لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ايس ايس پي لاڙڪاڻي جي پي ايس او جي ليڊي پوليس اھلڪار سان وائرل تصوير جو ايس ايس پي لاڙڪاڻو نوٽيس ورتو، پي ايس او مظفر خالدي جي ليڊي پوليس اھلڪار سان ٻانهن ۾ نڪتل تصوير وائرل ٿي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي مسعود بنگش نوٽيس وٺندي کيس معطل ڪندي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پوليس ذريعن موجب تصوير ۾ نظر ايندڙ ليڊي اهلڪار وومين ٿاڻي جي اڳوڻي وڏي منشي آهي، مظفر خالدي جي سوشل ميڊيا تي اھڙي تصوير وائرل ٿيڻ کانپوءِ مختلف تبصرا شروع ٿي ويا، پوليس ذريعن موجب ايس ايس پي جو پي ايس او مظفر خالدي ليڊي پوليس اھلڪارن کي بليڪ ميل ڪندو آهي، ليڊي پوليس اھلڪارن جي بدلين سان گڏ کين پوسٽنگ وٺي ڏيڻ لالچ ڏئي گھرا لاڳاپا رکندو آهي.