جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي درخواست ۽ ملڪي صورتحال

0
486

سپريم ڪورٽ جي ڏھه رڪني فل ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي نظر ثاني درخواست جي ڪاروائي سڌو سنئون نشر ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ڏھه رڪني فل ڪورٽ بينچ پورن ستاويهه ڏينهن کانپوءِ هڪ مختصر حڪم نامو جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي نظر ثاني درخواست جي ڪارروائي سڌو سنئون نشر ڪرڻ واري درخواست تي ڇھن ججن مخالفت ۾ جڏهن ته چئن ججن حق ۾ فيصلو ڏنو آهي. انهيءَ فيصلي جو جائزو وٺجي ته درخواست جي حق ۾ فيصلو ڏيندڙ ججن ۾ جسٽس مقبول باقر، جسٽس منظور ملڪ، جسٽس مظهر عالم ميان خيل ۽ جسٽس منصور علي شاهه شامل آهن جڏهن جسٽس يحييٰ آفريدي پنهجي اضافي نوٽ ۾ وضاحت ڪئي آهي ته هو پنهنجا تفصيلي سبب مرڪزي درخواست جي فيصلي ۾ لکي چڪو آهي. درخواست گذار جي سڌو سنئون ڪارروائي نشر ڪرڻ جي درخواست ان ڪري رد ڪجي ٿي ته جيڪڏهن ان کي اجازت ڏني وئي ته درخواست گذار پاران بطور جج کنيل حلف جي خلاف ورزي هوندي. جسٽس يحييٰ آفريدي پنهنجي اضافي نوٽ ۾ وڌيڪ چيو آهي ته آئين جي شق 19 تحت معلومات تائين رسائي هر شهري جو حق آهي ۽ ڪنهن به عوامي فائدي واري ڪيس يا درخواست ۾ عوام کي اهو حق حاصل هجڻ گهرجي ته هو ڪنهن به عوامي مفاد واري معاملي تي ڪيس جي ڪارروائي سڌو سنئون ڏسي سگهن. ان حوالي سان رجسٽرار اهو مامرو فل ڪورٽ ميٽنگ ۾ پيش ڪري ته جيئن ان جو جائزو وٺي فيصلو ڪري سگهجي. جڏهن ته چئن ججن جي اختلافي فيصلي ۾ مختصر طور چيو آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي نظر ثاني واري درخواست سڌو سنئون نشر ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو اهو هڪ اهم مامرو آهي. انهن چئني ججن جي فيصلي مان ثابت ٿئي ٿو ته اهي چار جج اهو چاهين ٿا ته درخواست گذار جج کي موقعو ملڻ گهرجي ته هو هن عدالت ۾ پنهنجي حق ۽ دفاع ۾ جيڪي دليل ڏئي رهيو آهي اهي ڪهڙا آهن، جيڪڏهن انهن چئني ججن جي اختلاف جو گهرائي ۾ جائزو وٺجي ته هو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ٻڌڻي دوران ڏنل دليلن سان راضي هئا. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي دليلن ۾ واضع طور موقف اختيار ڪيو هو ته اڄ سندس وارو آهي سڀاڻي انهن جو به وارو اچي سگهي ٿو، جيڪڏهن هڪ جج جي ريڪي ٿي سگهي ٿي ته ٻين ججن جي ريڪي ٿي سگهي ٿي. باقي ٻيا پنج جج جن ۾ جسٽس عمر عطا بنديال ،جسٽس سجاد علي شاهه، جسٽس منيب اختر ، جسٽس قاضي امين ، جسٽس امين الدين خان شامل آهن ۽ انهن جي اڪثريتي فيصلي جي بنياد تي درخواست رد ڪئي وئي آهي انهن جو جائزو وٺجي ته انهن ججن جي سامهون جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا دليل سامهون ضرور هوندا پر هنن اهو سوچي ڪارروائي سڌو سنئون نشر نه ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اها اجازت ڏني وئي ته پوءِ هر شهري هر ڪيس ۽ درخواست تي ڪارروائي نشر ڪرڻ جي درخواست ڏئي سگهندو. اهڙي صورتحال ۾ عدالت لاءِ مينيج ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو، مون پنهنجي صحافتي زندگي ۾ عدالتن ۾ رپورٽنگ ڪئي آهي جنهن به عدالت ۾ رپورٽنگ لاءِ ويس اتي سڀ ڪيس ڌرين لاءِ اهم هئا.
اهڙي طرح جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سڌو سنئون نشر ڪرڻ واري درخواست به اهم هئي سندس جو موقف واضح هو ته جڏهن سندس خلاف صدارتي ريفرنس داخل ڪيو ويو ان کانپوءِ حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن رڻ ٻاري ڏنو، سندس فيملي ۽ ٻارن کي به نه بخشيو ويو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو اھو به موقف هو ته ان سڄي عرصي ۾ حڪومتي ڌرين پاران تنقيد ڪئي وئي پر هن يا هن جي گهروارن هڪ لفظ به نه ڳالهايو، هنن جو موقف سامهون ناهي آيو ته ڪيئن حڪومتي ڌر جي پريس ڪانفرنسن ۽ انهن جي موقف جو جواب ڏئي سگهجي. انهن جي جواب ڏيڻ جو واحد فورم هي عدالت آهي ان ۾ ئي دليلن دوران پنهنجو موقف ڏئي سگهان ٿو ۽ حڪومتي ڌر جي موقف تي جواب ڏئي سگهان ٿو،فل ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سڌو سنئون ڪارروائي نشر ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي پر ان درخواست رد ٿيڻ کانپوءِ عدالت ۾ موجود جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي وني سرينا عيسيٰ کوسو روسٽرم تي اچي موقف اختيار ڪيو ته هن وفاقي وزير فواد چوڌري خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي آهي پر ان تي رجسٽرار آفيس ڪو به ايڪشن ورتو ناهي. فواد چوڌري هن عدالت خلاف ڳالهائي ان کي اسڪينڊلائز ڪيو آهي، سرينا عيسيٰ کوسو عدالت کي واضح لفظن ۾ چيو ته لڳي ٿو هن عدالت کي رجسٽرار مينيج ڪري ٿو ۽ هو سڀني ججن کان مٿانهون آهي، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اوهان جي توهين عدالت واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيندي. ان دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سپريم ڪورٽ جي موجوده رجسٽرار خلاف سخت الزام پهريان ئي لڳائي چڪو آهيان ته هو هڪ طرفو ٿي ڪري پنهنجو ڪم ڪري ٿو جڏهن ته سندس منصب ججن وانگر انصاف ڪرڻ لاءِ آهي. جسٽس مقبول باقر به کيس وراڻيندي چيو ته اوهان جيڪڏهن پنهنجن دليلن تي ڌيان ڏيو ته ڏاڍو سٺو ٿيندو.اهو ته واضح آهي ته سڌو سنئون ڪارروائي ڏيکارڻ واري درخواست رد ٿيڻ کانپوءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي نظر ثاني واري درخواست تي نئين حڪمت عملي استعمال ڪرڻي پوندي، نئين سر دليل ڏيڻا پوندا، پنهجن دليلن کي بهتر طريقي سان عدالت جي سامهون رکڻو پوندو. هن صورتحال ۾ هڪ سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته سڌو سنئون نشر ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ستاويهه ڏينهن اڳ مڪمل ڪري ڏھه رڪني ڪورٽ فيصلو محفوظ ڪيو هو اهو ايترا ڏينهن گذرڻ کان پوءِ جاري ڪيو ويو اهو به مختصر فيصلو. جيڪڏهن ستاويهه ڏينهن بعد فيصلو جاري ڪرڻو هو ته تفصيلي فيصلو جاري ڪرڻ گهرجي ها، اهو تفصيلي فيصلو درخواست گذار کي فائدو يا نقصان ڏئي سگهي پيو، عام طور سپريم ڪورٽ ۾ ڏٺو ويو آهي ته عدالت ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هر عام ۽ خاص ڪيس تي ڪورٽ جي ڪمري ۾ ئي اسٽينو ٽائپيسٽ کي آرڊر لکرائيندي آهي پر اهو آرڊر حتمي طور جاري دير سان ٿيندو آهي، آرڊر دير سان جاري ٿيڻ جون دانهون اڪثر ڪري سپريم ڪورٽ ۾ عام سائل جي واتان ٻڌندا رهندا آهيون، اهڙين دانهن کي جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي انتظاميا سامهون رکيو ويندو آهي ته انهن جو دليل به سمجهه ۾ اچڻ وارو هوندو آهي ته ججز حتمي آرڊر مڪمل ڪرڻ کان پهريان ان جي هر لفظ، ان ۾ ڏنل قانون جي مثالن کي هڪ ڀيرو نه ڪيترائي ڀيرا چيڪ ڪندو آهي ته جيئن آرڊر جاري ٿيڻ کانپوءِ ڪا غلطي سامهون نه اچي، اهو ئي سبب هوندو آهي جو آرڊر جاري ڪرڻ ۾ وقت لڳي ويندو آهي. سپريم ڪورٽ جي انتظاميا جو اهو دليل پنهنجي جاءِ تي پر دير سان ڪيس جا فيصلا جاري ٿيڻ سان خاص طور تي ضمانت تي آزاد ٿيندڙ جوابدارن لاءِ پريشاني ٿيندي آهي، اهي ان وقت تائين آزاد ناهن ٿيندا.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي وني سرينا عيسيٰ کوسو جي وفاقي وزير فواد چوڌري خلاف داخل ڪيل توهين عدالت جي درخواست جيڪا ڪجهه ڏينهن ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيندي، ممڪن آهي ته عدالت ان درخواست تي فواد چوڌري کي وضاحت لاءِ نوٽيس جاري ڪري ته هن درخواست گذار جج لاءِ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي اهڙو بيان ڇو جاري ڪيو؟ کانئس اها به پڇا ٿي سگهي ٿي ته ڇا هن کي علم نه هو ته ڪيس عدالت ۾ التوا ھيٺ آهي ۽ هن عدالت جي فيصلن مطابق التوا ھيٺ پيل ڪيسن يا درخواستن تي ڪو به تبصرو نٿو ڪري سگهجي.
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي نظر ثاني درخواست الڳ سان پنهنجا اثر ڇڏيندي. عدالت ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هي پهرين درخواست هئي پر اهو امڪان رد نٿو ڪري سگهجي ته مستقبل ۾ اهڙيون ٻيون به درخواستون اچي سگهن ٿيون ۽ اهو امڪان به رد نٿو ڪري سگهجي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي درخواست کي رد ڪندڙ جج ان ڳالھه تي مستقبل ۾ راضي ٿي وڃن ته عدالت جي ڪارروائي اهم عوامي نوعيت جي درخواست تي سڌو سنئون نشر ڪرڻ گهرجي.
ملڪي صورتحال ۾ هر روز نئين کان نئين صورتحال جنم وٺي رهي آهي،شايد اها صورتحال ملڪ جي مستقبل کي بهتر ڪري.