سنڌي صحافت ۾ ٻه سال اڳ جڏهن “پنهنجي اخبار” جو سفر شروع ٿيو ته ڪيترن ئي ماڻهن اهو سوال اٿاريو ته هن وقت ميڊيا هائوسز بند ٿيڻ جي ڪنڌي تي اچي پهتا آهن اهڙي وقت نئين اخبار شروع ڪرڻ ڪيتري قدر ٺيڪ فيصلو آهي، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هي دور ميڊيا ادارن لاءِ ڏکيو دور آهي پر جيڪڏهن نئين دور جي حساب سان حڪمت عملي ٺيڪ رکي وڃي ته بهتر ڪم ڪندڙ ادارن لاءِ اڃان به گهڻي گنجائش موجود آهي، “پنهنجي اخبار” جي انتظاميا ان لحاظ کان وقتائتو فيصلو ڪيو جو ان اخبار کي روايتي طريقي سان پني واري اخبار تائين محدود رکڻ بجاءَ ان کي ٽيڪنالاجي جي مدد سان نواڻ ڏني. “پنهنجي اخبار” جي ويب سائيٽ ان نواڻ جي ثابتي آهي ايئن اخبار جي خبرن سان گڏ وڊيو رکڻ ۽ لڳاتار اپ ڊيٽس جاري ڪبو رهڻ سوشل ميڊيا تي اپ ڊيٽ ڪرڻ سان اها باقي سنڌي اخبارن کان تڪڙي اڳتي نڪي آئي. هن وقت ميڊيا کي نه رڳو حڪومتن جي سختي جو چئلينج آهي پر ساڳئي وقت مارڪيٽ ۾ خريداري سگهه جي گهٽجڻ، اشتهار نه ملڻ ۽ ڊجيٽل دور جي سوشل ميڊيا جي تيز رفتاري جو به چئلينج آهي. اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جي تيزرفتاري سبب خبر جي ڄمار ننڍي ٿي وئي آهي تنهنڪري صحافين کي هاڻي اخباري خبرن لاءِ نواڻ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان ۾ خبر جو فالو اپ، تحقيقي خبرون، غير رواجي معاملن کي نئين اک سان ڏسي رپورٽ ڪرڻ ۽ بهتر تجزيا ڪرڻ وغيره شامل آهن. روايتي خبرن واري اخبار هاڻي پڙهندڙن کي نه موهي سگهندي، ڇو ته ڇپجڻ تائين هر خبر پراڻي ٿي چڪي هوندي آهي. اخبارن کي هڪ نئين ڏانءُ واري ادارت جي ضرورت آهي. هاڻي ڇهن ڪالمن جي ان ليڊ نيوز کي صبح جو ڪير ڇو پڙهندو جيڪا رات جو ڏهه ڀيرا نيوز بليٽن ۾ مکيه خبر رهي هوندي ۽ سوشل ميڊيا تي پکڙجي چڪي هوندي ان لحاظ کان خبر جي ٽريٽمينٽ بابت رپورٽر توڙي ايڊيٽر کي نئين سر سوچڻو پوندو.
جيئن ته مارڪيٽ ۾ چٽاڀيٽي وڌي چڪي آهي ۽ هاڻي ميڊيا به بنيادي طور ڪاروباري بنيادن تي هلائي وڃي ٿي تنهنڪري ان ۾ گذريل صدي جي نظرياتي سوچ وارن ورڪرن جيان رضاڪار ۽ نيم رضاڪار ڪارڪن نه هلي سگهندا. ميڊيا ادارن کي پروفيشنلزم وڌائڻ لاءِ ميڊيا کي پروفيشنل ڪيريئر بنائيندڙ پڙهيل لکيل ماڻهن لاءِ ماحول پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌي ميڊيا ۾ هينئر تائين ڪو به ادارو اهڙو نظر نه ٿو اچي جتي رپورٽر کان وٺي ڊيسڪ عملي تائين ورڪر کي پروفيشنل ڪيريئر ملي سگهي، ايمانداري سان ڪم ڪندڙ ورڪر ڄمار جا ٽيهه چاليهه سال ان شعبي کي ڏيڻ کان پوءِ گهر وڃڻ وقت سال جي خرچ جيتري بچت به نه ٿو ڪري سگهي. ميڊيا ادارن کي پنهنجي عملي کي قانون موجب سوشل سڪيورٽي جون اهي سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن ۽ گهٽ ۾ گهٽ ايترو معاوضو ڏيڻ گهرجي جو اهي پڙهيل لکيل نوجوان هن شعبي کي ڪيريئر بنائي سگهن.
ٻيو اهم معاملو فني سکيا جو آهي،صحافت خود هڪ انتهائي ذميواري وارو ڪم آهي اخبار توڙي ٽي وي چينلز تي خبر کي ذاتي تعصب کان الڳ ڪرڻ نهايت حساس معاملو آهي.خبر ۾ صفت جو غير معمولي استعمال ۽ ان کي رپورٽر ۽ ايڊيٽر جو ذاتي پسند نا پسند يا سياسي نظريئي جي عينڪ سان ڏسڻ ۽ ٺاهڻ واري بيماري اسان وٽ عام آهي. ٽي وي چينلز تي رڙين واري آواز سان خبر بريڪ ڪرڻ، لفظن جو وڌاءُ ڪرڻ، پنهنجي سوچ ۽ پسند سان خبر ۾ چڱن ۽ ڪسن پاسن کي اڀارڻ ۽ ان کي مخصوص طريقي سان پيش ڪرڻ، چٿر واري ٻولي استعمال ڪرڻ وارا رويا خاص طور تي سنڌي ۽ اردو ميڊيا ۾ عام جام آهن. شايد ئي ڪو ادارو رپورٽرن ۽ ڊيسڪ جي سب ايڊيٽرن جي انهن معاملن تي ڪا تربيت ڪندو هجي. پاڪستان ۾ رڳو ڊان هڪ اهڙي اخبار آهي جيڪا ان معاملي ۾ پروفيشنلزم رويو اختيار ڪندي آهي. سنڌي ميڊيا ادارن ۾ پروفيشنلزم کي وڌيڪ پختو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ميڊيا ورڪرن جي اهڙي تربيت ڪن پروفيشنل ادارن کان ڪرائي وڃي. ميڊيا ادارن جي اصل سگهه هارڊويئر نه پر صحافي جي ذهن جو سافٽ ويئر هجڻ گهرجي. سٺيون آفيسون، سٺا اوزار به تمام ضروري آهن پر ان کان وڌيڪ اهميت ذميواري سوچ ۽ ڏانءُ واري ميڊيا ورڪرن جي آهي، جيئن جيئن ميڊيا صنعت ۾ چٽاڀيٽي وڌندي تيئن تيئن پروفيشنلزم جي گهرج پختي ٿيندي ته جيئن،معيار جي ميدان ۾ سنڌي ميڊيا پاڻ ڳڻائي سگهي.