اسلام آباد: سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي نوٽيس جاري

0
537

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي انٽرا ڪورٽ اپيل تي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي نوٽيس جاري، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ يوسف رضا گيلاني جي سينيٽ چيئرمين جي چونڊن بابت انٽرا ڪورٽ اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي، عدالت صادق سنجراڻي ۽ ٻين ڌرين کان 27 اپريل تائين جواب طلب ڪري ورتو، يوسف رضا گيلاني دخواست ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ ۽ پرزائيڊنگ آفيسر جو 7 ووٽ خارج ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي هئي.