اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت 2017ع جي ٿيل آدمشماري جي نتيجن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي هلندڙ مالي سال جي 9 مهينن ۾ وفاقي حڪومت کان سنڌ حڪومت کي اين ايف سي ايوارڊ کان 75 ارب رپيا گهٽ جاري ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ جي ٽن اسپتالن کي عالمي سطح تي پذيرائي ملي رهي آهي ته هاڻي وفاقي حڪومت انهن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺڻ چاهي ٿي، سنڌ هائوس ۾ ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هن 2017ع جي آدمشماري جي نتيجن کي سڄي ملڪ مان ڪنهن قبول نه ڪيو، اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته آدمشماري جي انگن اکرن جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ جي ضرورت آهي، اهڙو فيصلو ٿيڻ وقت پي ٽي آءِ مخالف ڌر ۾ هئي، هن چيو ته گذريل 9 مهينن ۾ اين ايف سي ايوارڊ تحت حصي کان سنڌ صوبي کي 75 ارب رپيا گهٽ جاري ڇو ڪيا ويا آهن؟