پشاور زلمي جا 2 رانديگر ڪامران اڪمل ۽ ارشد اقبال ڪورونا ۾ مبتلا

0
219
پشاور زلمي جا 2 رانديگر

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پشاور زلمي جا 2 رانديگر ڪامران اڪمل ۽ ارشد اقبال جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچي وئي. ان کان اڳ ٻنهي رانديگرن کي اسڪواڊ جو هصو بڻجڻ جي منظوري ڏني وئي هئي. پي سي بي ٻنهي ڪرڪيٽرن جي ڪورونا پازيٽو ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

ڪووڊ 19 ٽيسٽ جي رپورٽ مثبت اچڻ تي ٻنهي رانديگرن کي فوري طور تي آئسوليٽ ڪيو ويو آهي. ان جي جاءِ تي پشاور زلمي امام الحق ۽ حماد بٽ کي پنهنجي اسڪواڊ ۾ شامل ڪري ڇڏيو. ايونٽ ٽيڪنيڪل ڪاميٽي ٻنهي رانديگرن جي اسڪواڊ ۾ شموليت جي منظوري ڏئي ڇڏي.