حڪمرانن جي نعرن سان عوام جا مسئلا حل نه ٿيندا

0
185
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سردي جي موسم ۾ سياسي گرمي وڌي رهي آهي،مارچ اڃان نه آيو آهي پر مارچن جون ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن،مارچ شروع ڪرڻ جا اعلان به وري اهي ڪري رهيا آهن جيڪي حڪومتن ۾ به آهن.حڪومتون هوندي ڪارڪردگي ذريعي عوام کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ بدران وري به سياسي نعرن جو سهارو ورتو پيو وڃي، جنهن ذريعي هڪٻئي تي الزام تراشي ڪري پنهنجي حسابن جو ڪتاب ڏيڻ کان ڄڻ ته جان آجي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.اهو به هن ملڪ جي سياست جو ئي ڪمال آهي جو حڪومت وارا به ايئن لڳندا آهن ڄڻ  مخالف ڌر ۾ هجن ۽ ايستائين جو هاڻي ته اها چوڻي عام ٿي وئي آهي ته وزيراعظم اڃان تائين ڪنٽينر جي سياست ڪري رهيو آهي. مطلب حڪومت هوندي ڪجهه ڪرڻ بدران اڃان به عوام کي نعرا ڏنا پيا وڃن. حڪومت هوندي عوام آڏو پنهنجي ڪارڪردگي رکڻ بدران مارچن تي زور ڏنو پيو وڃي جيڪو هر سياسي ڌر جو حق آهي پر جڏهن ڪير حڪومت ۾ آهي ته ان کي انهي سياسي واٽ بدران انتظامي ۽ حڪومتي سطح تي ڪوششون ڪري عوام جا مسئلا حل ڪرڻ تي وڌيڪ توانايون وڃائڻ گهرجن.

پيپلز پارٽي ڀاڻ جي کوٽ ۽ هارين جي ٻين مسئلن لاءِ ٽريڪٽر مارچ ڪيو جڏهن ته وفاقي حڪومت خلاف 27 فيبروري کان مزار قائد کان  اسلام آباد ڏانهن مارچ جو اعلان ٿيل آهي.هوڏانهن پي ٽي آءِ  وري سنڌ حڪومت جي بلدياتي نظام خلاف مارچ جو اعلان ڪيو آهي جنهن تي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي اهو به چيو هو ته پ پ وارا اسلام آباد پيا اچن اسان ڪراچي پيا وڃون واٽ تي ملاقات ٿي ويندي،سو لڳي ٿو اهي مارچ ڪٿي ڪو ٽڪراءُ پيدا نه ڪن.سياسي هلچل، پنهنجي ڪارڪنن کي سرگرم رکڻ ۽ عوام کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ  سياسي پارٽين جو حق آهي ۽ سياسي پارٽيون اهو ڪم ڪنديون رهنديون آهن پر جڏهن معاملو عوام جي دلچسپي ۽ ان کي سهولت ڏيڻ جو هجي ته سياسي پارٽيون اهي به جيڪي حڪومت ۾ هجن انهن کي پنهنجي ڪارڪردگي سان عوام جي زندگي ۾ سهولتون پيدا ڪرڻ لا ءِڪوششون ڪرڻ گهرجن. پي ٽي آءِ وفاق سميت ٽن صوبن ۾ حڪمراني ڪري رهي آهي جڏهن ته پ پ وٽ سنڌ حڪومت آهي ايئن ئي پي ٽي آءِ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ته پ پ جا وري قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ گهڻي تعداد ۾ ميمبر آهن پر  ٻنهي پارٽين جي حڪومتن جي ڪارڪردگي کي ڏسجي ته اهي عوام وٽ پنهنجي ڪارڪردگي ذريعي وڃڻ بجاءِ سياسي نعريبازي کي استعمال ڪري رهيون آهن.

ڀاڻ مهانگو ٿيڻ ڪري هارين ۽ آبادگارن کي تڪليف ٿي رهي آهي پر ياد رکڻ گهرجي ته زراعت به صوبائي سبجيڪٽ آهي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي اها انهن هارين ۽ آبادگارن جي زندگي ۾ بهتري آڻڻ لاءِ سنڌ سطح تي به قدم کڻي سگهي ٿي ايئن ئي پي ٽي آءِ سنڌ اسيمبلي ۾ موجود آهي جيڪڏهن انهي کي بلدياتي قانون ۾ ڪي کوٽون نظر اچن ٿيون ته پي پي حڪومت بار بار چئي رهي آهي ته اها ڳالهين لاءِ تيار آهي جيڪڏهن سنجيدگي سان ان قانون کي بهتر بڻائڻ لاءِ مخالف ڌر تجويزون ڏيندي ته ان تي غور ڪيو ويندو،پر ٻئي ڌريون ٻيو قدم کڻڻ بدران سياسي پوائنٽ اسڪورنگ واري واٽ وٺي  رهيون آهن جنهن ڪري ڪو ٽريڪٽرمارچ ڪري رهيو آهي ته ڪو وري بلدياتي قانون خلاف گهوٽڪي کان ڪراچي ڏانهن مارچ شروع ڪري رهيو آهي .

اسان سمجهون ٿا ته حڪومتن جو ڪم پنهنجي حڪومتي ۽ انتظامي صلاحيتن ذريعي عوام کي فائدو پهچائڻ هوندو آهي جڏهن ٻئي ڌريون حڪومت ۾ موجود آهن ته کين انهي پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي ان لاءِ اسيمبلي کان وڌيڪ بهتر پليٽ فارم نه ٿو ٿي سگهي ۽ اهي گڏجي انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ بهتر قانون سازي ۽ فيصلا ڪري سگهن ٿيون.باقي روڊن تي ته رڳو نعرا ئي هوندا آهن ۽ نعرن سان عوام جا مسئلا حل نه ٿي سگهندا آهن.