جڏهن دنيا پرنٽ ميڊيا کان موڪلائي رهي هئي تڏهن “پنهنجي اخبار”آڻڻ جون ڪوششون ٿي رهيون هيون،پنهنجي نالي وانگر هي منفرد اخبار به منفرد انداز ۾ آئي ۽ صحافت جي سمورين جدتن سان اچي نه رڳو پنهنجي حيثيت مڃرائي پر صحافت جي عالمي اصولن کي به برقرار رکيو ته صحافتي قدر نڀائڻ جي به هر ممڪن ڪوشش ڪئي. اڄ انهي اخبار جي ٻين سالگرهه آهي جنهن ڊجيٽل ميڊيا مان پرنٽ ميڊيا ڏانهن وک کنئي، عمومي طور ٿيندو اهو آهي ته ادارا پرنٽ کان اليڪٽرانڪ ۽ اليڪٽرانڪ کان ڊجيٽل ۽ آن لائين جنرلزم ڏانهن ويندا آهن پر ڀٽائي جي بيت وانگر “اک الٽي ڌار، ونءُ الٽو عام سين،لهوارو لوڪ وهي، تون اوچو وهه اوڀار ” پنهنجي اخبار ڊجيٽل ميڊيا کان شروعات ڪري پوءِ پرنٽ ميڊيا سان پنهنجو ناتو ڳنڍيو ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ به جدت کي برقرار رکندي پهرين ايڇ ڊي سيٽلائيٽ چئنل جي شروعات ڪئي جنهن جي اڄ پهرين سالگره آهي .
صحافت کي جيتروطاقتور سمجهيو وڃي ٿو، اتي اهو پروفيشن هڪ ذميواري جو به گهرجائو آهي جيتري ڪو ادارو يا گروپ وڌي ٿو ۽ عوام تائين وڌيڪ تعداد ۾ پهچي ٿو اتي ان جون ذميواريون به اوترو ئي وڌي وڃن ٿيون، اسان “پنهنجي اخبار” جي ٻين سالگرهه ۽ “ٽائيم نيوز” جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي اهو چوندي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون ته ٻه سال اڳ تائين جيڪو خيال رڳو ڊجيٽل ميڊيا تائين محدود نظر اچي رهيو هو اهو هن وقت ڊجيٽل ،پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي هڪ وڏي گروپ جي عملي صورت اختيار ڪري چڪو آهي.انهي لحاظ کان اسان پنهنجي پڙهندڙن ۽ ڏسندڙن جا ٿورائتا آهيون جن “پنهنجي اخبار” جي گروپ کي ايتري ٿوري عرصي ۾ ايڏي مڃتا ڏني آهي.هن جديد ۽ تيز دنيا ۾ جتي هر ماڻهو جي هٿ ۾ هڪ موبائيل فون ڄڻ ڪئميرا وارو ڪم ڪري ٿو جتي هر ماڻهو ڄڻ معلومات جو ذريعو بڻيل آهي جتي اڻ تصديق ٿيل ۽ جلد خبر ڏيڻ جي ڊوڙ ۾ غلط ۽ سنسي تي ٻڌل معلومات عوام تائين پهچائي ڇڏجي، اتي اسان هڪ ذميوار اداري طور انهي چوڻ ۾ڪا هٻڪ محسوس نه ٿا ڪيون ته انهي وهڪري ۾ ناهي وهڻو پر عوام تائين مستند،تصديق ٿيل ۽ سنسي کان پاڪ معلومات پهچائڻ پنهنجي ذميوار ي سمجهون ٿا ۽ پنهنجي پروفيشنل ذميواري کي سڀ کان مٿانهون ۽ مقدس سمجهون ٿا. دنيا جي هر شعبي وانگر صحافت ۾ به ڏينهون ڏينهن جدت ۽ نواڻ اڻٽر آهي ۽ انهي نواڻ ۽ جدت سان هلندي صحافت جي بنيادي قدرن جو خيال رکڻ به اوترو ئي ضروري آهي جنهن سان هڪ صحتمند معاشري ۽ عوام جا اهنج گهٽائڻ جي ذميواري ۾ صحافت ذريعي پنهنجو مقرر حصو وجهي سگهجي. هن وقت صحافت آڏو جيترا چئلينج سامهون آهن ايترا چئلينج شايد ئي ڪڏهن انهي شعبي سامهون آيا هجن.اظهار جي آزادي ۾ رڪاوٽن کان وٺي معاشي پنجوڙن تائين، جٿن جي دٻاءُ کان وٺي سماج جي ضرورتن تائين ڪيترا اهڙا چئلينج سامهون آهن جن کي صحافت منهن ڏئي رهي آهي.
اسان سمجهون ٿا ته انهن چئلينجن هوندي گهٽ عرصي ۾ جيڪا مڃتا ۽ محبت “پنهنجي اخبار ”۽ “ٽائيم نيوز ” پنهنجي پڙهندڙن ۽ ڏسندڙن وٽان ماڻي آهي اها محبت ۽ مڃتا ئي آهي جنهن ڪري اهي چئلينج سامهون هوندي اڳتي وڌڻ جو حوصلو ملي ٿو ،تنهن ڪري ڪو به روايتي وچن ڪرڻ بدران عوام، پڙهندڙن ۽ ڏسندڙن جا ٿورا مڃيندي ايترو ئي چونداسين ته اعتماد ۽ محبت جي انهي رستي کي ڪا وٿي اچڻ نه ڏينداسين.