اسلام آباد (بيورو رپورٽ) روسي پرڏيهي وزير جون وزيراعظم، آرمي چيف سوڌو اعليٰ قيادت سان ملاقاتون، مختلف معاملن تي ڳالهيون، وزيراعظم پاران روسي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني وئي. ڪالهه وزيراعظم عمران خان سان روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، خطي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان افغانستان تڪرار جي سياسي حل تي زور ڏنو. وزيراعظم افغان امن عمل کي هٿي ڏيڻ ۾ روس جي ڪوششن جي به تعريف ڪئي. روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف سان ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته پاڪستان روس سان وڌندڙ لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. پاڪ روس لاڳاپا پاڪستاني پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۾ شامل آهن. جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم عمران خان روسي صدر ولادي مير پيوٽن کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو پيغام به اماڻيو. ملاقات ۾ وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس ۾ روسي صدر سان ملاقات جو ذڪر به ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان ڪشمير مسئلي جي پرامن حل تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. وزيراعظم واپار، توانائي، سلامتي ۽ دفاع جي شعبن ۾ پاڪ روس لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم نارٿ، سائوٿ گيس پائپ لائن پراجيڪٽ تي جلد ڪم ڪرڻ جا ارادا ظاهر ڪيا. ملاقات ۾ وچ اوڀر ۽ عرب ملڪن سميت خطي جي  گڏيل صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ ڪورونا بابت معاشي چيلنجن تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم روس کي ڪورونا وائرس جي خلاف ويڪسين تيار ڪرڻ تي به مبارڪباد ڏني. هوڏانهن روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف آرمي چيف ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان به ملاقاتون ڪيون.