جي يادگيري ۾ هن “شوڪت خانم اسپتال” لاهور ۾ ٺهرائي. تنهن کانپوءِ هو پشاور ۽ ڪراچي ۾ به ساڳي معيار جي اسپتال تعمير ڪرائي پيو.
  • هُن سوچيو ته “اسان جي جياپي جو ڪارڻ ڇا آهي ۽ مرڻ کانپوءِ اسان جو ڪهڙو معاملو ٿيندو””

مٿين ڳالهين مان خبر پوي ٿي ته هُن جو مذهب ڏي لاڙو پهرين عمر ۾ ئي شروع ٿي چڪو هو. جنهن کي هوريان هوريان هُن وڌايو.

هن جي اثر ۾ هيٺيون مايون مسلمان ٿيون:

  1. (kristiane Backen) جنهن ڪتاب لکيو (From MTV to Meeca) جنهن ۾ هن عمران خان جو ذڪر ڪيو آهي ته هو ان سان ملڻ ۽ ڳالهيون ٻڌڻ ڪري مسلمان ٿي.
  2. ٻيو (Yuanne Pidly) آهي جيڪا انهيءَ جي هٿ تي مسلمان ٿي، اهي ڳالهيون هن پنهنجي ڪتاب Initands of Taliban ۾ لکيون. اهي ٻئي صحافي (Journalist) عورتون هيون.

مٿئين ڄاڻ مون عمران خان جي ڪتاب Pakistan personal history تان ورتيون آهن. جيڪا ذري گهٽ ان جي آتم ڪهاڻي آهي.

عمران خان جون پنج ڳالهيون:

هاڻي اچو عمران خان جي پنج ڳالهين تي:

  1. پهرين ڳالهه: توحيد (الله جي هيڪڙائي)

اها ڳالهه قرآن مجيد تان ورتل آهي. جنهن ۾ الله جي وحدت سان گڏ وحدت آدم اسلام جو سڀ کان اهم اصول آهي جنهن ۾ هر رنگ ۽ نسل جو ماڻهو اچي وڃي ٿو. جڏهن مختلف گروهن کي گڏ ڪنداسين جنهن ۾ عيسائي، يهودي ۽ مائبي به شامل هئا ۽ حضور صه انهن سڀني کي گڏ ڪيو ۽ رياست مدينه ۾ سماجي سطح تي گڏجي ويا.

  1. قانون جي حڪمراني:

انهيءَ ۾ انصاف ۽ اهليت جي بنياد تي ماڻهن جي چونڊ ٿئي ٿي. حضور صه پاڻ فرمايو ته ڪوئي به قانون کان مٿڀرو ناهي. پاڻ صه فرمايو ته اهي معاشرا برباد ٿي وڃن ٿا جتي ٻه طرح جا قانون هجن. اميرن لاءِ هڪڙو ۽ غريبن لاءِ ٻيو. انهن معاشرن ۾ جيڪڏهن ڪو امير چوري ڪري ٿو ته ان کي ڇڏيو وڃي ٿو پر غريب جي چوري ڪري ٿو ته انهيءَ کي سزا ڏني وڇي ٿي. پاڻ فرمايائون ته جيڪڏهن منهنجي ڌيءُ فاطمه به چوري ڪري ته ان جو به هٿ ڪپيو ويندو. جيڪي ملڪ امير آهن اتي وسيلا هوندي به اهي غريب آهن جو اتي قانون جي بادشاهي ڪونهي.

  1. ٽيون اصول. “امر بالمعروف ۽ نهي عَنِ المنڪر” جو تصور:

نيڪي جو حڪم ڏيڻ ۽ براين کان بچڻ. اها معاشري جي ڀلائي لاءِ ضروري آهي جيستائين اسان انهيءَ تي عمل نه ڪنداسين گهربل نتيجا حاصل نه ٿيندا.

  1. فلاحي رياست ٺاهڻ لاءِ اجتماعي ترقي:

رياست مدينه دنيا جي اها رياست هئي جنهن رياست جي ڪمزور طبقن جي ذميواري کنئي  اسان کي کپي ته پنهنجي رسول صه جي سنت تي عمل ڪيون.

  1. علم جي بنياد تي قائم ٿيڻ وارو معاشرو:

دنيا جي جن ملڪن ۾ جتي سڀني کان وڌيڪ ڏوهه ٿين ٿا اتي ڏٺو ويو آهي ته ماڻهو گهڻو ڪري گهٽ پڙهيل ٿين ٿا. پر رڳو ماڻهن جو گهڻو پڙهڻ ئي هڪ سُٺي معاشري لاءِ ضروري ناهي. تنهن ڪري قبر کان محشر تائين اهڙو معاشرو کپي جتي علم ضروري هجي پر روحاني ترقي جو به ضامن هجي. اصل ڳالهه آهي پنهنجي نفس تي قابو پائڻ، انهيءَ لاءِ صبر، تحمل، ماڻهن سان ڏي وٺ ۽ ٻين جي مدد وارا قاعدا عمل ۾ اچن.

عمران خان جو مدينه واري رياست ٺاهڻ لاءِ مختلف قدم:

اڃان تائين جيڪي قدم کنيا آهن سي هي آهن:

  1. پنهنجي شهرين جي ذميواري قبول ڪرڻ ته هن جي فلاح و بهبود رياست جي ذميواري آهي انهيءَ ڏس ۾ “صحت سهولت پروگرام” پاڪستان جي اهم منصوبن مان هڪڙو منصوبو آهي جنهن غريب ماڻهن کي قرض وٺي علاج ڪرائڻ بدران ملڪ ۾ پرائيويٽ اسپتالن جو اهڙو نيٽ ورڪ وجود ۾ آڻڻ آهي جيئن عام ماڻهن جو ڀلو ٿئي، پنجاب حڪومت انهيءَ منصوبي لاءِ 400 ارب رپيا رکيا آهن.
  2. ڪورونا جي بيماري ڪري دنيا جي معيشت تباهه ٿي وئي آهي پر تنهن هوندي به اسان غريب ماڻهن لاءِ تعليمي اصلاحات کي نطر انداز نه ڪيو آهي. اسان جو احساس پروگرام انهيءَ ڳالهه کي ضرور اهم بڻائيندو ته غريب ۽ نادار ڇوڪرين ۽ ڇوڪرين کي سٺي تعليم ملڻ گهرجي ته هو پنهنجي لائيف جي معيار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ انهن وٽ وڌيڪ آپشن هجن. ٻين ڳالهين سان انهيءَ پروگرام هيٺ 60 لک وظيفا ڏنا پيا وڃن جن جي ڪل رقم 47 ارب رپيا ٿئي ٿي. وري عمران خان چوي ٿو ته مان انهيءَ نڪتي تي زور ڏيندس ته پاڪستان کي جيڪي چئلينج آڏو آهن ان ۾ يڪدم خيال ڏيڻ قانون جي احترام جو چئلينج آهي. اسان کي انهيءَ لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ ڪرڻي پوندي. اسان جي 75 سالن جي تاريخ انهيءَ ڪلچر جي قيدي رهي آهي جنهن ۾ طاقتور ۽ مڪار سياستدان ۽ مافيا ان جا عادي ٿي چڪا آهن ته هو قانون کان مٿڀرو رهي ان ڪرپٽ سسٽم جي مدد سان حاصل ڪيل سهولتن ۽ مراعات جو تحفظ ڪري سگهن. انهيءَ رياستي ادارن کي به ڪرپٽ بڻائي ڇڏيو آهي خاص طرح انهن ادارن کي به جن جو ڪم ته قانوني جي احڪامن ۽ حاڪميت جو تحفظ آهي. اهي ماڻهو مالياتي ادارن کان خون چوسڻ واريون ڄورون آهن ۽ اهي هن ملڪ سان وفادار ناهن. پاڪستان جي حقيقي طاقت وسيلن ۽ صلاحيتن کي ڪار آمد بڻائڻ لاءِ انهن کي شڪست ڏيڻ ضروري آهي.

عمران خان جي حڪومت پنج سالن مان ساڍا ٽي سال پورا ڪيا آهن. اڳتي ڏيڍ سال ۾ هو ڇا ٿو ڪري اهو ڏسڻ ضروري آهي. ٿي سگهي ٿو ته هو انهيءَ سلسلي ۾ ڪامياب ٿي وڃي. شاهه صاحب چئي ويو آهي:

ڪت به ڪتب به، اڳيان توريندڙ تکا،

اگهي ته پاءُ نه ته مڻن کي به موٽ ٿي.