اٽو، لٽو ۽ اجهو…!

0
512

علم معاشيات ۾ انساني ضرورتن جا ٽي ڏاڪا ڏنل آهن. جنهن مطابق پهريون ڏاڪو، بنيادي ضرورتن تي بيهڪ رکندڙ آهي، ۽ انهيءَ جا ٽي اسم آهن. “اٽو،لٽو ۽ اجهو” ،ان کانپوءِ هر ماڻهو ٻئي ڏاڪي ڏانهن وڌي ٿو، جنهن کي سؤلو رهڻ چئجي ٿو. جيئن پنڌ هلڻ بدران سائيڪل يا گاڏيءَ جو استعمال، وڃڻي بجاءِ پکي جو استعمال. ويهڻ سمهڻ لاءِ کٽ يا ڪرسيءَ جو استعمال. بيمارين کان بچاءَ لاءِ علاج ڪرائڻ وغيره اچي وڃي ٿو. ٽيون ڏاڪو آهي، سکيو ٿي رهڻ. هن ڏاڪي جي ڪا حد ڪانه آهي. اي سي گاڏين ۾ سفر ڪرڻ، اي سي ڪمرن ۾ رهڻ، وڏيون ڪاشيون جڳهون يا بنگلا ٺهرائڻ. وندر ورونهه جا سامان هٿ رکڻ وغيره شامل آهن.
دنيا جي آباديءَ جي اڪثريت پهرين ٻن ڏاڪن ۾ رهندي زندگيءَ جو وقت پورو ڪري ٿي. اڄ اسان پهرين ڏاڪي کي ذهن ۾ رکندي، پنهنجي ملڪي پاليسين تي ويچارينداسين. انسان جون بنيادي ٽي ضرورتون: کاڌو، اجهو ۽ لٽو، جيڪڏهن واقعي به نه هجن يا انهن مان ڪابه هڪ شيءَ نه هجي ته انسان کي ٻيهر جهنگ يا غارن ڏانهن موٽڻو پوندو. ان جي وضاحت هن ريت ڪجي ٿي ته جيڪڏهن کائڻ لاءِ اناج نه هجي ته ڪنهن جهنگ ۾ ئي وڃي گاهه، پن ميوا، جيت جڻيا نانگ بلائون کائيندو. ٻيو ڇا ڪندو؟ انسان کي جيڪڏهن گهر ٺاهڻ جي طاقت يا حيثيت نه هجي ته ظاهر آهي، انهيءَ کي غارن ڏانهن ئي موٽڻو پوندو. کليي آسمان هيٺ رهڻ سان ڀلا هي ڪيئن موسمن جي سختي جنهن ۾ سيءُ مينهن، گرمي ۽ طوفان وغيره کان پاڻ بچائي سگهندو. انسان جي ٽين ضرورت پوشاڪ موجود ٿي نه سگهي ته ان لاءِ به هن کي جهنگ جو رخ ڪرڻو پوندو ته اتي موجود ٻوٽن جا يا وڻن مان وڏا پن هٿ ڪري پنهنجي جسم کي ڍڪي سگهي! يا جهنگ ۾ مئل جانورن جي کل هٿ ڪري پنهنجي جسم کي ڍڪي سگهي.
هن وقت اسان جي ملڪ ۾ جيڪي مکيه نظام هلي رهيا آهن. اهي بنيادي طرح انگريزن جا قائم ڪيل آهن. جنهن ۾ زمين جي سروي ۽ ان جا نقشا، ڳوٺن قدرتي وهڪرن رستن شهرن، عبادتگاهن ۽ ٻيلن جي موجودگيءَ جا نشان به نقشي تي آندا. ان سان گڏ آبپاشيءَ جو هلندڙ نظام، ريلوي جو نظام، مکيه رستا درياهه ۽ ان سان لاڳو معاملا عمل ۾ آندا. آبپاشي نظام هيٺ واهن شاخن لاءِ وهڪري ۽ ڪپرن کانسواءِ به زمين رکي وئي. درياهه سان لاڳو ٻيلن ۽ اٿل هيٺ زمين جنهن کي ڪچو سڏجي ٿو، مقرر رکي وئي. ريلوي لائين سان گڏ ٻنهي پاسي ريلوي جي نالي سان زمين رکي وئي. مکيه رستن طور وهندڙ دڳ سان واڌو زمين دڳ جي نالي تي پڻ رکي وئي. انسان ۽ ڌرتي هڪ ٻئي لاءِ ضروري آهن نه ڌرتيءَ تي سونهن انسان کانسواءِ رهندي ۽ نه ئي انسان کي ڌرتيءَ کانسواءِ ڪنهن ٻئي هنڌ جياپو ملندو. شروع کان ئي انسان پنهنجون وسنديون يا ته پاڻي وهڪرن خاص طور درياهن ڀرسان ٺاهيون آهن يا وري وهندڙ دڳن تي ڳوٺ ٻڌا اٿن. سبب هي ته سندن مسافريون ۽ واپار سؤلو رهي. ڳالهه کي اڃان به سٺي نموني چٽو ڪرڻ لاءِ بنيادي انساني ضروتن کي ترتيب سان واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي:
خوراڪ: هلندڙ وقت ۾ سنڌي ماڻهن لاءِ جيڪڏهن چئون ته واپار ۾ نه آهن، مڃوسين! هنر ۾ ناهن، مڃوسين! تعليم ۾ پوئتي آهن، مڃيوسين! پر هڪ ڳالهه ضرور مڃڻي پوندي ته زراعت جي پيشي ۾ پوئتي ناهيون. ڪٿي به ڪو زمين جو خالي پيل ٽڪر ڏسبو ته ڊوڙي اچي ان تي پوک ڪبي. انهيءَ فلسفي هيٺ ڪچي جي ماڻهن درياهه جي حدن ۾ ٽپي به پوکي ڪرڻ لڳا آهن. سنڌو درياهه جنهن کي گجگوڙ ڪري وهندڙ درياهه به آڳاٽي ادب ۾ لکيو ويو آهي. ان کي اٺ وانگر ڪيئي سيرون ڏئي پاڻي مٿي ئي روڪي، باقي سنڌ ۾ ڇر جيان وڃي بچايو آهي! درياهه ڀرسان قدرتي ٻيلا ڏوهارين جي آماجگاهه هجڻ جو بهانو ڏئي، ڪافي وقت اڳ ۾ خود سرڪار وڍرائي پٽ ڪري ڇڏيا آهن. هاڻي جيڪڏهن ڪو زميندار يا هاري ناري اچي انهيءَ درياهه جي سڪل پيٽ تي يا وڍيل ٻيلن جي پيل زمين کي پوکي هيٺ آڻين ٿا ته وڏو ممڻ مچي ٿو وڃي ۽ سرڪاري مشينري اچي، انهن پوکن کي ڀيلايو ڇڏي! ملڪ ۾ اناج جي کوٽ جون دانهون ڪندڙ سرڪار کي ڇا اها به مت نه ٿي اچي ته انهن زمينن تي پيدا ٿيندڙ اناج، ڀاڄيون، داليون ۽ ڦٽي وغيره ملڪي ضرورتن جي پورائي لاءِ ڪيترو ضروري آهي.
اجهو: سوچڻ جي ڳالهه هي به آهي ته ڇا واهن، شاخن کي خالي پيل زمين گهرجي؟ ڇا ريل کي به خالي پيل زمين گهرجي؟ ڇا درياهه کي به خالي پيل زمين گهرجي؟ ۽ انسان، جنهن کي حقيقي طور زمين گهرجي، ان کي نه هجي. ڇا هي غريب ماڻهو بحريه ٽائون جا گهر ۽ بنگلا وٺڻ جي لائق آهن؟ سڄي عمر مال متاع چاري، مزدوري ڪندي، پوکون پچائيندي ٻه ٽڪا بچائي ڪو جهڳو ٺاهيو آهي ته سرڪاري ڪرينون اچي، جهڳا ڊاهڻ لاءِ آتيون آهن! سبب هي ته آبپاشي، ريلوي ۽ درياهه جي زمين تي ٺهيل آهي.
لٽو: ڪپڙي جي هول سيل مارڪيٽ گهمو يا ريزڪي دڪان تي وڃو يا ڌاڳي مان ٺهندڙ باقي سامان جي خبر وٺو، هر ڪو ڌاڳي جي روز روز مهانگي ٿيڻ تي گهڻو پريشان آهي! اڪثر واپاري گراهڪن جي مزاحمت تي “اڳتي رب چڱائي ڪري” جي جواب سان گراهڪي ڪري رهيا آهن. ڌاڳي تي ٽيڪسن جو ايترو بار وجهي. مهانگو ڪرڻ مان ڇا سمجهون ته سرڪار عام ماڻهوءَ کان انساني ضرورت جو هي ٽيون اسم به پري ڪري ڇڏيندي!
ملڪي قانون جو احترام ڪرڻ هر شهريءَ تي فرض آهي ته وري سرڪار جي ذميواري به شهرين کي پريشان ڪرڻ نه آهي. سرڪاري حدن ۾ ايندڙ پوک، دڪان، يا گهرن تي سرڪار ڪرايو به مقرر ڪري سگهي. جنهن سان هڪ پاسي سرڪار آمدنيءَ ۾ واڌ اچي سگهي ٿي ته ٻئي طرف عوام به پريشانيءَ کان بچي ويندو. باقي هن نموني پنهنجا فصل ڀيلجندي ۽ گهر ڊهندي ڏسي عورتون ۽ ٻار پڇن ٿا ته اهي ڇو ٿا ڊاهيا وڃن!؟ ڇا رياست مديني ۾ به ڪڏهن ايئن ٿيو هو؟ انسانن جي ٺاهيل قانون هيٺ هي عمل ڇا انصاف لاءِ تحريڪ آهي؟ يا پراڻو مقولو وري نئون ٿيو آهي ته بنگلن وارا نه بس بنگلا گهرجن!